7فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 7 فيبروري 1203ع تي سلطان غياث الدين غوري برات شھر ۾ وفات ڪئي. 7 فيبروري 1528ع تي مير معصوم بکري جو جنم ڏينھن آهي. 7 فيبروري 1541ع تي رياست چلي جي شھر سنتياگو جو بنياد رکيو ويو. 7فيبروريٿ1812ع تي ليکڪ ۽ نقاد چارلس ڊڪنز، جنم ورتو. 7 فيبروري 1898ع تي شاعر مير ڇٽل خان مسڪين ڳوٺ حسين آباد تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو. اصل نالو بلوچ خان هئس. 7 فيبروري 1902ع تي سردار محمد عثمان سومرو ضلعي ٺٽي جي سومرا قبيلي جي خاندان متوءَ پوٽي مان هو، ڳوٺ محمد هاشم سومرو لڳ ٺٽي ۾ جنم ورتو. 7 فيبروري 1932ع تي پنھنجي وقت جو اهم، شاعر آخوند عبدالقادر ”بيدل“ ولد محمد پناهه ڀٽو انتقال ڪيو. 7 فيبروري 1935ع تي تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي، مظھر الحق صديقي جو جنم ڏينھن آهي. 7 فيبروري 1935ع تي ناليواري ليکڪ لڪشمڻ ڀاٽيا جو جنم ڏينھن آهي. 7 فيبروري 1971ع تي سياستدان اڪرام الله ڌاريجو جو جنم ڏينھن آهي. 7 فيبروري 1975ع تي اداڪاره نجمه ڪاوش جو جنم ڏينھن آهي. 7 فيبروري 1975ع تي سنڌ موويز جي پھرين پيشڪش، بادل ۽ برسات فلم جيڪا پيار ڪھاڻيءَ تي منبي هئي. 7فيبروري 1976ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي دوربين( ٽيلي اسڪوپ )سوويت يونين ۾ ڪم شروع ڪيو. 7 فيبروري 1978ع تي پاڪستان جي ممتاز شاعر، اديب ۽ استاد صوفي غلام مصطفى تبسم جو وڇوڙو ٿيو. 7فيبروري 1978ع تي غفران راغب، ٿيٽر ورڪر، شاعر۽ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي. 7 فيبروري 1981ع تي سنڌ جو ڏاهو اديب محمد عثمان ڏيپلائي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي. 7 فيبروري 1983ع تي صدر پاڪستان، نور خان کي ٻيو ڀيرو ”پي سي پي“ جو صدر مقرر ڪيو ويو. 7 فيبروري 1984ع تي شاعر ۽ ليکڪ شيخ نديم اصل نالو معشوق علي ولد عبدالستار شيخ جي رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 7 فيبروري 1992ع تي سنڌ جو جدت پسند موسيقار، استاد نياز حسين لاڏاڻو ڪيو. 7فيبروري 1999ع تي شاهه حسين بن طلال، اردن جي بادشاہ جو وڇوڙو ٿيو. 7فيبروري 2006ع تي سلطنت عثمانيه جي شهزادي، خديجه خيرا عائشه در شهوار، جو وڇوڙو ٿيو. 7 فيبروري 2010ع تي سياستدان اجمل خٽڪ جو لاڏاڻو ٿيو