8فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 8فيروري 1265ع تي منگول حڪمران، هلاڪو خان، وفات ڪئي. 8 فيبروري 1587ع تي انگلستان جي ملڪه ميري کي ڦاهي ڏني وئي. 8 فيبروري 1805ع تي اکين جي سڀ کان پھرين اسپتال روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ قائم ٿي. 8فيروري 1819ع تي ليکڪ ۽ نقاد جان رسڪن، جو جنم ڏينهن آهي. 8فيروري 1828ع تي فرانسيسي ليکڪ، ڊراما نگار ۽ شاعر جولس ويرن، جنم ورتو. 8 فيبروري 1935ع تي ڊاڪٽر اسحاق ابڙو ولد عبدالحڪيم ابڙو ڳوٺ امام بخش ٿيٻي تعلقي ميھڙ ۾ ڄائو. ادبي خدمتون، فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري. ”شاهه عنايت شھيد جي فڪري پوئلڳ روهڙي جي سادات خاندان ميرجان الله شاهه رضوي جي فارسي ڪلام.“ 8 فيبروري 1941ع تي گلوڪار ۽ غزل جي بادشاهه گائڪ جگجيت سنگهه جو جنم ڏينھن آهي. 8 فيبروري 1942ع تي برصغير جو ناميارو گويو استاد سينڌو خان وفات ڪئي. آخري آرام گاهه درگاهه محمد فقير کٽياڻ تي آهي. استاد سينڌو خان عظيم موسيقار سان گڏ فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جو بھترين شاعر هو. 8 فيبروري 1948ع تي سنڌي ڪمپوزنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 8 فيبروري 1960ع تي قائد اعظم جي مزار جو سنگِ بنياد رکيو ويو. 8 فيبروري 1961ع تي دوست محمد لغاري ولد عبدالعزيز لغاري ڳوٺ مينهون لغاري تعلقي شھدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو سڃاڻپ، مقبول ڪمپيئر ۽ ليڪچرار آهي. 8 فيبروري 1963ع تي جنرل قاسم کي قتل ڪيو ويو. 8فيروري 1974ع تي چورياسي ڏينهن خلا ۾ رهي آمريڪي خلائي اداري جي ٽيم ڌرتيءَ تي واپس آئي. 8 فيبروري 1975ع تي سرحد، پيپلز پارٽي جي چيئرمين حيات محمد شير پائو جو وڇوڙو ٿيو. 8 فيبروري 1984ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار الطاف امر پوسٽ آفيس محلي قنبر علي خان ۾ عبدالرحمان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو. 8 فيبروري 1984ع تي خاوند ڏنو لاڙڪ ولد محمد ڇٽل لاڙڪ تعلقي سوڀي ديري جي ننڍڙي ڳوٺ پوٺي لاڙڪ ۾ اک کولي اديب سڃاڻپ، تحقيق ۽ شاعري اٿس. 8 فيبروري 1985ع تي پھرين عالمي طنز ۽ مزاح ڪانفرنس حيدرآباد دکن ۾ ٿي. 8 فيبروري 1989ع تي فلمي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جي مقبول اداڪاره بيگم خورشيد مرزا جو وڇوڙو ٿيو. 8 فيبروري 1991ع تي محقق، ڪالم نگار ۽ استاد سعيد احمد چانڊيو، ڳوٺ نھال جي وانڍ، غيبي ديرو ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. 8فيروري 1998ع تي اولمپڪس ۾ عورتن جي پهرين آئس هاڪي ميچ، فنلينڊ سويڊن کي 6-2 جي اسڪور تان شڪست ڏني. 8فيروري 2008ع تي نيبرڪاس سزائن لاءِ برقي ڪرسين تي پابندي لڳائي ڇڏي. 8 فيبروري 2015ع تي سچل سرمست جي درگاهه جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي جو وڇوڙو ٿيو. 8فيروري 2020ع تي ٽيليويزن جي مشھور اداڪاره نگھت بٽ، جو وڇوڙو ٿيو.