فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 18 فيبروري 901ع تي عراقي رياضي دان ۽ ماهر طبيب ثابت بن قرا، جو وڇوڙو ٿيو. 18 فيبروري 1201ع تي فلسفي نصير الدين الطوسي جو جنم ڏينھن آهي. 18 فيبروري 1266ع تي ناصر الدين محمود جو وڇوڙو ٿيو. 18 فيبروري 1546ع تي عيسائيت جو وڏو مصلح مارٽن لوٿر جو وڇوڙو ٿيو. 18 فيبروري 1564ع تي اطالوي مجمساز ۽ مصور مائيڪل اينجيلو پينٽ، جو وڇوڙو ٿيو. 18 فيبروري 1782ع تي ٽيپو سلطان، برطانوي ڪمانڊر بريٿ ويٽ جي خلاف تجور جي هنڌ تي فتح حاصل ڪئي. 18 فيبروري 1831ع تي سيد صبغت الله شاهه اول تجر ڌڻي (پھريون پير پاڳارو) وفات ڪئي. سيد صبغت الله شاهه اول جو جنم 1769ع ۾ ٿيو. 18 فيبروري 1843ع تي چارلس نيئپر، مير محمد نصير خان ۽ ٻين ميرن کي گرفتار ڪيو. 18فيبروري 1929ع تي پهريون آسڪر ايوارڊ جو اعلان لاس اينجلس، آمريڪا ۾ ٿيو. 18 فيبروري 1930ع تي نظام شمسي جو سيارو پلوٽو سڀ کان پھرين دريافت ٿيو. 18 فيبروري 1931ع تي سنڌ ۽ هند جو ناميارو اديب ٺاڪر چاول ڪراچي ۾ جنم ورتو. 18 فيبروري 1931ع تي آمريڪي ناول نگار ۽ ايڊيٽر ٽوني موريسن، جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1936ع تي پير اصغر شاهه راشدي راهه رباني وٺي ويو سندس مزار پير ڳوٺ ۾ روضي شريف جي ٻاهران اتر طرف آهي. 18 فيبروري 1960ع تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ اظھر ولد مظهر علي جتوئي حيدرآباد ۾ ڄائو. 18 فيبروري 1967ع تي احمد علي ”مجذوب“ ڄام شورو اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. 18 فيبروري 1967ع تي سائنسدان رابرٽ اوپن هيمر جو وڇوڙو ٿيو. 18 فيبروري 1977ع تي زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام کي زرعي يونيورسٽي جو درجو مليو. سال 1928-29ع ڌاري ڪنگ جارج پنجين جي نالي سان سڪرنڊ ۾ هڪ زرعي ڪاليج قائم ڪيو ويو بعد ۾ انهيءَ ڪاليج کي 1954ع ۾ سڪرنڊ کان ٽنڊو ڄام منتقل ڪيو. 18 فيبروري 1977ع تي سنڌ ۾ ٽن ڪاليجن، زرعي ڪاليج، ٽنڊو ڄام، نوابشاهه انجنيئرنگ ڪاليج ۽ اين اِي ڊي ڪاليج ڪراچي کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو. 18 فيبروري 1981ع تي جيمس آباد جو نالو تبديل ڪري ڪوٽ غلام محمد رکيو ويو. 18 فيبروري 1981ع تي شاعر ماٺيڻو اوٺو وفات ڪئي. 18فيبروري 2008ع تي پاڪستان ۾ جمھوريت جي بحالي لاءِ 9 هين عام چونڊون ٿيون