”عمران سرڪار جون اعلانيل ٽي تبديليون“ سنڌ ايڪسپريس جمعي 18 فيبروري 2022 تي ڇپيل ڪالم: محمد خان سيال

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2022۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
  2. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    عمران سرڪار جون اعلانيل ٽي تبديليون: محمد خان سيال
    تازو عمران خان سرڪار ملڪ ۾ ٽي اھم بنيادي تبديليون آڻڻ لاءِ ڪارروائيءَ جو وري اعلان ڪيو آھي. اھا ايمانداريءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته انھن ٽنھي تبديلين آڻڻ سان سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ کي فائدو پھچندو يا سخت نقصان. جيڪڏھن سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ کي سخت نقصان پھچائڻ جي نيت آھي ته انھيءَ ۾ چٽيءَ ريت پاليسي اختيار ڪري وفاقي سرڪار جي خطرناڪ ڪاررواين جو زوردار مقابلو ڪرڻ گهرجي. اھي ٽي رٿيل تبديليون آھن: ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ، اھم 18 آئيني ترميم ۾ تبديليون آڻي ان جي اھميت گهٽائڻ ۽ پنجاب ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت.
    جيستائين سنڌ جي مسئلن جو واسطو آھي ته ڇنڊڇاڻ ڪجي ته قصو ئي نرالو آھي يعني فيسبوڪ تي “سنڌ جا ٺيڪيدار” وفاقي سرڪار طرفان ملڪ توڙي سنڌ سان کليوکلايو زيادتين تي، سندس عھدي ۽ نالي جي حوالي سان اکر به نٿا ڪڇن. منھنجو مطلب آھي ته جيڪڏھن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) کان ڪا جائز شڪايت آھي ته ڀلي اخلاق جي اندر ان جي مخالفت ڪريو. جڏھن ته مون به ماضيءَ ۾ پ پ پ سان ڪجھه مسئلن تي اختلاف ڪري اخبارن ۾ سندس خلاف کوڙ ڪالم لکيا ھئا ۽ فيسبوڪ تي به ڪيتريون پوسٽنگس ڪيون ھيون پر ڪڏھن به پ پ پ خلاف ڪا گندي ٻولي ڪم نه آندي ھئي ۽ جائز ڪارنامن جي واکاڻ به ڪئي ھئي. ايئن به نه ھئڻ گهرجي ته ڪنھن جو جائز ڪارنامو ھجي ته ھروڀرو ان خلاف نفرت جو ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. ھونئن به وفاقي سرڪار جون سنڌ خلاف کليو کلايو زيادتيون کوڙ آھن ته انھن خلاف به قانون ۽ اخلاق جي اندر رھي زوردار مھم ھلائڻ گهرجي پر فيسبوڪ تي تبصرن مان لڳي ٿو ته اسان وٽ ذھني مريض کوڙ آھن جيڪي وفاق جي ھلندڙ چئن سالن جي سنڌ سان لاڳيتين زيادتين تي اکر به نٿا ڪڇن ۽ ڏوھارين جا نالا وٺڻ ۾ سندن ساھه سُڪي وڃي ٿو. تبصرن ۾ رڳو پ پ پ تي تنقيد ڪري ۽ گاريون ڏئي اھو تاثر ڏين ٿا ته وفاق جون زيادتيون به سنڌ سرڪار ڪيون آھن. اھي عمران خان جي وفاقي سرڪار طرفان سنڌ سان کليو کلايو ۽ لاڳيتين زيادتين باجود ان کي اڻسڌي ريت “فرشتو” سمجهن ٿا.
    اھا سچائي آھي ته عمران خان جي وفاق ۽ سڀني صوبن (سواءِ سنڌ) ۾ حڪومتون قائم ٿيل آھن. وفاقي سرڪار جي کليو کلايو زيادتين جو عمران سرڪار کي ذميدار ڪونه سڏڻ ۽ الٽو رڳو پ پ پ تي الزام ھڻڻ وڏي زيادتي آھي ڇاڪاڻ ته پ پ پ سرڪار ته رڳو سنڌ ۾ آھي يعني وفاق ۽ رھيل صوبن ۾ ڪونه، تنھنڪري اتان جي زيادتين جو ذميدار پ پ پ کي سڏڻ وڏو ظلم آھي.
    تازو وفاقي سرڪار طرفان صدارتي نظام ٻيھر آڻڻ جي فائدي ۾ بيان شايع ٿيا آھن. اصل ۾ صدارتي نظام ملڪ ۾ اڳ به لاڳو ٿيل ھو جنھنڪري صدر کي ججها اختيار حاصل ھئا جن جو ناجائز فائدو وٺي ٽن صوبن سان مکيه ۽ لاڳيتيون زيادتيون ڪيون ويون ھيون، البت پنجاب ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ فائدا وٺندو رھيو. جميعت العلماءِ اسلام جي سربراھه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ٺيڪ آھي ته صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ آئين کي بيڪار بڻائڻ جي برابر آھي جڏھن ته آئين کي ختم ڪرڻ ۽ نقصان پھچائڻ وارا، ملڪ ٽوڙڻ جا ذميدار ھوندا.
    ھاڻي وري وزيراعظم عمران خان پاڻ پنجاب ۾ رٿيل تڪراري ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جي پٺڀرائيءَ ۾ به بيان جاري ڪيا آھن جڏھن ته 18 آئيني ترميم جي اھميت گهٽائڻ جا به بيان جاري ڪيا ويا آھن مطلب ته اسان کي اھو بي ريا ٿي جائزو وٺڻو پوندو ته صدارتي نظام لاڳو ٿيڻ ۽ پنجاب ۾ تڪراري ڪالاباغ ٺھڻ ۽ 18 آئيني ترميم کي بيڪار بڻائڻ جي صورت ۾ سنڌ کي فائدو پھچندو يا نه ۽ اھو به ڏسڻو پوندو ته ڇا انھن ٽنھي رٿائن مان پنجاب کي سڀ کان گهڻو فائدو پھچندو؟يا سندن اصل مقصد سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙڻ آھي جيتوڻيڪ سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وفاقي سرڪار کي سڀ کان وڌيڪ رقم ڏئي ٿي. عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، سنڌ ٽوڙڻ کان علاوه “اندرون سنڌ” طرفان ڪراچيءَ تي حڪمرانيءَ خلاف بيان ڏنا ھئا. بھرحال، وفاقي سرڪار کي احساس ٿيڻ گهرجي ھا ته سنڌ سان دشمني ۽ نفرت، ملڪ جي فائدي ۾ ھرگز ناھي جڏھن ته پاڪستان ٺاھڻ ۾ سنڌ جون وڏيون خدمتون ھيون. پوءِ، عمران سرڪار، سنڌ خلاف ڇو لاڳيتو ڪات ڪھاڙا کڻي گهمي ٿي؟
    ھن ملڪ جي زوردار بدقسمتي ڏسو ته ملڪ جا سڀ يعني چار ئي صوبا ڪيترا سال اڳ يعني 2010 سال ۽ پوءِ 2013 ۾ به ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاھڻ تي ھڪراءِ ھئا جن ۾ پنجاب به شامل ھو. باقاعدي ٺھراءُ منظور ٿيا پر ملڪ جي مختلف سربراھن جي اھم اعلانن موجب ھڪراءِ ھئڻ جي باوجود، گهڻا سال گذري ويا پر ديا مير ڀاشا ڊيم ٺھي ڪونه سگهيو آھي. اھا کليو کلايو زيادتي ۽ ظلم جي حد آھي ۽ وفاق طرفان رڳو پنجاب جي فائدي ۾ ڪارروايون ڪري سنڌ کي نقصان پھچائڻ جو ڌنڌو جاري آھي. ھونئن به پنجاب چاھي ٿو ته سخت تڪراري ڪالاباغ ڊيم پنجاب ۾ ٺھي جيڪو فني طور به ٺيڪ ناھي. اصل ۾ پنجاب، سنڌ جي پاڻيءَ تي به وڌيڪ ناجائز قبضو ڪري ھضم ڪرڻ چاھي ٿو ۽ اھڙي ريت اھي سنڌ جي آبادگارن کي به مڪمل تباهھ ڪرڻ چاھين ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو مکيه ڪاروبار پوک جي بنياد تي ٻڌل ھوندو آھي.
    تازو وزيراعظم عمران خان پنھنجن اڳوڻن سفيرن توڙي ٿنڪ ٽينڪ جي نمائندن سان گفتگو ڪندي چيو آھي ته ارڙھين ترميم کانپوءِ ئي گهڻن ئي مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ياد رھي ته ان کان اڳ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار به صدارتي نظام جي پٺڀرائي ڪندي چيو ھو ملڪ ۾ صدارتي نظام ھجي. نه رڳو ايترو پر حڪمران پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد دعوى ڪئي ته ملڪ ۾ اسلامي صدارتي نظام ھئڻ گهرجي.
