ڇا سنڌي ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق نٿا رکن؟!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    ڇا سنڌي ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق نٿا رکن؟! ​



    ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي، تنهن کي سنڌ کان جدا نٿو ڪري سگهجي، پر هن جمهوري دور ۾ به ڪجهه اهڙا عمل سامهون اچي رهيا آهن، تن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ سچ اسان سنڌين کي ڪراچي وڃڻ لاءِ ”ويزا“ وٺڻي نه پئجي وڃي! 10 جولاءِ واري ڪاوش ۾ ”ڪيپيٽل پوليس ڪراچي“ جو پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتي جو هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ اشتهار ڇپيو آهي. اشتهار پڙهڻ کان پوءِ مون کي ته ائين لڳو ڄڻ منهنجي لوندڙيءَ ۾گولي لڳي هجي ۽ مان زخمي، رت ڳاڙيندو، ڦٿڪي ڦٿڪي مري رهيو هجان!! ڇو ته ان اشتهار ۾ ڪانسٽيبل جي ڀرتي لاءِ ڊوميسائيل پي آر سي ”ڪراچي“ جا لازمي قرار ڏنا ويا آهن. هي ڪهڙو مذاق آهي؟؟ اهڙي اشتهار ڏيڻ جو ڇا مطلب آهي؟ جنهن اميدوار جو نانءُ ”اردو“ جي ڪنهن ”اکر“ سان هجي ته اهو ئي درخواست ڪري! جڏهن ڪيپيٽل سٽي پوليس ۾ ڪانسٽيبل صرف غير سنڌي ئي ڀرتي ڪرڻا آهن ۽ اها نوڪري انهن کي ئي ڏيڻي آهي، جن وٽ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل ۾ نالن ۾ غير سنڌي اکرن جو استعمال آهي ته پوءِ اهو اشتهار ڇپائڻ آخر ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو؟ ان اشتهار کي مشتهر ڪرڻ اسان جي لاءِ سوچ ۽ انديشن جو سبب ضرور بڻبو آهي. ۽ اهڙيءَ صورتحال ۾ اسان پنهنجي سنڌي ميمبرن، وزيرن ۽ ان کان علاوه انهن سڀني واسطيدار سنڌي فردن کان پُڇڻ جو حق رکون ٿا ته ڇا اهڙي قسم جي اشتهار تي هنن کي ڪا هلڪي چُهنڊڙي لڳي آهي يا نه؟؟؟؟ جي لڳي آهي ته کين اهڙي روش ۽ طريقي کي روڪڻ لاءِ تڪڙو تحرڪ وٺڻ گهرجي، نه ته ايندڙ وقت ۾ غير سنڌين جو اهو عمل انتهائي ڀوائتو ثابت ٿيندو. وقت جي سرڪار کي اپيل آهي ته ان اشتهار جو فوري نوٽيس وٺي، ٻيهر سنئون سڌو اشتهار ڏنو وڃي ۽ ان ۾ سموري سنڌ جي هر نوجوان کي درخواست ڏيڻ جو حق حاصل هجي، ڪراچي به سنڌ جي آهي ۽ اتي نوڪري ڪرڻ جو حق به سنڌين کي آهي. سنڌي سنڌ ۾ نوڪري نه ڪندا ته پوءَ ڀلا ولايت ۾ ڪندا..!!

    امداد ڪانهيو/12 ميل اسٽاپ
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڇا سنڌي ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق نٿا رکن؟!

    ادا ممتاز اوهان جي ڳالهه بالڪل درست آهي ته ان رويي کي روڪڻ لاء وس وارن کي جلدي اپاء‌ وٺڻ گهرجن ورنه نتيجو اهو نڪرندو جو ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جو اچڻ رهڻ تمام مشڪل ٿي پوندو۔
     
  3. sadiakhan

    sadiakhan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2010
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا سنڌي ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق نٿا رکن؟!

    وڌي افسوس جڳ ڳالاه اهي
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڇا سنڌي ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق نٿا رکن؟!

    هو اهيو ڏسي رهيا آهن ته اسان ڇا ٿا ڪري سگهو......... پر ڪراچي جي عوام سان سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جو عوام گڏبو به ائستائين ڪجهه به نه ٿي سگهدو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو