ناليوارو براڊ ڪاسٽر ﺧﻠﻴﻞ ڪﺎڪﻴﭙﻮٽﻮ سيلف انٽرويو-( فقير محمد سنڌي) ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﺗﻌﺎﺭﻑ ﭘﺎﮠ ڪﺮﺍﻳﻮ؟ ﭘﻮﺭﻭ ﻧﺎﻟﻮ ﺧﻠﻴﻞ ﺍﻟﻠﻪ ڪﺎڪﻴﭙﻮٽﻮ، ﺍﺻﻞ ﮘﻮﭞ ﺩڙﻱ ﺟﺎﮐﺮﻱ، ﺗﻌﻠﻘﻮ ﮘڙﻫﻲ ﻳﺎﺳﻴﻦ ﺿﻠﻌﻮ ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ . ﭘﻴﺪﺍﺋﺶ ﺗﺎﺭﻳﺦ 1963-08-01 ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮘﻮﭞ ﻣﺎﺭﻭﻥ ڪﺎڪﻴﭙﻮٽﻮ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ، ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﮀﮭﻴﻦ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﻻﺀِ ﺩﺍﺧﻼ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ڪﻤﭙﺮﻳﮭﻴﻨﺴﻮِ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺳﮑﺮ ( ﺟﻴڪﻮ ﺍﭲ ڪﻠﻬﻪ ﭘﺒﻠڪ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺁﻫﻲ ) ۾ ﻭﺭﺗﻲ، ﺍﺗﺎﻥ ﻣﺌٽﺮڪ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ڊﮔﺮﻱ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺳﮑﺮ ﻣﺎﻥ ﺍﻧٽﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ( ﭘﺮﻱ ﻣﻴڊﻳڪﻞ ) ۾ ڪﺌﻲ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﭼﺎﻧڊڪﺎ ﻣﻴڊﻳڪﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ 1979 ۾ ﺩﺍﺧﻼ ﭤﻲ، ﻣﻴڊﻳڪﻞ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ C.S.S ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﭤﻴﻮ، ﭔﻪ ﺳﺎﻝ ﮐﻦ ﻣﺤﻨﺖ ڪﺮﻱ C.S.S ڏﻧﻲ ﭘﺮ ﺍﺗﻔﺎﻕ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﭘﺮﭼﻮ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ، ﭘﻮﺀِ ﻫڪ ڏﻳﻨﮭﻦ ﺍﺧﺒﺎﺭ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﭘﺌﻲ ﺟﻨﮭﻦ ۾ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮﻥ ﺟﻮﻥ ﭘﻮﺳٽﻮﻥ ڏﭠﻢ، ﺍﭘﻼﺀِ ڪﻴﻢ، ﺗﺤﺮﻳﺮﻱ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭤﻴﻮ ۽ ﻭﺭﻱ ﺯﺑﺎﻧﻲ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭤﻴﻮ . ﺯﺑﺎﻧﻲ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﻫڪ ﻭﺍﻗﻌﻮ ﭔﮅﺍﻳﺎﻥ ﺗﻪ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﺯﺑﺎﻧﻲ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺟﻮ D.G ﺭﻳڊﻳﻮ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺳﻠﻴﻢ ﮔﻴﻼﻧﻲ، ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ( ﻧﮭﺎﻝ ﺻﺎﺣﺐ ) ﻭﭠﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﻣﺮﺣﻮﻡ ﮔﻴﻼﻧﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺳﺮٽﻴﻔڪﻴٽ ﻭﺭﺗﺎ ۽ ﺷﺎﻳﺪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﻫﺮ ﺍﻣﻴﺪﻭﺍﺭ ﺟﻮﻥ ﻟﮑﺖ ۾ ﮐﻨﻴﻞ ﻣﺎﺭڪﻮﻥ ﺑﻪ ﻫﻴﻮﻥ . ﮔﻴﻼﻧﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺁﻫﺴﺘﻲ ﭜﺮﺳﺎﻥ ﻭﻳﭡﻞ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﮐﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ۾ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ” ﻫﻦ ﺟﻮﻥ ﺳﭛ ڊﮔﺮﻳﻮﻥ ﻓﺮﺳٽ ڊﻭﻳﺰﻥ ۾ ﺁﻫﻦ، ﻟﮑﺖ ۾ ﺑﻪ ﻣﺎﺭڪﻮﻥ ﺳﭡﻴﻮﻥ ﺍﭤﺲ، ﮐﻴﺲ ﺿﺎﻳﻊ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍﺳﻴﻦ “. