12هين فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    12هين فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    12 فيبروري 610ع تي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وسلم کي نبوت جي بشارت ملي.
    12فيبروري 1554ع تي انگلينڊ جي راڻي، ليڊي جين گري، جو وڇوڙو ٿيو.
    12 فيبروري 1809ع تي دنيا جو عظيم سائنسدان، چارلس ڊارون انگلينڊ جي شھر شروس بريءَ ۾ جنم ورتو.
    12 فيبروري 1915ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو قيام تجويز پيش ڪندڙ، نواب سليم الله خان جو وڇوڙو ٿيو.
    12 فيبروري 1920ع تي اديب، عالم، حڪيم ۽ شاعر مير علي نواز علوي وفات ڪئي.
    12 فيبروري 1933ع تي سنڌ جو سماجي خدمتگار مير غلام محمد خان ٽالپر وفات ڪئي.
    12 فيبروري 1929ع تي پاڪستان جي نامور ولن اسلم پرويز جو جنم ڏينھن آهي.
    12 فيبروري 1938ع تي فائن آرٽ جو ماهر رضوان عمراڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    12 فيبروري 1949ع تي مشھورڪرڪيٽر وشواناٿ جو جنم ڏينھن آهي.
    12 فيبروري 1951ع تي لفظ پاڪستان جي خالق چوڌري رحمت علي جو وڇوڙو ٿيو.
    12فيبروري 1966ع تي شيخ مجيب الرحمان چونڊ مهم دوران ڪراچي ۾ پنهنجون ڇھ نقاطي ايجنڊا پيش ڪيون.
    12 فيبروري 1978ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فضل الاهي، پشاور يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ڪيمسٽري جو افتـتاح ڪيو.
    12 فيبروري 1978ع تي سنڌ جو ناميارو محقق، مورخ، اديب ۽ شاعر رحيم داد ”مولائي شيدائي“ وفات ڪئي مولائي شيدائي جي والد جو نالو شير محمد خان بروهي هو. مولائي شيدائي سکر ۾ 1894ع ۾ جنم ورتو.
    12 فيبروري 1987ع تي ممتاز مفڪر ۽ عالم مولانا محمد بخش مسلم جو وڇوڙو ٿيو.
    12 فيبروري 1988ع تي سنڌ جو ٽيگور ۽ خليل جبران سڏجهندڙ امرت راءِ سلم 85 ورهن ۾ ديھانت ڪئي.
    12 فيبروري 2017ع تي نامياري تاريخ نويس، تعليمي ماهر ۽ قومپرست سياستدان ڊاڪٽر حميده کھڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو