• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

25 فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

سنڌي فقير محمد

سينيئر رڪن
25 فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
فقير محمد سنڌي.
25 فيبروري 1885ع تي جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيندڙ شاعر ڪشنچند بيوس لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
25 فيبروري 1925ع تي جاپان ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جو قيام عمل آيو.
25 فيبروري 1926ع تي تعليمي ماهر ڀڳوان داس، مير چنداڻي جو جنم ڏينھن آهن..
25 فيبروري 1941ع تي تعليمي ماهر، استاد ۽ محقق اي آر ملڪ مڪمل نالو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ گهوٽڪي ۾ ڄائو.
25 فيبروري 1942ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ابرار قاضي ولد سچي ڏنو قاضي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
25 فيبروري 1945ع تي ٻي عالمي جنگ: ترڪي، جرمني لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو.
25 فيبروري 1948ع تي پاڪستان ۾ اردو کي قومي اسيمبليءَ ”قومي زبان“ جو درجو ڏنو.
25 فيبروري 1948ع تي مسئلي ڪشمير کي اقوام متحده ۾ پيش ڪيو ويو.
25 فيبروري 1952ع تي شاعر مير غلام رسول غريب ٽالپر ڳوٺ مير باغ علي خان ضلعي بدين ۾ ڄائو.
25 فيبروري 1960ع تي پاڪستان جو نئون گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد کي مقرر ڪيو ويو.
25 فيبروري 1965ع تي شاعر اعجاز منگي جو جنم ڏينھن آهي.
25 فيبروري 1976ع تي آمريڪي اداڪاره ۽ پروڊيوسر رشيده جونز، جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1979ع تي شاعر ۽ سماجي ورڪر علي حسن چڍڙ جو جنم ڏينھن آهي.
25 فيبروري 1983ع تي آمريڪي ڊراما نگار ۽ شاعر ٽينيسي وليمز، جو وڇوڙو ٿيو.
25 فيبروري 1984ع تي شاعر نند لال مينگهواڙ جو جنم ڏينھن آهي.
25 فيبروري 1986ع تي فلپائن ۾ مسز اڪينو جي قيادت ۾ عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو.
25 فيبروري 2001ع تي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊونالڊ برادمن، جي وفات ٿي.
25 فيبروري 2007ع تي نظر لاکائي هن فاني ڏيھه کي ڇڏي مالڪ حقيقي سان مليو آخري آرامگاهه وڏا لاکا صوڀي ديري ۾ اٿس.
25 فيبروري 2008ع تي ڪوسوو، سربيا کان آزادي جو اعلان ڪيو.
25فيبروري 2008ع راولپنڊي ۾ آپگهاتي حملي۾ ، ميڊيڪل ڪور جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل مشتاق بيگ سميت 8 ڄڻا مارجي ويا، 30 زخمي ٿي پيا.
25 فيبروري 2020ع تي اڳوڻو ناظم اعلي ڪراچي ، سياستدان، وڪيل نعمت الله خان،، جو وڇوڙو ٿيو.
 
Back
Top