    انھيءَ سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر رضا رباني چواڻي ارڙھين ترميم تي حملو انھيءَ ڳالهھ کي ظاھر ڪري ٿو ته صدارتي حڪومت واري رٿ جي پٺيان ڪنھنجو ھٿ آھي؟ سندس بيان موجب ارڙھين آئيني ترميم ۽ پارليامينٽ تي حملو “پاڳل انسانن” ۽ مرڪزيت پسند جي ذھنن جي نمائندگي ڪري ٿو، سندس چواڻي: وفاقي سرڪار جو حال اھو آھي ته “نچڻ نه اچي، چون ٿا اڱڻ ٽيڙو آھي.” ھن وفاقي سرڪار کان اھم سوال پڇيو آھي ته ارڙھين ترميم، مھانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪرپشن روڪڻ ۾ ڪيئن رڪاوٽ آھي؟
    ارڙھين ترميم تان ياد آيو ته 13 فيبروريءَ تي اياز لطيف پليجي، سربراھه قومي عوامي تحريڪ جو بيان مون ميڊيا ۾ پڙھيو جنھن ۾ سندس چواڻي سنڌ سرڪار 18 ترميم کي ڪرپشن جو ھٿيار بڻايو آھي پر منھنجو تبصرو اھو ھو ته ارڙھين آئيني ترميم نه ھجي ھا ته عمران سرڪار، اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واري اعلان موجب سنڌ ٽوڙڻ جي اعلان تي عمل ڪري ھا.
    ھونئن به اھا ڳالهھ سوچڻ جي آھي ته اياز لطيف پليجي سميت قومپرست، عمران سرڪار جي سنڌ ٽوڙڻ واري اعلان باوجود سندس خاص مخالفت نٿا ڪن. گهٽ ۾ گهٽ وفاقي سربراھه جو نالو وٺي ان خلاف ۽ سنڌ جي فائدي ۾ تحريڪ ھلائين پر چئن سالن دوران ائين نٿا ڪن البت خانا پُري ڪرڻ ھاڻي اھو چيو ھئائين ته “اسان وفاقي سرڪار جي خلاف آھيون” پر وفاقي سرڪار جي چئن سالن کان لاڳيتي ۽ کليو کلايو سنڌ دشمنيءَ خلاف سندن نالو وٺي زوردار تحريڪ نٿا ھلائين. ڇو؟
    اسان وٽ اهڙا ماڻهو کوڙ آھن سي سنڌ سرڪار خلاف سو سيڪڙو زوردار جائز ۽ ناجائز مھم ھلائين ٿا پر سنڌ ٽوڙڻ جي حامي وفاقي سرڪار خلاف تحريڪ ھلائڻ ۾ سندن ساھه نڪرين ٿو.
    ٻئي طرف، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ ھو ته اتحادي، سينيٽ ۾ عمران سرڪار خلاف تحريڪ پيش ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب جيڪڏھن سينيٽ وفاقي عمران خان سرڪار خلاف ٺھراءِ بحال ڪري ته اھو وڏو ڪارنامو ھوندو ۽ سڌي يا اڻ سڌي ريت سنڌ جي وجود کي برقرار رکڻ جي پٺڀرائي ھوندي.
    بھرحال، سينيئر ليکڪ طور منھنجي سنڌ جي عام ماڻھن کي اپيل آھي ته ھو ھر سطح تي وفاقي سرڪار جي سنڌ سان زيادتيءَ کي اوليت ڏين. سنڌ سرڪار سان جائز اختلاف اٿن ته ڀلي ڪن پر وفاقي سرڪار جي سنڌ دشمنيءَ خلاف اوليت ڏئي ڀرپور مھم ھلائين ۽ خاص ڪري رٿيل خطرناڪ ڪالاباغ ڊيم ۽ صدارتي نظام جي به سخت مخالفت ڪن. جيڪڏھن ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم ٿيو، پنجاب ۾ تڪراري ڪالاباغ ڊيم ٺھيو ۽ ارڙھين آئيني ترميم ختم ٿي ته مختلف بنيادن تي سنڌ تباهھ ٿي ويندي تنھنڪري سنڌ ۾ سياسي اختلاف ڇڏي سنڌ جي يڪجهتيءَ لاءِ زوردار ڪوششون ڪريو ته بھتر. بھرحال، جيڪي ملڪ جي تباھيءَ لاءِ مٿي ڄاڻايل ٽي اھم فيصلا ڪرڻ چاھين ٿا تن جو جائز مقابلو ڪريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو