شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ شيخ نديم طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2022۔

  1. شيخ نديم

    شيخ نديم
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2022
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    غزل شيخ نديم
    ڌوڙ آڪڙ ڌڙو مٽيءَ جو آ
    بُت تنھنجو ڇڙو مٽيءَ جو آ

    ڪيئن گهمندا اسان ڏي ڏک ايندا
    پنهنجي هٿ ۾ کڙو مٽيءَ جو آ

    آ اميريءَ کي نانُ ۽ بُصري
    مفلسيءَ وٽ وڙو مٽيءَ جو آ

    اڳ سمورو مٽي هُيو بچپن
    هَٿِ نه هاڻي ڳڙو مٽيءَ جو آ

    ڪيئن ميھار کي ڏَسي سهڻي
    بي وفا هُو گهڙو مٽيءَ جو آ

    خواب ۾ ڪا پري نديم آهي
    ديد سامهون دڙو مٽيءَ جو آ
     
  2. vasand chouhan

    vasand chouhan
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2023
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو