26 فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    26 فيبروري 1797ع تي بئنڪ آف انگلينڊ پهريون ڀيرو هڪ پائونڊ جو نوٽ جاري ڪيو.
    26 فيبروري 1802ع تي مشھور افسانه نگار ۽ عظيم شاعر وڪٽر هيوگو جو جنم ڏينھن آهي.
    26 فيبروري 1917ع تي مشھور اديب قدرت الله شھاب جو جنم ڏينھن آهي..
    26 فيبروري 1938ع تي شاعر آخوند زخمي هالائي جو جنم ڏينھن آهي.
    26 فيبروري 1943ع تي سياسي ۽ سماجي ورڪر عبد الرحمان محمد يعقوب جو وڇوڙو ٿيو.
    26 فيبروري 1943ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر لال نارنگ جو جنم ڏينھن آهي.
    26 فيبروري 1952ع تي برطانوي وزيراعظم چرچل ايٽم بم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
    26 فيبروري 1954ع تي ترڪ سياستدان رجب طيب اردگان، جو جنم ڏينهن آهي.
    26 فيبروري 1959ع تي ترڪي جو سائنسدان احمد دائودولو، جو جنم ڏينهن آهي.
    26 فيبروري 1967ع تي نيپال جي شاهه مھندار ۽ ملڪه رتنا پاڪستان جي دوري تي آئيون.
    26 فيبروري 1976ع تي محقق ۽ اديب محمد حنيف صديقي لاڏاڻو ڪيو.
    26 فيبروري 1978ع تي اردو جو ليکڪ ۽ تعليمدان ڊاڪٽر محمد احسن فاروقي، جو وڇوڙو ٿيو.
    26 فيبروري 1984ع تي اداڪاره وينا ملڪ جو جنم ڏينھن آهي.
    26 فيبروري 2003ع تي سنڌ جو بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ صحافي حمزو خان پليجو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
    26 فيبروري 2004ع تي آمريڪا 23 سالن کانپوءِ پنهنجي شهرين کي ليبيا وڃڻ جي اجازت ڏني.
    26 فيبروري 2009ع تي مشهور اردو ناول نگار، نقاد ۽ محقق، آغا سھيل جو وڇوڙو ٿيو.
    26 فيبروري 2015ع تي ناميارو راڳي صادق فقير هڪ روڊ حادثي ۾ مڪي مڪرمه سعودي عرب ۾ راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه مِٺي ۾ اٿس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو