13هين فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    13هين فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    13فيبروري 1633ع تي اطالوي سائنسدان گليلو روم پهتو، جتي هن جي نظريي تي مقدمو هليو ته، سج زمين جي چوڌاري گردش نه ٿو ڪري ،پر زمين سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي ، گيليليو عدالتي ڪارروائي دوران پنهنجو نظريو واپس ورتو.
    13فيبروري 1668ع تي اسپين پرتگال جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو.
    13 فيبروري 1911ع تي مشھور شاعر فيض احمد فيض ضلعي سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو.
    13فيبروري 1960ع تي فرانس پنهنجو پهريون ايٽمي تجربو ڪيو.
    13 فيبروري 1973ع تي بيگم رعنا لياقت علي سنڌ جي گورنر بڻي.
    13 فيبروري 1973ع تي سنڌ جي گورنر رسول بخش ٽالپر پنھنجي عھدي تان استعفى ڏني.
    13 فيبروري 1974ع تي نائيجيريا جي جنرل اولسي گن اقتدار سنڀاليو.
    13 فيبروري 1974ع تي روس جي اليڪنڊر سولزي هنٽس کي جلاوطن ڪيو ويو.
    13 فيبروري 1977ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار، مترجم، ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار رضوان گل اصل نالو رضوان الحق، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

    13 فيبروري 1979ع تي تحريڪ پاڪستان جي ممتاز رهنما قاضي محمد اڪبر جو وڇوڙو ٿيو.
    13 فيبروري 1986ع تي جپان ٽيلي ويزن جي خرابي دور ڪرڻ لاءِ نئون سيارو خلا ۾ ڇڏيو.
    13 فيبروري 2007ع تي شاعر الطاف عباسي، الطاف نبي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
    13 فيبروري 2007ع تي شاعر الھنواز ”نواز“ رڪڻائي جو وڇوڙو ٿيو.
    13 فيبروري 2008ع تي شاعر عبدالرئوف ابڙو، منصور ويراڳي جو وڇوڙو ٿيو.
    13فيبروري 2012ع تي اردو شاعر شهريار ،جو وڇوڙو ٿيو.
    13 فيبروري 2016ع تي نامياري موسيقار روبن گوش جو ڍاڪا ۾ لاڏاڻو ٿيو.
    13فيبروري 2012ع تي اردو شاعر سيد محمد باقر نقوي، راھ رباني ورتي.
     
    آخري ترميم: ‏13 فيبروري 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو