30 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    30جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي.

    30 جنوري 1907ع تي مير حسن علي خان ٽالپر وفات ڪئي. وصيت مطابق سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو ويو پاڻ تمام سٺو شاعر هو.

    30 جنوري 1922ع تي قانون جو عالمي ڏينھن پهريون ڀيرو ملھايو پيو وڃي.

    30 جنوري 1925ع تي آمريڪي ڪمپيوٽر مائوس جو موجد ۽ ڪمپيوٽر سائنسدان ڊگلس اينجلبارٽ، جو جنم ڏينهن آهي.

    30 جنوري 1933ع تي هٽلر چانسلر جي وڏي عھدي تائين وڃي پھتو.

    30جنوري1941ع تي ڊڪ چني، آمريڪي واپاري ۽ سياستدان جو جنم ڏينهن آهي.

    30 جنوري 1948ع تي شاعر مرزا فتح علي بيگ جو جنم ڏينھن آهي.
    30 جنوري 1948ع تي ڀارت جي باني موهن داس ڪرم چند گانڌي کي قتل ڪيو ويو.
    30 جنوري 1952ع تي سير سفر ۽ تحقيق ڪندڙ اشتياق انصاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    30 جنوري 1962ع تي يار ويس ۽ درويش صفت نيڪ مرد مرزا علي حسين بيگ وفات ڪئي.
    30 جنوري 1971ع تي انڊين ايئر لائينز جو جھاز اغوا ڪري ڪشميري نوجوان لاهور ۾ لاٿو.
    30 جنوري 1972ع تي ڪلري ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ڪينجهر رکيو ويو.
    30 جنوري 1972ع تي پاڪستان دولتِ مشترڪه کان علحدگي اختيار ڪئي.
    30 جنوري 1982ع تي روز ويلٽ نيو يارڪ ۾جنم ورتو.
    30 جنوري 1985ع تي شاعر اشرف پلي جو جنم ڏينھن آهي.
    30 جنوري 1990ع تي شاعر ۽ صحافي بدر قريشيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
    30 جنوري 1996ع تي ملڪ جي وزيراعظم بينظير ڀٽو لاڙجي هڪ تاريخي ۽ پراڻي ننڍي ڪوٺڙيءَ ڪيٽي بندر جو پاور هائوس هڻڻ جي سنگ بنياد واري افتتاحي تقريب ۾ هڪ نئين دور ۾ اڳتي قدم وڌايو.

    30 جنوري 2003ع تي بيلجيم باضابطه طور تي هم جنس پرستن جي شادي کي قانوني قرار ڏنو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو