• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

4 هين فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
4فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي.

4 فيبروري 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
4 فيبروري 1794ع تي آمريڪي ڪانگريس، پوسٽل سروس جي قانون کي منظور ڪيو.

4 فيبروري 1797ع تي ايڪواڊور ۾ خوفناڪ زلزلي سبب 41000 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.

4 فيبروري 1800ع تي ٿامس جيفرسن آمريڪا جي ٽئين صدر طور منتخب ٿيو.
4 فيبروري 1904ع تي آزاد ڪشمير جي ليڊر چوڌري غلام عباس جو جنم ڏينھن آهي.
4 فيبروري 1940ع تي مشھور اقتصادي ماهر ۽ اديب علي اڪبر ڍڪڻ، ولد محمد رمضان ڍڪڻ ڳوٺ پنھور، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1947ع تي لاهور کان شايع ٿيندڙ ”دي پاڪستان ٽائمز“ اخبار منظر عام تي آئي.
4 فيبروري 1950ع تي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي پھرين سال پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي.
4 فيبروري 1964ع تي ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ نويس اختر رند اصل نالو اختر علي رند ڳوٺ مير رند تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1966ع تي اقوام متحده نقشي ۾ پھريون ڀيرو ڪشمير جي تڪرار کي تسليم ڪيو.
4 فيبروري 1968ع تي نوجوان شاعر، نالي مٺو مھيسر ڳوٺ گاهي مھيسر ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1968ع تي صحافي ۽ سماجي ورڪر بختيار چنا نوابشاهه ۾ جنم ورتو.

4فيبروري 1969ع تي ياسر عرفات فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جو چيئرمين بڻيو.

4 فيبروري 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪھاڻيڪار مسيح مگسي قنبر لڳ ڳوٺ ڇڄڙا ۾ استاد محمد خان مگسي جي گهر ۾ جنم ورتو.

4فيبروري 1974ع تي اندرا ناٿ بوس، هندستاني رياضي دان جو وڇوڙو ٿيو.

4 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر عبدالله ”شجاع“ سنڌي لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ حڪيم محمد بخش ٽڳڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1978ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر سعيد سومرو قنبر ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1981ع تي ليکڪ ۽ شاعر ثناءُ الله عتيق چنجڻي جو جنم ڏينھن آهي.

4فيبروري 2004ع تي يورپي. ايجنسي پنهنجي اعلان ۾ ڄاڻايو ته، اها ايندڙ ٽن ڏهاڪن ۾ چنڊ، مريخ ۽ ٻين سيارن جي تحقيق لاءِ سائنسدان ۽ روبوٽ موڪليندي.

4فيبروري 2004ع تي ملڪه پکراج ، ٽڪريءَ ۽ ڊوگري ٻولين جي لوڪ موسيقيءَ جي ماهر، ، فن کان هميشه لاءِ موڪلايو.

4فيبروري 2007ع تي غزل ڳائيندڙ مشهور فلمي موسيقار، منظور آشام، جو وڇوڙو ٿيو.

4 فيبروري 2017ع تي نامياري ليکڪا، ناول نگاره، ڊراما نگاره ۽ ڪھاڻيڪاره بانو قدسيه جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top