15هين فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    15فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    15 فيبروري 1869ع تي مشھور شاعر ۽ مصنف مرزا اسد الله خان غالب جو وڇوڙو ٿيو.
    15 فيبروري 1908ع تي مشھور اديب رفيق خاور جو جنم ڏينھن آهي.
    15 فيبروري 1919ع تي نامور اديب، سماج سڌارڪ ۽ تعليم دان پروفيسر عبدالرحيم ولد الله بچايو ڏيٿو ڳوٺ ٻيلو تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
    15 فيبروري 1925ع تي علي محمد شيخ ولد محمد خان ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ سنڌي صحافت جي آسمان جو روشن ستارو هو.
    15 فيبروري 1925ع تي جديد اردو غزل گو شاعر ڊاڪٽر بشير بدر جو جنم ڏينھن آهي.
    15 فيبروري 1930ع تي مشھور سنڌي گائڪ آزاد صوفي اصل نالو پي بي دريا ناڻي خيرپور ۾ ڄائو.
    15 فيبروري 1931ع تي شاعر ڀڳوانداس ڪيسومل دولتاڻي ”هوش“ ميرپور ماٿيلو ۾ جنم ورتو.
    15 فيبروري 1933ع تي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو ڳوٺ ڏيٿا تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادب ۾ طنز مزاح-ڪھاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نقاد آهي.
    15 فيبروري 1935ع تي سنڌ جو عظيم رياضيدان، ڊاڪٽر نورمحمد ٽالپر حيدرآباد ۾ ڄائو.
    15 فيبروري 1935ع تي آمريڪي وزير زراعت، جون آر بلاڪ جو جنم ڏينھن آهي.
    15 فيبروري 1938ع تي سنڌ جو نالي وارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڳوٺ غلام چانڊيي دادو ۾ ڄائو.
    15 فيبروري 1966ع تي سنڌ جو مشھور قانوندان ۽ درويش انسان رحيم بخش شيخ وفات ڪئي. رحيم بخش شيخ جي جنم ڀومي شڪارپور آهي رحيم بخش جي پيدائش 1895ع ۾ ٿي.
    15 فيبروري 1966ع تي ليکڪ ذوالفقار باڊاهيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
    15 فيبروري 1971ع تي نوجوان ٽھيءَ جو خوبصورت شاعر، ڪوڙل قربدار جو ڇٽيءَ جو نالو ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.
    15 فيبروري 1971ع تي برطانيه ۾ اعشاري نظام رائج ٿيو.
    15فيبروري 1971ع تي ريني او ڪونور آمريڪي اداڪاره، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر جو جنم ٿيو.
    15 فيبروري 1972ع تي صحافي امير بخش بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
    15 فيبروري 1973ع تي شاعر اياز لاکير جو جنم ڏينھن آهي.
    15 فـيـبـروري 1974ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش جو جنم ڏينھن آهي. سندس پي ايڇ ڊي مقالي جو عنوان ”شاهه جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ آهي.
    15فيبروري 2002ع تي مشھور شاعر ڊاڪٽر حسن رضوي جو وڇوڙو ٿيو.
    15فيبروري 2003ع تي عراق مان فوجن جي مڪمل واپسي ۽ عراق جنگ جي خلاف مختلف ملڪن جي ڇھ سو شھرن ۾ لڳ ڀڳ 80 ملين ماڻھن مظاھرو ڪيو، اھو مظاهرو دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو مظاهرو ھو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو