فيبروري عيسوي سال جو ٻيو مھينو فيبروري آهي. هن مھيني جو نالو به هڪ رومي ديوتا ”فيبرا“ (FEBRUA) جي نالي تي رکيو ويو آهي. هي ديوتا مذهبي خوشي جي علامت هو. گهڻو وقت اڳ رائج روما ڪلينڊر ڏهن مهينن جو هوندو هو، پر پوءِ جو ليس سيزران ڪيلينڊر ۾ فيبروري جي مھيني جو اضافو ڪيو. پھرين فيبروري 1740ع تي نادر شاهه سنڌ ۾ پهتو. پھرين فيبروري 1877ع تي سنڌ جي بي مثال عوامي شاعر، مولوي احمد ملاح تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1895ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنماءَ، محمد هاشم گذدر جيسلمير ۾ ڄائو. پھرين فيبروري 1936ع تي سنڌ جو نالي وارو محقق، مترجم ۽ مضمون نگار عطا محمد ڀنڀرو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. پھرين فيبروري 1940ع تي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره ڀڳونتي ناواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1942ع تي ناميارو استاد، شاعر ۽ نثر نگار الهورايو بهڻ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ ڳوٺ گڙنگ ۾ ڄائو. پھرين فيبروري 1943ع تي اسماعيل يوسف ڪاليج بمبئي جو افتتاح قائد اعظم محمد علي جناح ڪيو. پھرين فيبروري 1946ع تي هنگري کي آزادي ملي. پھرين فيبروري 1946ع تي ٽريگولائي اقوام متحده جو پھريون جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. پھرين فيبروري 1961ع تي نوجوان شاعر، گوهر سنڌي پورو علي گوهر سومرو، رستم ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1967ع تي سڄاڻ ليکڪ، صحافي ۽ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل اندر جيت لوهاڻو ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ ڄائو. پھرين فيبروري 1969ع تي شاعر عزيز سيتائي، محمد علي خان ٻگهيو جي گهر سيتا روڊ رحماني ننگر ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1970ع تي ليفٽيننٽ جنرل عتيق الرحمان مغربي پاڪستان جو گورنر بڻيو. پھرين فيبروري 1971ع تي اداڪار خير محمد ڏاهري ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1975ع تي راڳي، مريد علي ڄامڙو، ڳوٺ گل ڄامڙي ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1978ع تي نوجوان شاعر رحمت الله پيرزادو ولد مير محمد پيرزادو سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظرآباد) ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1978ع تي نوجوان صحافي رئوف چانڊيو جو پورو نالو عبدالرئوف ولد عبدالغفور چانديو، ڳوٺ پنهون خان چانڊيي، تعلقي ميروخان ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1980ع تي نوجوان ٽھيءَ جو شاعر ياسين چانڊيو ولد خادم حسين چانڊيو تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. پھرين فيبروري 1982ع تي صفدر علي مھيسر ولد حسن علي مھيسر جي گهر رفيق مھيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ايڊيٽر اٿس. پھرين فيبروي 1984ع تي فراز عالم، اصل نالو حبدار علي سولنگي ڳوٺ نھال خان سولنگي ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس. پھرين فيبروري 1989ع تي ڪالم نگار، صاحب خان ڀٽي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. پھرين فيبروري 1997ع تي سنڌ جو مايه ناز فنڪار، نور محمد لاشاري لاڏاڻو ڪيو.