• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

9هين فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
9فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
فقير محمد سنڌي.
9فيبروري 1441ع تي ترڪي شاعر، نقش نگار ۽ لسانيات جو ماهر علي شير نوائي، جنم ورتو.
9فيبروري 1849ع تي رومانيا ۾ جمهوريت جو قيام عمل ۾ آيو.
9 فيبروري 1863ع تي ريڊ ڪراس جو بنياد هنري ڊوننٽ رکيو.
9فيبروري 1870ع تي آمريڪا جي موسمياتي کاتي جو قيام عمل ۾ آيو.
9 فيبروري 1896ع تي سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي عورت بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون عراق جي شھر ڪرمان ۾ پيدا ٿي.
9 فيبروري 1902ع تي پاڪستان جي مشھور شاعر نظير لڌيانوي جو جنم ڏينھن آهي.
9 فيبروري 1922ع تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر جم ليڪر جو جنم ڏينھن آهي.
9فيبروري 1929ع تي سياستدان ۽ سوشل ورڪر عبدالرحمان انتولا، جو جنم ڏينھن آهي.
9 فيبروري 1940ع تي ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ اديب نذير قاضي اصل نالو پروفيسر نذير احمد ولد محمد قاسم قاضي موري شھر ۾ پيدا ٿيو.
9فيبروري 1943ع تي آمريڪي اقتصادي ماھر جوزف اسٽيگلٽز، جنم ورتو.
9 فيبروري 1949ع تي پاڪستان جي قومي جهنڊي ۾ چنڊ ۽ ستاري جو اضافو/ واڌارو ڪيو ويو.
9فيبروري 1962ع تي ويٽنام جنگ لاءِ آمريڪا پنهنجو پهريون فوجي دستو ڏکڻ ويٽنام ڏانهن موڪليو.
9 فيبروري 1975ع تي اديب، همدم لاشاري جو جنم ڏينھن آهي.
9 فيبروري 1977ع تي پاڪستان جي اڳوڻي مرڪزي وزير خواجه شھاب الدين جو وڇوڙو ٿيو.
9فيبروري 2001ع تي اقتصادي ماهر ۽ سياستدان هربرٽ اي.سائمن،جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top