لڙڪ ھِي پنھنجا پيئڻا پيا، سُور ھي تنھنجا سھڻا پيا دل کي تنھنجا درد مليا، تنھنجو پيار نصيب نہ ٿيو رھجي ويون ھي اکيون آليون، ڪو قرار نصيب نہ ٿيو مون ڪلھ بہ توکي چاھيو ٿي ۽ اڄ بہ توسان محبت آ بس ڏک رڳو ان ڳالھ جو آ ٿِي پُوري نہ دل جي حسرت آ ھڪ پل ڀي تنھنجي ٻانھن وارو، مونکي ھار نصيب نہ ٿيو تون وقت پيو سک ساڻ ڪٽين پر منھنجي ڏُک ۾ پئي گُذري تو مونکي آھي وساري ڇڏيو تنھنجي ياد دل مان نٿي نڪري جيئن ڇڏي وئينءَ اُن کان پوءِ، تنھنجو ديدار نصيب نہ ٿيو. بيدرد اھڙي چوٽ ڏنئي ويو اُجڙي آ ”خاصخيلي زمان“ مون پنھنجا حال وڃائي ڇڏيا، ٿو ھاڻ چرين وانگي گهمان ڪنھن ڀلاري ڏينھن تي ڀي، آ سينگار نصيب نہ ٿيو. آواز: شمن علي ميرالي ٻول: زمان خاصخيلي