10 فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 10 فيبروري 1564ع تي مشھور سائنسدان گيليليو جو جنم ڏينھن آهي. 10 فيبروري 1908ع تي شيخ عبدالمجيد سنڌي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم جي هٿان مسلمان ٿيو، مسلمان ٿيڻ کان پھرين سندس نالو جيٺانند هو. 10 فيبروري 1914ع تي سنڌ جو نامور شخص الاهي بخش خميساڻي خيرپور ۾ جنم ورتو. 10 فيبروري 1919ع تي ڪوٽاري پريڊ جو سنگِ بنياد رکيو ويو. 10 فيبروري 1923ع تي مشھور طبيعات وليم رونتجن جو وڇوڙو ٿيو. 10 فيبروري 1926ع تي اسدالله شاهه ”فدا“ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو. ادبي سڃاڻپ. اديب، شاعر ۽ عالم هئس. 10 فيبروري 1938ع تي شاعر، اديب ۽ قانوندان خادم حسين ابڙو ولد الھه ورايو، ڳيريلي تعقلي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. 10 فيبروري 1940ع تي شاعر گوپال حڪومتراءِ ٺڪر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. 10 فيبروري 1952ع تي جاگرافيءَ جي ماهر، ليکڪ ۽ استاد، محمد رفيق ڌناڻي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. 10 فيبروري 1954ع تي ناليوارو شاعر قمبر کوسو ڳوٺ الف کوسو رڪ تعلقي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. 10 فيبروري 1966ع تي شاعر سڳن آهوجا جو وڇوڙو ٿيو. 10 فيبروري 1968ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنماء حاجي محمد هاشم گزدر وفات ڪئي. 10 فيبروري 1976ع تي نوجوان ڊرامه نگار، ڊائريڪٽر ۽ شاعر ايوب گل ولد نظام الدين جو جنم ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. 10 فيبروري 1985ع تي مشھور شاعر، صحافي ۽ وڪيل هادي بخش لاڙڪ خيرپور ۾ وفات ڪئي. 10 فيبروري 1986ع تي ڏکڻ يمن جي صدر ابوالفتح اسماعيل جو وڇوڙو ٿيو. 10 فيبروري 1987ع تي مشھور مصور صادقين جو وڇوڙو ٿيو. 10 فيبروري 1991ع تي ڪالم نگار، صحافي، سوشل ورڪر آزاد مجتبى گهانگهرو، خادم حسين گهانگهرو جي گهر بھارپور محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 10 فيبروري 2001ع تي سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ ڪھاڻيڪار گوبند مالهي ڀارت ۾ ديھانت ڪئي. 10 فيبروري 2005ع تي دنيا جو سڀ کان ننڍو ٻار شڪاگو جي هڪ اسپتال ۾ پيدا ٿيو. ڄمڻ وقت هن جو وزن 8.6 اونس هو. 10 فيبروري 2015ع تي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جو وڇوڙو ٿيو. 10 فيبروري 2016ع تي اردو ٻوليءَ جي نامياري ليکڪه فاطمه ثريا بجيا جو وڇوڙو ٿيو. 10 فيبروري2020ع تي ڪرڪيٽر وقار حسن، جو وڇوڙو ٿيو.