19 فيبروريءَڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    19 فيبروري 1473ع تي عظيم سائنسدان نڪولس ڪوپرنيڪس جو جنم ڏينھن آهي.
    19 فيبروري 1689ع تي پشتو ٻوليءَ جي عظيم عوامي ۽ انقلابي شاعر خوشحال خان خٽڪ جو وڇوڙو ٿيو.
    19 فيبروري 1843ع تي ڪئپٽن پيلي قلعي ۾ رهندڙ بلوچ عملي کي آگاهه ڪيو ته سڀاڻي انگريزي جهنڊو قلعي ۾ چاڙهيو ويندو.
    19 فيبروري 1902ع تي سنڌ جو مشھور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله چانڊيو، ولد غلام حيدر چانڊيو، ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي) ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
    19 فيبروري 1915 ع تي گوڪلي جو وڇوڙو ٿيو.
    19 فيبروري 1928ع تي مشھور اديب باسط سليم جو جنم ڏينھن آهي.
    19 فيبروري 1949ع تي سياستدان اسفند يار ولي جو جنم ڏينھن آهي.
    19 فيبروري 1951ع تي مذهبي عالمِ دين، علامه طاهر القادر جو جنم ڏينھن آهي.
    19فيبروري 1951ع تي فرانسيسي ناول نگار، مضمون نگار ۽ ڊراما نگار آندرا زيد، جو وڇوڙو ٿيو.
    19 فيبروري 1952ع تي مذهبي اسڪالر مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
    19فيبروري1952ع تي ناروي جي ناول نگار، شاعر ۽ڊراما نگار نٽ همسن، جو وڇوڙو ٿيو.
    19فيبروري 1959ع تي برطانيه، ترڪي ۽ يونان قبرص جي آزاديءَ جي معاهدي تي دستخط ڪيو.
    19 فيبروري 1971ع تي الجزائر جي صدر بن يزيد شازل اقتدار سنڀاليو.
    19 فيبروري 1976ع تي تحريڪِ پاڪستان جي ممتاز رهنما سردار امير اعظم خان جو وڇوڙو ٿيو.
    19 فيبروري 1977ع تي ايٿوپيا جي چيئرمين يلنگوهيل مدم اقتدار سنڀاليو.
    19 فيبروري 1998ع تي فلمي اداڪار آغا تالش جو وڇوڙو ٿيو.
    19فيبروري 2006ع تي برٽش، بينڊ رولنگ اسٽونز جي اڳواڻي۾. برازيل ۾ سڀ کان وڏو ڪنسرٽ، جنهن ۾ 1.3 ملين ماڻهن شرڪت ڪئي.
    19 فيبروري 2008ع تي صحافي ۽ ليکڪ رام ڪرشن هيرانند راهي ديھانت ڪئي.
    19 فيبروري 2015ع تي ماهر تعليم، ليکڪ ۽ پروفيسر سترامداس سائل جڙيا سنگهاڻي جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو