سوچي قاتل جو قاتل، آيو قاتل تي ڪهڪاءُ. پر جي ڪوئي نانگ هُجي، تنهن کان ڪهڙو آهه بچاءُ! سِر جي بدلي ڏين ٿو سون، پو ڀي تو وٽ ناهه وِڪاءُ! او وڻجارا وائيءَ جا، مَن جو موتي ڪهڙي ڀاءُ! گھايل مَن جا گھايل گيت، جِن ۾ پيڙا جو پَڙلاءُ. جِن ۾ ڌَرتيءَ ڌرتيءَ دُک، جِن ۾ ماڻهوءَ ماڻهوءَ گھاءُ. ڀنڀٽ بڻبا نيٺ ’اياز‘ جُڳ جُڳ جلندا منهنجا ڀاءُ!