5هين فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    5فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي.

    5فيبروري 1783ع تي سويڊن، آمريڪا کي تسليم ڪيو.

    5فيبروري 1914ع تي انگريز سائنسدان، ايلن لوئڊ هوڊڪن، جو جنم ڏينهن آهي.

    5فيبروري 1917ع تي آمريڪي ڪانگريس ايشيائي ماڻهن جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي جي فيصلي خلاف قانون پاس ڪيو.

    5فيبروري 1927ع هندستاني صوفي عنايت خان، جو وڇوڙو ٿيو.

    5 فيبروري 1937ع تي نالي وارو نثر نگار، بيدار مورائي اصل نالو فتح الدين سومرو، موري شھر ۾ جنم ورتو.
    5 فيبروري 1938ع تي تحريڪ آزاديءَ جي سلسلي ۾ قائداعظم پھريون ڀيرو عليڳڙهه جو دورو ڪيو.

    5فيبروري 1946ع تي اداڪاره چارليٽ ريمپلنگ،جنم ورتو

    5 فيبروري 1953ع تي مشھور موسيقار ۽ قومي تراني پاڪستان جي ڌن ٺاهيندڙ احمد ڇاڳلا جو وڇوڙو ٿيو.
    5 فيبروري 1955ع تي پاڪستان ۾ پھريون دفعو فوجين راندين جي ميدان تي مقابلا ڪيا.
    5 فيبروري 1962ع تي ڍاڪا ۾ ريڊيو اسٽيشن جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو ويو.
    5 فيبروري 1962ع تي بالي ووڊ جي مشھور اداڪاره سري ديوي جو جنم ڏينھن آهي.
    5 فيبروري 1962ع تي ريڊيو ڪمپـيئر، شاعر ۽ نثر نويس امر ساهڙ جو اصل نالو غلام قادر ولد محمد صديق ڳوٺ ٿاڌات ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.

    5فيبروري 1966ع تي مجيب الرحمان لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران، اوڀر پاڪستان عوامي ليگ جي صدر، 1940ع جي لاهور جي قرارداد کي لاڳو ڪرڻ ۽ خالص وفاقي نوعيت جي آئين لاءِ مطالبو ڪيو.

    5 فيبروري 1969ع تي نئين ٽهي جي شاعر عاشق چانڊيو اصل نالو احمد علي ولد محمد سليمان چانڊيو، ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
    5 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر اياز امر شيخ ڳوٺ گاهي خان شيخ تعلقي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
    5 فيبروري 1976ع تي بالي ووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن جو جنم ڏينھن آهي.
    5 فيبروري 1981ع تي ايم. آر. ڊي نالي سياسي اتحاد 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ اٺن سياسي پارٽين جي گڏيل اجلاس دوران عمل ۾ آيو.
    5 فيبروري 1982ع تي شاعر ۽ اسڪالر مير مرتضيٰ شيخ اصل نالو غلام مرتضيٰ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.

    5فيبروري 1985ع تي پرتگالي فٽبالر، ڪرسٽيانو رونالڊو، جو جنم ڏينهن آهي.

    5 فيبروري 2001ع تي سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ ليکڪ بشير احمد قريشي وفات ڪئي.

    5فيبروري 2008ع تي ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، يوڪرين کي نئين ميمبر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني.

    5فيبروري 2008ع تي هندستاني گرو، مھارشي مھيش يوگي، جو وڇوڙو ٿيو.

    5 فيبروري 2016ع تي ناميارو شاعر بشير سيتائي جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو