31جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    31جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    31جنوري 733ع تي امام محمد باقر علیہ السلام جي شھادت جو ڏينهن آهي.
    31 جنوري 1893ع تي شهنشاهه نڙائي شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ دڙي لائق پور جي وچ ۾ ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ ڄائو.
    31جنوري 1915ع تي پهرين عالمي جنگ: جرمني، روس خلاف زهريلي گئس جو استعمال ڪيو .
    31 جنوري 1933ع تي انگريز ناول نگار ۽ ڊراما نگار جان گيلس ورٿ، جو وڇوڙو ٿيو..
    31 جنوري 1937ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي پھرين اليڪشن ٿي جنھن ۾ ڪل 60 سيٽون مخصوص هيون.
    31 جنوري 1945ع تي ناول نگار ۽ ليکڪ عبدالحئي پليجو جو جنم ڏينھن آهي.
    31جنوري1953ع تي آمريڪي صدر هيري ٽرومين هائيڊروجن بم پروگرام کي مضبوط ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
    31 جنوري 1951ع تي مشھور شاعر سيماب اڪبر آباد جو وڇوڙو ٿيو.
    31 جنوري 1951ع تي آمريڪا خلائي ڊوڙ ۾ داخل ٿيو.
    31جنوري1953ع تي هالينڊ ۾ خطرناڪ ٻوڏ سبب 1800 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
    31 جنوري 1960ع تي جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
    31 جنوري 1961ع تي نئين ٽهي جو شاعر شاهه محمد پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ (موهن جو دڙو) ۾ جنم ورتو.
    31 جنوري 1963ع تي امجد سراج ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو. سڃاڻپ، ناول نگار، افسانه نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي اٿس.
    31جنوري 1968ع تي نيرو، آسٽريليا کان آزادي حاصل ڪئي.
    31 جنوري 1977ع تي پاڪستان ۾ هٿياربند فوج جو پھريون هفتو ملهايو ويو.
    31جنوري 1981ع تي آمريڪي ڳائڻي، ڊانسر ۽ اداڪار جسٽن ٽمبرليڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    31 جنوري 1982ع تي نيپال جو سربراهه شاهه بڪرم جو جنم ڏينھن آهي.
    31 جنوري 1984ع تي عالم دين ۽ شاعر سيد نجي الله شاهه راشدي گذاري ويو.
    31 جنوري 1990ع تي ممتاز اردو شاعر ۽ نقاد انجم اعظمي، جو وڇوڙو ٿيو.
    31 جنوري 1988ع تي شاعر ساگر سيتائي جو لاڏاڻو ٿيو.
    31 جنوري 1999ع تي شاعر سڪايل ملاح گوزائي جو لاڏاڻو ٿيو.
    31 جنوري 2004ع تي اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جو لاڏاڻو ٿيو.
    31جنوري 2004ع تي پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان عبدالقدير خان تي ائٽمي ٽيڪنالاجي پکيڙڻ جو الزام سامھون آيو .
    31 جنوري 2007ع تي صحافتي پيشي سان جڙيل قاضي سعيد اڪبر جو وڇوڙو ٿيو.
    31 جنوري 2008ع تي شاعر ميرل جويو راهه رباني ورتي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو