ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
حميرا علواڻي
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ ۾ تعليم جي معيار تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي صدر مملڪت آصف علي زرداري کي سالياني رپورٽ ۾ سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ شهري ۽ ٻهراڙي مان موزون اميدوار نه ملڻ سبب 2008ع ۾ 90 سيٽون خالي رهجي ويون. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) راڻا ڀڳوان داس 2008ع، 2009ع ۽ 2010ع جي سي ايس ايس جي مقابلي وارن امتحانن دوران 90 کان 100 سيٽون سنڌ مان مناسب اميدوار نه ملڻ ڪري خالي رهڻ واري رپورٽ صدر مملڪت کي پيش ڪندي کيس سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ سفارش ڪئي.
ڪنهن به ملڪ جي عروج ۽ زوال، ترقي، خوشحالي، فلاح ۽ ڪاميابي جو اندازو ان ملڪ جي ”تعليمي پاليسي“ مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ تعليمي نظام هونئن به ٽن طبقاتي قسمن جي نصابن هيٺ پڙهايو وڃي ٿو. پرائيوٽ اسڪول، (سنڌ ۾ 12000 پرائيوٽ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن) جن ۾ وڏن اسڪولن کان ويندي وچين درجي جي معيار واري تعليم ڏيندڙ اسڪول ڪم ڪن پيا. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 46000 سرڪاري اسڪول ڪم ڪن پيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 239 سرڪاري ڪاليج آهن، (جن مان 118ڪراچي ڊويزن ۾، 54 حيدرآباد ڊويزن ۾، 16 ميرپورخاص ڊويزن، 31 سکر ڊويزن ۽ 20 لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آهن). جن ۾ اٽڪل 3 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون انٽرميڊيٽ، بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪن پيون. هن وقت ڪاليجن ۾ سمورن اسپيشل مضمونن جهڙوڪ، رياضي، ڪيمسٽري، فزڪس، بائلاجي، ڪمپيوٽر وغيره جهڙن سائنسي مضمونن جي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جي ڪمي آهي. سڄي سنڌ ۾ 126 ٽيڪنيڪل ادارا ۽ 73 ووڪيشنل ادارا سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪن پيا، انهن ادارن ۾ پڻ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ آهي. سرڪاري تعليمي ادارا، جتي نه استاد پڙهائڻ وڃن، انهن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگرد وڏن پرائيوٽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو ڪيئن مقابلو ڪري سگهندو؟
سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه فوري اپاءُ وٺڻ گهرجن.
1. يونين ڪائونسل سطح تي سڄي سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ بهترين اسڪول قائم ڪيا وڃن، جن ۾ پرائمري کان وٺي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تائين هڪ ئي وقت هڪ هزار ڇوڪرا ۽ هڪ هزار ڇوڪريون پڙهي سگهن. ان لاءِ سنڌ جي هر هڪ يونين ڪائونسل ۾ مٿي ڄاڻايل سطح جا ٻه بهترين سرڪاري اسڪول تعمير ڪرايا وڃن.
2. سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائڻ جا جديد طريقا متعارف ڪرائڻ ضروري آهن.
3. سنڌ جا 29 هزار اسڪول بجلي، 25 هزار اسڪول پيئڻ جي پاڻي ۽ 5 هزار اسڪول بغير فرنيچر جي هلن پيا، انهن اسڪولن جي تمام مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
4. سنڌ ۾ 13 هزار 131 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول اهڙا آهن، جتي ٻار کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اهڙن اسڪولن کي پڻ بلڊنگ ڏيڻ جي ضرورت آهي.
5. تعليم واري صوبائي کاتي طرفان 10-2009ع ۾ 2.99 ارب رپيا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ جي 10 ضلعن (لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو، خيرپور، شهيد بينظير آباد، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، عمرڪوٽ، مٺي) ۾ مختلف اين جي اوز ذريعي اسڪول کولائڻ لاءِ 3 سالا پروجيڪٽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان شروع ڪيو ويو، جيڪو ورلڊ بئنڪ طرفان فنڊيڊ آهي. ضرورت ان پروگرام جي مانيٽرنگ ۽ نگراني جي پڻ آهي.
سڄي ملڪ جي 18 هزار مدرسن ۾ اٽڪل 70 لک ٻار تعليم حاصل ڪن پيا، جن ۾ اڪثر مدرسا مذهبي تنظيمن جي اثر هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. رڳو سنڌ ۾ 15 لک ٻار مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن ٻارن کي انتها پسند روين کان پري رکي ملڪ جو ڪارآمد فرد بڻائي سگهجي ٿو. اڄ ڏينهن تائين حڪومت پنهنجي تعليمي پاليسي ۾ انهن مدرسن جي ڊگري کي حڪومتي دائري ۽ ضابطن هيٺ آڻي، مدرسن جي نصاب، معلمن جي تربيت ۽ انهن جي ڊگري کي ڪنهن تعليمي بورڊ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. ڇا ديني مدرسن ۾ سائنس، حساب، جنرل ناليج، ڪمپيوٽر جهڙا موضوع شامل ڪرڻ ضروري نه آهن؟ مدرسن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب توڙي استادن جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انهن جي ٽريننگ ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ ضروري آهي. بيشڪ مذهبي تعليم ضروري آهي، پر گڏوگڏ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ سائنسي ۽ فني تعليم پڻ ضروري آهي. ان طرف پڻ ڌيان ڏنو وڃي ته مدرسن کي رجسٽر ڪري انهن کي تعليمي امتحاني بورڊ جي انتظام هيٺ آڻي، نئون نصاب ترتيب ڏجي ۽ باقائدگي سان امتحان ورتا وڃن. اتي پڙهائيندڙ استادن جي ڀرتي پڻ حڪومتي انتظام هيٺ ٿئي.
سرڪاري انگن اکرن موجب سڄي پاڪستان ۾ 15000 سرڪاري اسڪول بند پيا آهن، جن مان اڌ رڳو سنڌ ۾ بند پيل آهن، انهن بند پيل اسڪولن مان هڪ سال اندر 1494 اسڪول کولايا ويا آهن، باقي بند پيل اسڪولن مان ڪيترائي وڏيرن جون اوطاقون يا وٿاڻ بڻيل آهن. اهڙي صورتحال ڏسي ورلڊ بئنڪ سنڌ حڪومت کي 300 ملين ڊالر (10-ارب رپيا سالانه) مالي سال 09-2008ع 2010-2009ع ۽ 11-2010ع لاءِ serpi, ii,iii (سنڌ ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام فيز i,ii,iii) تحت ڏنا آهن، ان کانسواءِ يورپي يونين طرفان پڻ 39 ملين يورو ساڳي پروگرام تحت مليا آهن، جنهن جو مقصد سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولائڻ، 1275 بنا ڇت وارن اسڪولن جي تعمير، مرمت، باٿ رومز، پيئڻ جو پاڻي، فرنيچر ۽ بجلي جي فراهمي کي ممڪن بنائڻ آهي، اهڙي نموني سان سنڌ حڪومت کي ٻاهرين امداد ۽ قرض مان سالانه 12 کان 13-ارب رپيا ملن پيا، ايتري رقم ۾ ته اسان موجوده 46000 سرڪاري اسڪولن کي ڊاهي پٽ ڪري وري ٻيهر تعمير ڪري سگهون ٿا. هيڏي وڏي رقم مان سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن کي اپ گريڊ ڪري پرائمري کان مڊل، مڊل کان سيڪنڊري ۽ اتان کان هاءِ اسڪولن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، سمورن اسڪولن جي استادن کي جديد بنيادن تي ٽريننگ ڪرائي 21 هين صدي جي تقاضن کي پورو ڪري سگهون ٿا، اسان پنهنجي صوبي ۾ تعليم جي شرح 17 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو ڪري سگهون ٿا.
ايران، ملائيشيا، انڊيا، بنگلاديش جهڙن ملڪن پنهنجي عوام کي سٺي تعليم۽ تربيت ڏئي سڄي دنيا ۾ پنهنجا تربيت يافته هنرمند ماڻهو موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن ٿا ته پوءِ اسان ڇو نه؟ پرائيوٽ اسڪول ۾ ٻارن کي سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ جديد تعليم مهيا ٿي رهي آهي، انهن مان ئي اڪثر شاگرد اڳتي هلي ملٽري توڙي سول بيوروڪريسي، ملٽي نيشنل ڪمپنين، بينڪن ۽ ٻين حڪومتي ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ سٺين پوسٽن تائين پهچندا آهن ۽ سرڪاري اسڪولن مان پڙهندڙ ٻار وڌ ۾ وڌ ڪنهن سرڪاري يا پرائيوٽ اداري ۾ ڪلارڪ يا عمر جي آخري حصي ۾ سپرنٽينڊنٽ ٿي سگهندا آهن. هو سڄي حياتي ڪسمپرسي ۾ گذاري ڇڏيندا آهن. اچو ته اسان پنهنجي ملڪ کي غربت، پسماندگي، انتهاپسندي، دهشتگردي مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي ٻارن کي سٺي تعليم ۽تربيت ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪريون، فقط انهيءَ نموني سان دهشتگردي خلاف ويڙهه کٽي سگهنداسين