• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

6هين فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
6فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي.

6فيبروري 1778ع تي برطانيه، فرانس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.

6فيبروري 1778ع تي فرانس، آمريڪا کي تسليم ڪيو.

6 فيبروري 1819ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ شخص ٽامس اسٽيوفورڊ ريفلز، سنگاپور ۾ برطانوي بستي (ڳوٺ) ٺاهيو.
6 فيبروري 1891ع تي داغ دهلوي، نظام محبوب علي خان جا استاد مقرر ٿيا.

6فيبروري 1893ع تي پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير ۽ سياستدان محمد ظفر الله خان، جو جنم ڏينهن آهي.

6 فيبروري 1911ع تي آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1931ع تي انگلينڊ جو فاسٽ بالر فريڊي ٽرو مين جو جنم ڏينھن آهي.

6فيبروري 1935ع تي ترڪي۾ عورتن کي پهريون ڀيرو چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي.

6 فيبروري 1939ع تي گلوڪار رميش شيوڪ جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1952ع شاعر، غمخوار بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1952ع تي تنوير جوڻيجو ڌيءَ صدر الدين جوڻيجو شھر مٺي ۾ پيدا ٿي. پاڻ مشھور ڪھاڻيڪاره ۽ اديب آهي.
6 فيبروري 1983ع تي ليکڪ، ڪريم بخش هنڱورو جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1985ع تي ريڊيو انائونسر سعيده سھتو جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1987ع تي نثار احمد کھڙو پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
6 فيبروري 1987ع تي استاد ۽ ڪمپيئر صدرالدين ڪلهوڙو ڳوٺ احمد خان ڪلهوڙو تعلقو نصيرآباد ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
6 فيبروري 1997ع تي علي محمد مجروح ولد خير محمد پنھور وفات ڪئي. پاڻ بھترين شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.

6فيبروري 2002ع تي نوبل انعام يافته ۽ بايولوجسٽ ميڪس پيروٽز، جو وڇوڙو ٿيو.

6 فيبروري 2018ع تي سنڌي ٻوليءَ جو قومي، عوامي، انقلابي، رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير ڪراچيءَ ۾ راهه رباني ورتي.
 
Back
Top