• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

22فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
22 فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
فقير محمد سنڌي.
22 فيبروري 1857ع تي اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول جو جنم انگريز آفيسر جي گهر انگلينڊ ۾ ٿيو.
22 فيبروري 1904ع تي مشھور اديب وقار انيالوي جو جنم ڏينھن آهي.
22 فيبروري 1907ع تي لارڊ پائول آف گلول انگلستان جي برائون سي ٻيٽ تي ويهن ڇوڪرن تي ٻڌل جٿي تي پھرين هڪ سئو اسڪائوٽ ڪئمپ قائم ڪئي.
22 فيبروري 1911ع تي مشھور شاعر محمد جمن هالو ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
22 فيبروري 1915ع تي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان بنگش جو جنم ڏينھن آهي.
22 فيبروري 1922ع تي مولانا محمد قاسم مشوري پنھنجي ڳوٺ مشھوري شريف ۾ مدرسو قاسميه قائم ڪيو.
22 فيبروري 1923ع تي مشھور غزل گوشاعر حافظ شاهه ناطق حسيني ولد سيد الله بخش شاهه ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
22 فيبروري 1924ع تي سوچڻ جو عالمي ڏينھن ملهائڻ جي شروعات پھريون ڀيرو چوٿين گرل گائيڊ بين الاقوامي ڪانفرنس آمريڪا ۾ منعقد ڪئي وئي.
22 فيبروري 1948ع تي قائد اعظم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پھرين ۽ آخري پريس ڪانفرنس سبي ۾ ڪئي.
22 فيبروري 1968ع تي مجيب الرحمان کي اگرٽله سازش ڪيس مان بري ڪيو ويو.
22 فيبروري 1969ع تي پاڪستان حڪومت 10 پيسن جو سڪو جاري ڪيو.
22 فيبروري 1974ع تي پاڪستان، بنگلاديش کي تسليم ڪيو.
22 فيبروري 1980ع تي افغانستان ۾ مارشلا جو نظام نافذ ڪيو ويو.
22 فيبروري 1982ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ڀارومل اَمداڻي، سوٽھڙ چيلهار شھر، تعلقي ڇاڇڙي ۾ ڄائو.
22 فيبروري 1983ع تي مشھور شاعر جوش مليح آبادي، اصل نالو شبير حسين خان آفريدي جو وڇوڙو ٿيو.
22 فيبروري 2008ع تي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج 14981 جي بلند ترين سطح تي بند ٿي.
 
Back
Top