فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 16فيبروري 923ع تي فيلسوف، فقيه، مصنف، شاعر ۽ مورخ ابن جرير طبري جو وڇوڙو ٿيو. 16 فيبروري 1642ع تي شيخ عبدالحق محدث دهلوي جو وڇوڙو ٿيو. 16 فيبروري 1649ع تي اورنگزيب، قنڌار تي ٻيھر حملو ڪيو. 16فيبروري 1878ع تي آمريڪا ۾ سلور ڊالر (سڪو) متعارف ڪرايو ويو. 16 فيبروري 1887ع تي جناح حال لاهور جو سنگِ بنياد رکيو ويو. 16 فيبروري 1910ع تي سيد هاشم رضا جو جنم ڏينھن آهي. 16 فيبروري 1916ع تي مشھور استاد ۽ تعليم دان غلام رضا ڀٽو هالا شھر ۾ پيدا ٿيو. 16 فيبروري 1934ع تي قومي شاعر ۽ صحافي پروانو ڀٽي اصل نالو (ميوو خان) ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو. 16 فيبروري 1940ع تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ پھريون فلم اسٽوڊيو پنجولي جو افتتاح ٿيو. 16 فيبروري 1944ع تي برصغير جي فلمي صنعت جي پھرين معمار دادا صاحب پالڪي جو وڇوڙو ٿيو. 16 فيبروري 1947ع تي مشھور اديب اسلم ڪشميري جي شادي ٿي. 16 فيبروري 1948ع تي ڀارت جي مشھور ليکڪا وينا شرنگي ڌيءَ مھراج گوپي ڪرشن شھدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائي. 16فيبروري 1948ع تي مذهبي اسڪالر سرفراز احمد نعيمي، جو جنم ڏينهن آهي. 16فيبروري 1957عشاعره، سفرناما نگار، ۽ ٽي وي ڪمپوزر بشرا فرخ، جو جنم ٿيو. 16 فيبروري 1971ع تي مشھور شاعر نثار بيالوي کي حيدرآباد ۾ ”مجتھد الشعراء“ جو خطاب ڏنو ويو. 16 فيبروري 1981ع تي الطاف راجا اصل نالو الطاف حسين ذات چنو چنا ڳوٺ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، مضمون نگار، ڪھاڻيڪار، ترجمي نگار ۽ ايڊيٽر اٿس. 16 فيبروري 1988ع تي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ شاعر رشيد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو. 16 فيبروري 2016ع تي ناميارو اديب پروفيسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪيو. 16 فيبروري 1997ع تي ناميارو اديب، راهي چنا وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو