• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سي جي ڪئنال وهائڻ تي سنڌ جو احتجاج،فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي:قائم علي شاهه

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سي جي ڪئنال وهائڻ تي سنڌ جو احتجاج،فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي:قائم علي شاهه

ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ افسوسناڪ آهي، ان کان اڳ اسان کي کين ٻڌائي ۽ قائل ڪرڻ گهرجي ها، اسان ارسا کي ليٽر لکي مطالبو ڪنداسين ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي پر سنڌ کي ضرورت جو پاڻي ملي ويو آهي ۽ اسان جي ضرورت پوري ٿي وئي آهي، هن اهڙو اظهار ڪالهه هتي ڪراچي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ وارو فيصلو بلڪل نامناسب آهي ۽ اسين ان تي ارسا جي اختيارين سان ڳالهائينداسين، اهو تڪراري ڪئنال آهي، جنهن جو 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري ٺاهه ۾ ڪو به ذڪر ناهي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي نه کولڻ گهرجي ها. هن چيو ته گذريل ڏينهن ارسا جي گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي پاڻي جي ضرورت پوري ٿيڻ کانپوءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ويندو پر اهو اڄ (ڪالهه) ئي کوليو ويو آهي ۽ ان ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن تي مڪمل طرح عمل نه ٿيو آهي، ان گڏجاڻي ۾ پنجاب جي وڏي وزير خاطري ڏياري هئي ته شفقت مسعود کي ارسا کان ڌار ڪيو ويندو ۽ سندس خلاف قدم کڻي پنجاب پاران ارسا ۾ ڪو ٻيو ميمبر نامزد ڪيو ويندو پر ائين نه ڪيو ويو آهي. ارسا جي اڳوڻي وقتي چيئرمين شفقت مسعود ارسا ۾ سنڌ ۽ وفاق جي نمائندن کي ڌار ڌار سڏائي ڌمڪايو ۽ ان کانپوءِ سندن گهرن ۾ وڃي به کين ڊيڄاريو ويو، جنهن تي هنن استعيفائون ڏئي ڇڏيون، شفقت مسعود سنڌ جي آبپاشي واري وزير سيد مراد علي شاهه خلاف به غير مناسب ٻولي ڳالهائي، اسان کي شفقت مسعود خلاف قدم کڻڻ جو انتظار آهي. هن چيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ لاءِ ضرورت کان به وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي پر اسان کي وڌيڪ پاڻي نه مليو آهي ۽ ضرورت جيترو پاڻي مليو آهي، ڇو ته پاڻي وچ ۾ گم به ٿي ويندو آهي، اسان ان پاڻي کي ڳڻينداسين، جيڪو پاڻي گڊو تي پهچندو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين ٿي ويو هو، جنهن تي قومپرست ڌرين جو موقف ۽ اسان جو موقف هڪ هو ۽ اسين گڏيل احتجاج ڪندا هئاسين، باقي قومپرست ڌرين جو پنهنجو سياسي پروگرام آهي. هن چيو ته ارسا جي تازي گڏجاڻي ۾ اهو طئي ٿيو هو ته سکر بئراج وٽ هڪ لک 35 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچڻ گهرجي، جيڪو اچي ويو آهي. هن چيو ته اسان وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ چيو هو ته 1991ع جي ٺاهه تحت سڀني صوبن کي پاڻي ڏئي سندن ضرورت پوري ڪرڻ کانپوءِ جيڪو پاڻي بچي اهو ڪنهن اهڙي ڪئنال ۾ ڇڏيو وڃي، جنهن جو ذڪر 1991ع جي ٺاهه ۾ ٿيل هجي. سنڌ ۾ هن وقت به ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي جي کوٽ آهي، گذريل سال تائين بدين ۽ ٺٽي جون 21 لک ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ سبب سمنڊ جو پاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان کي ضرورت جيترو پاڻي ملي ويو آهي ۽ اسان بلوچستان کي به پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته شهدادڪوٽ سميت سنڌ جي مٿين علائقن ۾ به پاڻي ڇڏيو ويو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پڻ 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس برابر ڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو، اسان جو پنجاب سان ڪوبه مقابلو ناهي. تپيداري جي سکيا وٺڻ کانپوءِ به نوڪرين جا آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ نوجوانن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اهو مسئلو مون وٽ نه آيو آهي ۽ جيئن ئي ايندو ته ان جو جائزو وٺنداسين. ان کان اڳ وڏي وزير ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن کي 25 لک رپين جو چيڪ ڏنو. سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم وٽ 2 ڏينهن پهرين ٿيل اجلاس ۾ سنڌ کي اها خاطري ڪرائي وئي هئي ته خريف جي آخر تائين چشما جهلم لنڪ ڪئنال نه وهايو ويندو، سرڪٽ هائوس بدين ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب وزيراعظم وٽ ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عمل ناهي ڪيو، سي جي ڪئنال وهائڻ خلاف احتجاج ڪنداسين ۽ 1991ع واري ٺاهه کانسواءِ ڪو به اڻبرابري ورڇ وارو معاهدو تسليم نه ڪنداسين.
 
جواب: سي جي ڪئنال وهائڻ تي سنڌ جو احتجاج،فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي:قائم علي شاهه

سائين پنجاب لاءِ‌جيڪو پاڻيءَ‌جو ڪوٽا رکيو ويو آهي، سي جي ڪئنال وارو پاڻي ان کان الڳ آهي۔۔۔
 
Back
Top