منھنجو نڀاءُ مارن سان! خاور قبولائي.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﻧﭝﺎﺀٌُ ﻣﺎﺭُﻥ ﺳﺎﻥ! ﺧﺎﻭﺭ ﻗﺒﻮﻻﺋﻲ
    سيلف انٽرويو(فقير محمد سنڌي )
    منهنجي زندگيءَ جو مختصر تعارف؟
    ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﺟﻨﻢ 1971 ﻉ ﮄﺍﺭﻱ ﺳِﻮﻝ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﭤﻴﻮ . ﺑﺎﺑﺎ ۽ ﺍﻣڙ ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﮀﭡﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻮﺳﻲٰ ﺳﺮﮔﺎﮢﻲ ﺭﮐﻴﻮ . ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﺑﺎﺑﺎ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺳﭵﮡ ﻋﻠﻲ ﺳﺮﮔﺎﮢﻲ ﺍﻟﻤﻌﺮﻭﻑ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺳﭵﮡ ﻗﺒﻮﻻﺋﻲ ﺁﻫﻲ . ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﮘﻮﭞ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ڏﻧﻮ ﺟﻮﮢﻴﺠﻮ ‏( ﻗﺒﻮﻟﻮ ‏) ﺟﻴڪﻮ ﻗﺪﻳﻢ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻲ ﺩڙﻱ ﺟﻲ ڏﮐﮡ ﻃﺮﻑ ﺩﺍﺩﻭ ڪﺌﻨﺎﻝ ﺟﻲ ڪﭙﺮ ﺗﻲ ﺍٽڪﻞ ٽﻴﻬﻪ ڪﻠﻮ ﻣﻴٽﺮﻥ ﺟﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﺁهي.
    ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺳﻔﺮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﮘﻮﭞ ﻗﺒﻮﻟﻮ ﮐﺎﻥ ﭤﻴﻮ، ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺍُﺗﻲ ﺋﻲ ﭘِﺮﺍﺋﻲ ﭘﻮﺀِ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﻣڊﻝ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻋﺜﻤﺎﻥ ڪﻠﮭﻮڙﻭ ۾ ﺍَﭞَ ﺩﺭﺟﺎ ﭘﺎﺱ ڪﻴﻢ، ﻣﺌٽﺮڪ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﻭﺭﻱ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺭﺍﮄﮠ ﺿﻠﻊ ﺩﺍﺩﻭ ﻣﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﺮﻱ ﭘﻮﺀِ ﺍﻧٽﺮ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﺣﻴﺪﺭ ﺑﺨﺶ ﺟﺘﻮﺋﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ڪﺎﻟﻴﺞ ڏﻭڪﺮﻱﺀَ ﻣﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﻢ .
    ﺑﻲ ﺍﻱ ۽ ﺍﻳﻢ ﺍﻱ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪﺍﻟﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﻣﺎﻥ ڪﻴﻢ ﺑﻲ ﺍﻳڊ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﻭﺭﻱ ﻋﻼﻣﻪ ﺍﻗﺒﺎﻝ ﺍﻭﭘﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ﻣﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﻢ ۽ 1990 ﻉ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻃﻮﺭ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ .
    ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻫڪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺳڪﻮﻝ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﺳﻴﻨٽ ﺟﻮﺯﻑ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ۾ ﻧﻮڪﺮﻱ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﺭﻳڊﻳﺎﺋﻲ ﺳﻔﺮ 1997 ﻉ ﮐﺎﻥ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻴﻮ ۽ ﺍﻫﻮ ﻫڪ ﺍﺗﻔﺎﻕ ﻫﻴﻮ، ﺁﻏﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺍﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺭﺳﺎﻟﻮ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺍﻥ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ۾ ﻣﻮﻥ ﺟڏﻫﻦ ﻫڪ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻧٽﺮﻭﻳﻮ ڏﻧﻮ ﺗڏﻫﻦ ﻣﻮﺻﻮﻑ ﮐﻲ ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﮔﻔﺘﮕﻮ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ۽ ﺁﻭﺍﺯ ﺑﻴﺤﺪ ﻭﮢﻴﻮ، ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺧﺎﻭﺭ ﺗﻮﻥ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﻻﺀِ ﺍﺩﺑﻲ ﺧﺒﺮﻭﻥ ﺳﻬﻴڙﻱ ﺍﻳﻨﺪﻭ ڪﺮ ۽ ﻫﺮ ﻫﻔﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ۾ ﺷﺮﻳڪ ﭤﻲ، ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﺟﻮ ڪﻤﭙﺌﻴﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﺪﺍﻳﺖ ﻣﻨﮕﻲ ﻫﻮ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﻻﺋﻴﻮ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ڪﺮﮠ ۾ ڏﺍﮂﻭ ﻣﺰﻭ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ ۽ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﭔﻪ ﺳﺎﻝ ﻣﻮﻥ ﺍﻥ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ۾ ﻧﭝﺎﻳﻮ ﭘﻮﺀِ ڪﻦ ﻣﺠﺒﻮﺭﻳﻦ ﺳﺒﺐ ﺭﻳڊﻳﻮ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺧﻴﺮ ﻳﺎﺩ ﭼﺌﻲ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﻳﺲ . ﺭﻳڊﻳﻮ ﺗﻲ ﭔﻴﻬﺮ ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﺍﭼﮡ ﭤﻴﻮ 2007 ﻉ ۾ ﮀﻮ ﺗﻪ ﻣﺎﻥ ﮘﻮﭠﺎﻥ 2004 ﻉ ۾ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﻫﺠﺮﺕ ڪﺮﻱ ﭘﻬﭽﻲ ﭼڪﻮ ﻫﻴﺲ ﺍﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺭﻳڊﻳﻮ ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﻣﻴڊﻳﻢ ﻭﻳﻮﺯ 1305 ڪﻠﻮ ﻫﺮٽﺰ ۽ ﺍﻳﻒ ﺍﻳﻢ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﮔڏﻳﻞ ﻧﺸﺮﻳﺎﺕ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ .
    ﻓﻴﺒﺮﻭﺭﻱ 2007 ﻉ ﮐﺎﻥ ﻭﺭﻱ ﭔﻴﻬﺮ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻱ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﺍﻧﺎﺋﻮﺳﺮ ﻃﻮﺭ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﺭﻳڊﻳﺎﺋﻲ ﺳﻔﺮ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ . ۽ ﻫڪ ﻭﺿﺎﺣﺖ ﺿﺮﻭﺭ ڪﻨﺪﺱ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﺳﻴﺪ ﻋﺎﺑﺪ ﻋﺒﺎﺱ ڪﺎﻇﻤﻲ ۽ ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺍﺩ ٽﺎﻧﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺳﻔﺮ ﭔﻴﻬﺮ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻢ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ ﺍﻧﺎﺋﻮﺳﺮ ﻃﻮﺭ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﺎﻧﭝﮡ ﺻﺎﺣﺐ ﺍﻳﭙﺮﻭﻭ ڪﻴﻮ ﻣﺬڪﻮﺭﻩ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﺍﻧﺎﺋﻮﺳﺮ ﻃﻮﺭ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ . ﻭﺳﻨﺪ ﻋﻠﻲ ﻣﻬﺮ ﺟﻲ ﭘﻴﺸڪﺶ ۾ ﻧﺸﺮ ﭤﻴﻨﺪڙ ﺫﻫﻨﻲ ﺁﺯﻣﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ ﭘﺮﻭﮔﺮﺍﻡ ﻟﻮﭼﻴﻨﺪڙ ﻟﻬﻦ ﭘﮡ ﻫﺮ ﺍﮜﺎﺭﻱ ﺗﻲ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو