• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

24فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
24 فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
فقير محمد سنڌي.
24 فيبروري 1304ع تي مشھور مسلمان سياح ابن بطوطه جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1739ع تي معرڪه ڪرنال، ايراني حڪمران نادر شاهه برصغير جي مغل شهنشاهه، محمد شاهه کي پنھنجي ماتحت ڪيو.
24 فيبروري 1918ع تي يورپي ملڪ ايستونيا آزاديءَ جوا علان ڪيو.
24 فيبروري 1923ع تي مشھور اديب، ايوب صابر جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1935ع تي نامور قانوندان ۽ سياستدان عبدالحفيظ ولد عبدالستار پيرزادو پراڻي سکر ۾ ڄائو.
24 فيبروري 1936ع تي پاڪستان جي مشھور ڳائڻي نسيم بيگم، جو جنم ٿيو.
24 فيبروري 1940ع تي ليکڪ مظھر قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1945ع تي مصر ۽ شام، جرمني سان جنگ جو اعلان ڪيو.
24 فيبروري 1948ع تي هندستاني اداڪاره ۽ سياستدان جي للتا، جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1950ع تي آمريڪي فوٽو گرافر ۽ صحافي اسٽيو ميڪ ڪريري، جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1955ع تي ممتاز محقق ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر سيد سجاد دهلوي جو وڇوڙو ٿيو.
24 فيبروري 1974ع تي اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي.
24 فيبروري 1981ع تي ڪرڪيٽر محمد سميع جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1981ع تي برطانيه جي شھزادي چارلس، ليڊي ڊائنا اسپينسر سان منڱڻيءَ جو اعلان ڪيو.
24 فيبروري 1989ع تي يوٽا مان ، 15ڪروڙ سال پراڻو ڊائناسور جو انڊو دريافت ڪيو ويو .
24 فيبروري 1993ع تي برطانوي فٽبالر بوبي مور، جو وڇوڙو ٿيو.
24 فيبروري 2005ع تي تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو وڇوڙو ٿيو
24 فيبروري 2018ع تي هندستاني اداڪاره سري ديوي، جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top