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﮔﻴﻼﻧﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ڪﻲ ﺑﻪ ﺷﻌﺒﺎ ﭔﮅﺍﺀِ ﺟﻨﮭﻦ ﻣﺎﻥ ﺗﻮﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﻝ ﭘﮁﺠﻦ . ﻣﻮﻥ ﮐﻴﺲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ” ﺗﺎﺭﻳﺦ “ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ “ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻣﺎﻥ ﺗﻐﻠﻖ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ڪﻮ ﺳﻮﺍﻝ ﭘﮁﻴﺎﺋﻴﻦ، ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ! ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺗﻪ ڪﺎﻟﮭﻪ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﮭﻪ ﭤﺎ ﭘﮁﻮ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺗﻪ ﺳﻮﻳﻦ ﺳﺎﻝ B.C ﮐﺎﻥ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻳﺎﺩ ﺁ . ﮀﻮ ﺗﻪ C.S.S ۾ Indo Pak History ﺳﺒﺠﻴڪٽ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ” ﺗﻌﻠﻴﻢ “ ﻣﺎﻥ ﭘﮁﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﺬﺭﻳﻞ ٽﻦ V.C ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭔﮅﺍﺀِ ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ٽﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﻟﻴﺎﺱ ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﭼﺎﭼﻮ ﺁﻫﻲ، ﻫﺎﮢﻲ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺗﻪ ﭼﺎﭼﻲ ڪﮭڙﻱ ﻭﺍﺋﻴﺲ ﭼﺎﻧﺴﻠﺮ ﮐﺎﻥ ﭼﺎﺭﺝ ﻭﺭﺗﻲ ﻫﺌﻲ ۽ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﻧﻲ ﻫﺌﻲ، ﺍﻥ ﺗﻲ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺳﻠﻴﻢ ﮔﻴﻼﻧﻲﺀَ ﮐﻠﻲ ڏﻧﻮ، ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ” ﻭﭶ، ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺳﮅﻱ ﺟﻮﺍﺏ ڏﻳﮡ ﮐﺎﻥ ﻗﺴﻢ ﮐﮣﻲ ﺁﻳﻮ ﺁﻫﻴﻦ “ ﺟڏﻫﻦ ﺭﺯﻟٽ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﺣﻴﺮﺕ ﭤﻲ 40 ﭴﮣﻦ ﻣﺎﻥ ﻣﻴﺮٽ ۾ ﭘﻨﺠﻮﻥ ﻧﻤﺒﺮ ﻫﻮ، 1987 ﻉ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﮭﻪ ﺁﻫﻲ . ﺟﻮﻥ ﻣﮩﻴﻨﻲ ۾ . ﺭﻳڊﻳﻮ ۾ ﺍﭼﮡ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺳﺎﻥ ڪﺎ ﻭﺍﺑﺴﺘﮕﻲ ﻫﺌﻲ؟: ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭔﮅﮠ ﺟﻮ ﺍﺗﻔﺎﻕ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺭﻳڊﻳﻮ ڪڏﻫﻦ ﺟﻮﺍﺋﻦ ڪﻴﻮ ۽ ڪﭥﻲ ڪﭥﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻴﻮ؟: ﺭﻳڊﻳﻮ 20 ﺟﻮﻥ 1987 ﻉ ﺗﻲ ﺟﻮﺍﺋﻦ ڪﻴﻮ، ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﻃﻮﺭ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ، ڪﻮﺋٽﻪ، ڪﺮﺍﭼﻲ، ﻻڙڪﺎﮢﻮ . ﺧﻀﺪﺍﺭ ۽ ﻣﭡﻲﺀَ ۽ ﻫﺎﮢﻲ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﺁﻫﻴﺎﻥ . ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻃﻮﺭ ﻣﻠﺘﺎﻥ ﺑﻪ ﺭﻫﻴﺲ . ﺍﻧﮭﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﻳﻮﻧٽﻦ ۾ ڪﮭڙﻱ ﻳﻮﻧٽ ﺗﻲ ڪﻢ ڪﺮﮠ ۾ ﻭﮄﻳڪ ﻣﺰﻭ ﺁﻳﻮ؟: ﺳﭝﻨﻲ ﻳﻮﻧٽﻦ ﺗﻲ ڪﻢ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻪ ڪﺎﺭ ﺗﻪ ﺗﻘﺮﻳﺒّﺎ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﺁ، ﺍﻟﺒﺘﻪ ﻭڏﻥ ﺷﮭﺮﻥ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃﻥ ﺷﮭﺮﻥ ﺟﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ڪﺠﮭﻪ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۽ ﭔﮅﮠ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺑﺴﺘﮕﻲ ﺟﻮ ڪﺠﮭﻪ ﻓﺮﻕ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﮭڙﺍ ڪﮭڙﺍ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ڪﻴﺎ ﺍﭤﻮ؟: ﺳﺮﻭﺱ ﺟﻲ ڊﮔﮭﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ ﺳﭛ ڪﻴﺎ ﻫﺠﻦ ۽ ﻫﺮ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺁﻫﻲ . ﺭِﻳڊﻳﻮ ۾ ﺳﻴﻨﻴﺌﺮﺱ ﺟﻮ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﺭﻭﻳﻮ ڪﻴﺌﻦ ﺭﻫﻴﻮ؟: ﺭﻳڊﻳﻮ ۾ ﺟﻴﺘﺮﻱ ﻗﺪﺭ ﺳﻴﻨﻴﺌﺮﺱ ﺟﻲ ﺗﻌﺎﻭﻥ ۽ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺁ، ﻇﺎﻫﺮ ﺁ، ﺳﭛ ﻣﺎﮢﮭﻮ ﻫڪ ﺟﻬڙﺍ ﻧﺎﻫﻦ، ﻫﺮ ڪﻨﮭﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﺍﻟﮗ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺁ، ﺭﻭﻳﻮ ﺁ، ﺑﺎﻗﻲ ﺳﭽﻲ ﮘﺎﻟﮭﻪ ﺍﻫﺎ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺘﺮﻭ ﺗﻌﺎﻭﻥ ۽ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺟﻮﻧﻴﺌﺮﺱ ۽ ﺍﺳٽﺎﻑ ﺳﺎﻥ ﺁﻫﻲ، ﺍﻫڙﻱ ﻣﻮٽ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﻴﻨﻴﺌﺮﺱ ﮐﺎﻥ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ . ﺭﻳڊﻳﻮ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﭔﻴﻮﻥ ﻣﺼﺮﻭﻓﻴﺘﻮﻥ ﻳﺎ ﻣﺸﻐﻼ؟: ﭤﻮﺭﻭ ﮔﮭﮣﻮ ﭘڙﻫﮡ ﻟﮑﮡ، ﺑﺎﻗﻲ ﺍﻫڙﻱ ڪﺎ ﺧﺎﺹ ﻣﺼﺮﻭﻓﻴﺖ ڪﻮﻧﮭﻲ . ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﻱ ۾ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﺍﺀِ ڪﮭڙﻱ ﺁ؟: ﻣﺎﻥ ﺳﻤﺠﮭﺎﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ﺟﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﺳﮅﻭ ۽ ﮔﮭﺮﻭ ﺗﻌﻠﻖ ﺁﻫﻲ، ﺍﮔﺮ ﭔﮅﻧﺪڙ ڪﻨﻬﻦ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻲ ﺟﺎﺋﺰ ﺷڪﺎﻳﺖ، ﺗﻨﻘﻴﺪ ﻳﺎ ﺗﻌﺮﻳﻒ ڪﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ، ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺑﻪ ﻣﺤﺘﺎﻁ ﭤﻮ ﺭﻫﻲ . ﺭﻳڊﻳﻮﺟﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻣﻦ ﮐﻲ ڪﻴﺌﻦ ﺑﻬﺘﺮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺳﮕﮭﺠﻲ ﭤﻮ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﺍﺀِ ڏﻳﻮ؟: ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻲﺀَ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﺪِﻧﻈﺮ ﺭﮐﮣﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ﺟﻲ ﺭﺍﺀِ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺍﺣﺘﺮﺍﻡ ڪﺮﮢﻮ ﺁﻫﻲ . ﭘﺮﺍﺋﻴﻮﻳٽ ﭼﻴﻨﻠﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﻣﺎﺭ ۾ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ڪﭥﻲ ﺑﻴﭡﻮ ﺁﻫﻲ؟: ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺁﻫﻲ . ﭘﺮﺍﺋﻴﻮﻳٽ ﭼﻴﻨﻠﺲ ﺍﭼﮡ ﺳﺎﻥ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺟﺎ ﭔﮅﻧﺪڙ ﻭﺭﻫﺎﺋﺠﻲ ﺿﺮﻭﺭ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ . ﺍﮔﺮ ڪﻨﻬﻦ ﭔﮅﻧﺪڙ ﮐﻲ ڪﻨﻬﻦ ﭼﻴﻨﻞ ﺗﺎﻥ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﭤﻲ ﻣﻠﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ﻧﻪ ﭤﻮ ڪﺮﮢﻮ ﭘﻮﻱ، ﻫڪ ﺋﻲ ﻭﻗﺖ ڪﻴﺘﺮﺍ ﭼﺌﻨﻞ ﻫﻠﻦ ﭤﺎ، ﭘﺮ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ ڪﻦ ﺣﻮﺍﻟﻦ ﺳﺎﻥ ﭔﮅﻧﺪڙ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻦ ﭤﺎ . ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ﮐﻲ ڏﺳﻮﻥ، ﭘﺮﺍﮢﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﻭﺍﺭﺍ ﻓﻨڪﺎﺭ ﭘﺮﺍﺋﻴﻮﻳٽ ﭼﻴﻨﻠﺰ ﺗﺎﻥ ڪﻮ ﻧﻪ ﭤﺎ ﻫﻠﻦ . ﺍﮔﺮ ڪﻮ ﭔﮅﻧﺪڙ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻱ ﻣﻮٽ ڏﻧﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ ۽ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺟﺎﺋﺰ ﺷڪﺎﻳﺖ ﺟﻮ ﺍﺯﺍﻟﻮ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭔﮅﻧﺪڙ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ ﭘﺎﺭﺍﻥ ڏﻧﻞ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﻳﺎ ﺗﻨﻘﻴﺪ ڏﻧﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ڪﻨﻬﻦ ﭘﺮﺍﺋﻴﻮﻳٽ ﭼﻴﻨﻞ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﺎ ﺧﺒﺮ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺍﺧﺒﺎﺭ ۾ ﻧﻪ ﭘڙﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺍِﻫﺎ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ﺁﻫﻲ . رﻳڊﻳﻮ ﺟﻮ ڪﻮ ﺩﻟﭽﺴﭗ ﻭﺍﻗﻌﻮ؟: ﺭﻳڊﻳﻮ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺗﻲ ﺟڏﻫﻦ ﻧﺌﻮﻥ ﻧﺌﻮﻥ ﺁﻳﺲ ﺗﻪ Live ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﭘﺌﻲ ڪﻴﻢ، ﺟﻼﻝ ﭼﺎﻧڊﻳﻲ ﺟﻮ ﻫڪ ڊﮔﮭﻮ ڪﻼﻡ ﻫﻮ 12-10 ﻣﻨٽ ﮔﺬﺭﻳﺎ ﺍﭸﺎﻥ ﻫﻠﻲ ﭘﻴﻮ، ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺟﻴڪﻮ ﺷﻴﺸﻲ ﮐﺎﻥ ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﻭﻳﭡﻮ ﻫﻮ، ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﭘﺌﻲ ﭼﺎﻫﻴﻢ، ﻫﻦ ﺍﺷﺎﺭﻱ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﮭﻴﻮ ۽ ﻣﺎﺋﻴڪ On- Air ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﺎﺋﻴﻦ، ﻣﻮﻥ ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﮐﻲ ﻣﺬﺍﻕ ۾ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ” ڪﻼﻡ ﻣﺎﻥ ﺗﻪ ﭰﺎﺳﻲ ﻭﻳﺎﺳﻴﻦ ﮐٽﻲ ﺋﻲ ﻧﻪ ﭤﻮ “. ﭘﻮﺀِ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﺟﻤﻠﻮ ﺑﻪ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺗﺎﻥ ﻫﻠﻲ ﻭﻳﻮ . ﺧﻴﺮ، ڪﺎﻓﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮﻥ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺗﺠﺮﺑﻲ ۽ ﻭﻗﺖ ﺳﺎﻥ ﭤﻮ ﺳﮑﻲ . ﻫڪ ﺳﭡﻲ ﭘﻴﺸڪﺎﺭ ﺟﻮﻥ ﺧﻮﺑﻴﻮﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﻥ ۾؟: ﺳﭡﻲ ﭘﻴﺸڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﻲ ﺍﻫﺎ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭ ﮐﻲ ﺫﻫﻦ ۾ ﺿﺮﻭﺭ ﺭﮐﻲ ﻣﺜﺎﻝ ﻃﻮﺭ ﺍﺳﻴﻦ Quiz Program ﺭﻳڊﻳﻮ ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ﺗﺎﻥ ﭤﺎ ڪﺮﻳﻮﻥ ﺗﻪ ﺍﺗﺎﻥ ﺟﻮ ﭔﮅﻧﺪڙ ﺍﮔﺮ ڪﻨﻬﻦ ﻻﺋﺒﺮﺭﻱ ۾ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻫﺮ ڪﺘﺎﺏ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﮭﻨﺪﻭ، ﭘﺮ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺍﮔﺮ ﺍﺳﻴﻦ ﺭﻳڊﻳﻮ ﻣﭡﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﭤﺎ ڪﺮﻳﻮﻥ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ڏﺳﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪﻭ ﺗﻪ ﻫﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﭔﮅﻧﺪڙ ﮐﻲ ڪﻴﺘﺮﺍ ﻭﺳﺎﺋﻞ ﻣﻴﺴﺮ ﺁﻫﻦ . ﺳﻮ ﭘﻴﺸڪﺎﺭ ﮐﻲ Locality ۽ ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ﺟﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪ ۽ ﻣﻌﻴﺎﺭ ﮐﻲ ﺿﺮﻭﺭ ﺫﻫﻦ ۾ ﺭﮐﮡ ﮔﮭﺮﺟﻲ . ڪﻮ ﻣﭹﺘﺎ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﻣﻠﻴﻮ ﺁﻫﻲ ۽ ڪﻬڙﺍ ﻓﻨڪﺎﺭ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﻳﺎ ﺍﭤﻮ؟: ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻣﻠﺘﺎﻥ ﺗﻲ ﺟڏﻫﻦ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻫﻴﺲ ﺗﻪ ﻣﻠﺘﺎﻥ ۾ ﭤﻴﻨﺪڙ O.D.I ڪﺮڪﻴٽ ﻣﺌﭻ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮ ڪﻮﺭﻳﺞ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻫﻴڊ ڪﻮﺍﺭٽﺮ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﻣﭹﺘﺎ ﺳﺮٽﻴﻔڪﻴٽ ڏﻧﺎ ﻭﻳﺎ ﻫﺌﺎ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﺍﻃﻼﻋﺎﺕ ﺍﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﭘﺎﺭﺍﻥ PTV Lahore ۽ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻣﻠﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﮔڏﻳﻞ ﺳﻬڪﺎﺭ ﺳﺎﻥ ڪﺠﮫ ﻣﺤﻔﻞ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲ ﺟﺎ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﺎ ﻭﻳﺎ ﻫﺌﺎ، ﺍﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﭹﺘﺎ ﺳﺮٽﻴﻔڪﻴٽ ﻣﻠﻴﺎ ﻫﺌﺎ . 26 ﺳﺎﻝ ﺳﺮﻭﺱ ﺩﻭﺭﺍﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﻤﭙﻴﺌﺮ . ﺍﻧﺎﺋﻮﻧﺴﺮ ۽ ﻓﻨڪﺎﺭ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﻳﺎ ﺁﻫﻦ . ﺍﻳﺘﺮﺍ ﻧﺎﻻ ﻳﺎﺩ ﻧﻪ ﭤﺎ ﺍﭼﻦ . ﺑﺎﻗﻲ ﺧﺎﺹ ﻃﻮﺭ ﺭﻳڊﻳﻮ ﻣﭡﻲ ﺗﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺑﻪ ڪﻤﭙﻴﺌﺮ ۽ ﺍﻧﺎﺋﻮﻧﺴﺮ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ڪﻢ ڪﻦ ﭤﺎ ﺍﻫﻲ ﺍڪﺜﺮ ﺍڪﺒﺮ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ﭤﻴﻞ ﺁﻫﻦ . ﺷﺮﻭﻉ ۾ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺍﺳﺎﻥ ﭔﻪ ﺋﻲ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ . ﺍﻫڙﻱﺀَ ﻃﺮﺡ ﻣﻠﺘﺎﻥ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺗﻲ FM ﭼﺌﻨﻞ ﺟڏﻫﻦ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺷﺮﻭﻋﺎﺗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ڪﺠﮫ ﻭﻗﺖ ﻣﺎﻥ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﻫﻮﺱ . ﺍﺗﻲ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﻤﭙﻴﺌﺮ Approve ڪﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﺍﺩﺏ ﻳﺎ ﺷﻌﺮ ﻭ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ڪﻮ ﻭﺍﺳﻄﻮ؟: ﭘڙﻫﮡ ﺟﻲ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ . ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﺍﻭﻻﺩ ڪﻴﺘﺮﻭ ﺁﻫﻲ؟: ﺧﻴﺮ ﺳﺎﻥ 5 ﭔﺎﺭ ﺁﻫﻦ . ﭔﻪ ﭘٽ ۽ ٽﻲ ﻧﻴﺎﮢﻴﻮﻥ . ﺭﻳڊﻳﻮ ۾ ﻧﻪ ﻫﺠﻮ ﻫﺎ ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ ڪﭥﻲ ﻫﺠﻮ ﻫﺎ؟: ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ C.C.S ڪﻴﺎﻥ ﻫﺎ، ﻣﻴڊﻳڪﻞ ﺷﻌﺒﻮ ﺟﻮﺍﺋﻦ ڪﻴﺎﻥ ﻫﺎ . ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪ ۽ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅﺍﻳﻮ؟: ﺟﻴڪﺎ ﺷﻲﺀِ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺗﻲ ﭘﻮﻱ ﺍﻫﺎ ﭘﺴﻨﺪ ﺁ ﻧﻪ ﭘﻮﻱ ﺗﻪ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪ آ.