11فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 11فيبروري 1752ع تي آمريڪا جي پهرين اسپتال پينسلوانيا آهي . 11 فيبروري 1847ع تي ٿامس فونو گراف ايڊيسن ميلان شھر ۾ پيدا ٿيو. وجه شھرت 19 صديءَ جو آمريڪي سائنسدان. 11 فيبروري 1877ع تي ممتاز عالم دين، قادر الڪلام شاعر حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ڳوٺ ڪنڊي ديھه لوهڻ تعلقي بدين ۾ پيدا ٿيو. 11 فيبروري 1944ع تي ثميره زرين ڌي محمد اعظم جي گهر شڪارپور ۾ ڄائي. سندس گهريلو نالو سڪينه هو. سنڌي افساني جي فن ۾ کيس خاتون اول جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. 11 فيبروري 1947ع تي لاکيڻي لطيف جو ناميارو پارکو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو. 11 فيبروري 1950ع تي فرانسيسي فلاسافر، سائنسدان ۽ رياضيدان ريني ڊيسڪارٽس جو وڇوڙو ٿيو. 11 فيبروري 1966ع تي پاڪستان جي پھرين رنگين سئنيما اسڪوپ فلم مالا رليز ڪئي. 11 فيبروري 1970ع تي اوسومي نامي، مصنوعي سيارو زمين جي چوڌاري چڪر لڳائڻ لاءِ جپان ڇڏيو. 11 فيبروري 1975ع تي علم، ادب جي ديوي، شري سرلا ديوي 60 سالن جي عمر ۾ ديھانت ڪئي. 11 فيبروري 1978ع تي پاڪستان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ايس اي رحمان جو وڇوڙو ٿيو. 11 فيبروري 1984ع تي حريت پسند ڪشميري رهنما مقبول بٽ کي نئين دهلي جي ٿاگ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. 11 فيبروري 1996ع تي سنڌ جو مايا ناز عالم اديب، ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي گهر جي ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو جنھن سبب زخمن جا تاب نه سھندي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد اسپتال لڳ قبرستان علي بحر ۾ دفنايو ويو. 11فيبروري 1996ع تي جنرل جهانگير ڪرامت، پاڪستان جو چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيو. 11 فيبروري 2013ع تي شاعر آتش سنڌي اصل نالو معشوق علي ولد، ولي محمد شيخ لاڏاڻو ڪيو. 11 فيبروري 2018ع تي انساني حقن جي علمبردار ۽ قانوندان عاصمه جھانگير جو لاڏاڻو ٿيو. 11 فيبروري 2018ع تي مشھور اداڪار قاضي واجد جو لاڏاڻو ٿيو. آخري آرامگاهه عيسى نگري قبرستان ڪراچي ۾ آهي