14 فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو...؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    14فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    14 فيبروري 1483ع تي مغل شھنشاهه ظھير الدين بابر جو جنم ڏينھن آهي.
    14 فيبروري 1556ع تي اڪبر بادشاهه هندستان تي تخت نشين ٿيو.
    14فيبروري 1663ع تي ڪئناڊا فرانس جو صوبو بڻيو.
    14فيبروري 1919ع تي پولينڊ ۽ سوويت يونين وچ ۾ جنگ شروع ٿي.
    14 فيبروري 1936ع تي هاري ڪاميٽيءَ جو بيباڪ اڳواڻ ڪامريڊ مظفر جتوئي ولد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
    14 فيبروري 1940ع تي ناميارو راڳي محمد يوسف ولد لؤنگ فقير مڱڻهار حيدرآباد ۾ ڄائو.
    14 فيبروري 1946ع تي نورو جي صدر اوگو جو جنم ڏينھن آهي.
    14 فيبروري 1947ع تي شاعر غضنفر راجا جو جنم ڏينھن آهي.
    14 فيبروري 1958ع تي سردار عبدالرب نشتر جو وڇوڙو ٿيو.
    14 فيبروري 1974ع تي مشھور موسيقار رتن جنڪر جو وڇوڙو ٿيو.
    14 فيبروري 1976ع تي شاعر، ليکڪ، ريڊيو ڪمپيئر ۽ مرتب حاجي حسين جلباڻي ڳوٺ نورنگ خان جلباڻي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    14 فيبروري 1997ع تي سرسنگيت جو راڻو، سنڌ جو مھدي حسن استاد محمد يوسف، سنڌي قوم کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
    14 فيبروري 2005ع تي لبناني صدر رفيق الحريري بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
    14 فيبروري 2015ع تي شاعر ۽ ليکڪ قاضي مقصود گل لاڏاڻو ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو