ماضيء جو ائينو ؛ پاڪستان۾ نوڪرشاهي ۽ اختيارن جي جنگ.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2022۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪ آزاد ٿيو ته اسان کي بيوروڪريسي به انگريزن جي ڏنل ملي جيڪا بنيادي طور تي برطانيا جي وفادار هئي.پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوء بيوروڪريسي پر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا جڏهن ته پاڪستان جا سياستدان اڃا ڪمزور هئا ان ڪري بيوروڪريسي سندن ڪمزوريء جو فائدو کڻندي ڪجهه ئي سالن ۾ اقتدار تي مڪمل قبضو ڪري ورتو.هڪڙو صاحب هو ملڪ غلام محمد جيڪو انڊيا جي وزارت خزانه ۾ ڪم ڪندو هو.1947ع ۾ انڊين ريلوي سروس ۾ اچي ويو ۽ بيوروڪريسي جو جيڪو حصو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هيء سوکڙي به ان ۾ شامل هئي.لياقت علي خان جي ڪابينا ۾ هن کي وزارت خزانه جو قلمدان ڏنو ويو،بعد ۾ محلاتي سازشن ذريعي 17 آڪٽوبر 1951ع تي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻجي ويو.قائد اعظم جي وفات بعد گورنر جنرل جو عهدو خواجا ناظم الدين سنڀاليو هو ۽ لياقت علي خان جي قتل بعد خواجا ناظم الدين گورنر جنرل جو عهدو ڇڏي وزير اعظم بڻيو.غلام محمد کي خواجا ناظم الدين بظور وزير اعظم گورنر جنرل نامزد ڪيو هو.1935ع جي ايڪٽ مطابق جيڪي اختيار هند جي وائيسراء کي حاصل هئا اهي ئي اختيار هاڻي گورنر جنرل کي حاصل هئا.17 اپريل 1953ع تي غلام محمد خواجا ناظم الدين کي معزول ڪري هڪ ٻئي بيوروڪريٽ محمد علي بوگرا کي پاڪستان جو نئون وزير اعظم بنايو ويو.اسٽيبلشمينٽ هڪ لحاظ کان حڪومت جو ڪنٽرول ان وقت ئي سنڀالي ورتو هو جڏهن غلام محمد گورنر جنرل بڻيو هو،اهڙيء طرح بيروڪريٽ هاڻي سياستدان به بڻجي ويٺا هئا.

    24 آڪٽوبر1954ع تي جڏهن دستورساز اسيمبلي فيصلو ڪيو ته گورنر جنرل جي اختيارن کي محدود ڪيو وڃي ته غلام محمد دستور سازاسيمبليء کي ئي ختم ڪري ڇڏيو.جڏهن ته محمد علي بوگرا کي نئين ڪابينا جوڙي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ويئي ته جيئن نيون چونڊون نه ٿي سگھن.ان نئين ڪابينا ۾ ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان وزير دفاع جڏهن ته سيڪريٽري داخلااسڪندر مرزا کي وزير داخلا جا عهدا عطا ڪيا ويا.هاڻي هڪ طرح سان اها بيوروڪريٽس جي ئي حڪومت هئي جو گورنر جنرل ۽وزير اعظم سميت سمورا اهم عهدا سولين جي بدران بيوروڪريٽس جي حوالي هئا.اڪندر مرزا وزير داخلا سان گڏ اوڀر پاڪستان جو گورنر به رهيو.

    جسٽس منير جيڪو بائونڊري ڪميشن جو ميمبر هو ۽ بعد ۾ پاڪستان جو چيف جسٽس بڻيو تنهن “نظريه ضرورت” هيٺ ان بندوبست کي جائز قرار ڏنو ۽ غلام محمد جي فيصلي کي درست قرار ڏيندي اسيمبلي بحال نه ڪئي. سموري طاقت پنهنجي هٿن ۾ ڪٺي ڪندڙ غلام محمد کي اسڪندر مرزا 7 آگسٽ 1955ع تي معزول ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ گورنر جنرل بڻجي ويٺو.23 مارچ 1956ع تي ٻي قانون ساز اسيمبليء 1956 وارو آئين منظور ڪيو جنهن مطابق گورنر جنرل جي عهدي کي صدر پاڪستان جي عهدي ۾ بدلايو ويو،اهڙيء طرح اسڪندر مرزا پهرئين پاڪستاني صدر جي چارج سنڀالي. 27 آڪٽوبر 1958ع تي ايوب خان 51سالن جي عمر ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڇڏي جنرل موسيٰ کي آرمي چيف مقرر ڪيو جڏهن ته صدر اسڪندر مرزا کي معزول ڪري ان جي جڳهه تي پاڻ صدر پاڪستان بڻجي ويو ۽ 25 مارچ ا969ع تائين هو ان عهدي تي رهيو.هن کي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل يحيٰ خان هٽائي پاڻ صدر پاڪستان بڻجي ويٺو جيڪو 20 ڊسمبر 1971ع تائين پاڪستان جو صدر ۽ چيف آف آرمي اسٽاف رهيو جڏهن ته 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان پاڪستان کان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي چڪو هو

    ملڪ جي سخت بگڙيل حالتن ۾ اقتدار بطور سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽي صدر پاڪستان جو عهدو سنڀالي ورتو.انهيء ئي ڏينهن جنرل گل حسن چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو.ذوالفقار علي ڀٽي 4 آگسٽ 1973ع تي نئين آئين مطابق سولين وزير اعظم طور قسم کنيو جڏهن ته چوڌري فضل الاهي کي صدر پاڪستان مقرر ڪري ڇڏيو.1973ع جي آئين مطابق اختيار واپس وزير اعظم وٽ اچي چڪا هئا.ڀٽي کي جنرل ضياالحق 5 جولاء 1977ع تي معزول ڪري آئين معطل ڪري ڇڏيو.جڏهن ا985ع ۾ آئين بحال ڪيو ويو ته ٻيهر اٺين ترميم ذريعي اختيار واپس صدر حوالي ڪيا ويا.17 آگسٽ 1988ع تي ضياءالحق جو جهاذ هوا ۾ ڦاٽي ويو.بينظير ڀٽو کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ لاء آئي جي آئي جوڙائي ويئي جنهن جو حصو نواز شريف به هو.پيپل پارٽيء خلاف يارهن سالن جي پروپيگنڊا باوجود 1988ع ۾ بينظير صاحبه وري وزير اعظم بڻجي ويئي.جڏهن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جون چونشيل حڪومتون وري وري ٽوڙيون وييون ته 1997ع ۾ انهن ٻنهي گڏجي تيرهين آئيني ترميم ذريعياٺين ترميم ترميم ذريعي ڦبايل وزير اعظم جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا ته 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف اچي نازل ٿيو جنهن 2003ع ۾ سترهين آئيني ترميم ذريعي ٻيهر اختيار پنهن جي حوالي ڪري ورتا.2010ع ۾ سويلين حڪومت هڪ دفعو وري ارڙهين ترميم ذريعي پارليامينٽ جا اختيار واپس کسي ورتا.اختيارن جي اها جنگ اڃا به جاري آهي.هڪ طرف اپوزيشن سويلين بالادستيء جي جدوجهد ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جنهن ناجائز نموني سان انهن اختيارن تي قبضو ڪري رکيو آهي اهي اختيار سويلين عوامي نمائندن کي ڏيڻ لاء تيار ناهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو