• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

21 فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
فقير محمد سنڌي.
21 فيبروري 1857ع تي قابل قدر شاعر، بي نظير نثر نويس ۽ صحافي شمس الدين بلبل ولد بھادر خان ذات تنيو ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
21 فيبروري 1868ع تي مشھور شاعر امير مينائي جو جنم ڏينھن آهي.
21 فيبروري 1878ع تي پهريون ٽيليفون ڪتاب نيو هيون، ڪنيڪٽڪٽ، آمريڪا مان جاري ڪيو ويو.
21 فيبروري 1896ع تي شاعر ۽ ليکڪ سريڪانت ترپاٺي "نيرالا"، جو جنم ڏينهن آهي.
21 فيبروري 1941ع تي ڪينيڊا جو ماهر طبيب سر فريڊرڪ گرانٽ بينٽنگ، جو وڇوڙو ٿيو.
21 فيبروري 1948ع تي برطانيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽرنگ جو معاهدو ٿيو.
21 فيبروري 1958ع تي مفڪر ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه جامع مسجد جي سامهون سرمد شھيد جي ڀر دهليءَ ۾ اٿس.
21 فيبروري 1961ع تي محمد علي ڪِلي جو مقابلو ڊوني فلي سان ٿيو.
21 فيبروري 1965ع تي ميلڪم ايڪس، ڪارو آمريڪي مذهبي اڳواڻ جو وڇوڙو ٿيو.
21 فيبروري 1967ع تي درياءِ جھلم جو رخ منگلا ڍنڍ جي طرف موڙيو ويو.
21 فيبروري 1969ع تي مشھور شاعر ۽ بلند پايه عالم دين مولانا حبيب الله ولد سعد الله اعواڻ جنم ورتو. مولانا حبيب الله شھدادڪوٽي سان مشھور هو.
21 فيبروري 1972ع تي پوليس پھريون دفعو پشاور ۾ هڙتال ڪئي.
21 فيبروري 1980ع تي ليکڪ جمال ساگر گهانگهرو جو جنم ڏينھن آهي.
21 فيبروري 1981ع تي قادر الڪلام شاعر عبدالله خواب هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
21 فيبروري 1985ع تي پير علي محمد اظھر ريلائي انتقال ڪيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، نقاد ۽ اديب هو.
21 فيبروري 2000ع تي موسيقار امداد حسين جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top