• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2هين فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
2فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي.

2 فيبروري 1901ع تي علي اڪبر شاهه ولد سيد احمد شاهه ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ. پاڻ اعليٰ پائي جو عالم دين، سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي.
2 فيبروري 1914ع تي پروفيسر غلام حسين جلباڻي نوشھروفيروز جي جلباڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1925ع تي استاد الشعراء ۽ حڪيم مرتضى ”اعظم“ عباسي، ادبي نالو ”ملازم“ ۽ پوءِ ”اعظم“ ولد ميان جان محمد جي گهر ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1935ع تي لقمان ثاني، صاحب تقويٰ مفتي غلام عمر جتوئي راهه رباني وٺي مالڪي حقيقي سان مليو.
2 فيبروري 1941ع تي شاعر خادم سنڌي اصل نالو خادم حسين سولنگي امام بخش سولنگي جي گهر خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1944ع تي مشھور استاد ۽ راڳي، انور الدين جتوئي ولد حاجي محمد عثمان جتوئي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1944ع تي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي پھرين مسلمان ميئر قاضي خدا بخش جو وڇوڙو ٿيو.
2 فيبروري 1947ع تي مصر جي اخبار الاحرام جو مدير اعلى محمد حسين هيڪل ئي رهيو.
2 فيبروري 1948ع تي قائد اعظم بنگال آئل ملز جو افتتاح ڪيو.
2 فيبروري 1952ع تي ٽي وي ڊرامه نويس ڪيھر شوڪت ولد غلام عباس ڪيھر دادو شھر ۾ جنم ورتو. اباڻو ڳوٺ آگاڻي تعلقو لاڙڪاڻو اٿس.
2 فيبروري 1954ع تي شاعر ماٺيڻو اوٺو جنم ورتو.

2 فيبروري 1957ع تي پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا گڊو بئراج جي پيڙهه جو پٿر رکيو.

2 فيبروري 1958ع تي افغانستان جو شاهه ظاهر شاهه پاڪستان جو دورو ڪيو.
2 فيبروري 1967ع تي اسلام آباد ۾ گندهڪ ملي پاڻي جو چشمو دريافت ٿيو.
2 فيبروري 1973ع تي پاڪستان جو ٽيون آئين قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو.
2 فيبروري 1978ع تي ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ اسڪالر يار محمد چانڊيو، ڊکڻ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1982ع تي تران ۾ آمريڪي سفارت خاني کان مليل خفيه دستاويزات شايع ٿيا.
2 فيبروري 1984ع تي نوجوان شاعر سميع سجاد اصل نالو عبدالسميع ولد سجاد ميراڻي، تعلقو ڪنگري، ضلعو خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.

2فيبروري 1987ع تي فلپائن ۾ آئين جو نفاذ ٿيو.

2 فيبروري 1995ع تي سڀ کان ننڍي عمر جي مائڪرو سافٽ انجنيئر جو ايوارڊ ماڻيندڙ عارفه ڪريم جو جنم ڏينھن آهي.
2 فيبروري 2013ع تي اديب، ناول نگار، افسانه نگار، ڪالم نگار ۽ صحافي سراج الحق ميمڻ جو لاڏاڻو ٿيو.

2فيبروري 2016ع تي ناول نگار ۽ نقاد انتظار حسين جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top