27 فيبروريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    27 فيبروري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    27 فيبروري 1557ع تي لنڊن ۾ پهريون روسي سفارتخانو کوليو ويو.
    27 فيبروري 1883ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس فاني حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
    27 فيبروري 1902ع تي آمريڪي صحافي ۽ ليکڪ جان اسٽين بيڪ، جو جنم ڏينهن آهي.
    27 فيبروري 1928ع تي نالي وارو شاعر فقير جعفر علي پنھور ولد باقر علي ڌامراهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
    27 فيبروري 1932ع تي شاعر آس صابلداس ولسواڻي ”مجبور“ بنگل ديرو ۾ جنم ورتو.
    27 فيبروري 1932ع تي آمريڪي اداڪار۽ پروڊيوسر ايلزبيٿ ٽيلر، جو جنم ڏينھن آهي.
    27 فيبروري 1937ع تي فلمي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عبدالرحمان جو جنم ڏينھن آهي.
    27 فيبروري 1947ع تي انڊونيشيا جو صدر سوئيڪارنو پنھنجا سڀ اختيارات جنرل سوهارتو جي سپرد ڪيا.
    27 فيبروري 1952ع تي پھريون دفعو پاڪستان ۾ اينٽي قادياني تحريڪ شروع ٿي.
    27 فيبروري 1953ع تي سنڌ جو ناميارو مزاحيه اداڪار رشيد چارڻ اصل نالو عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ دادو شھر ۾ جنم ورتو.
    27 فيبروري 1959ع تي اي آر خان، پاڪستان بحري فوج جو ڪمانڊر اِن چيف مقرر ٿيو.
    27 فيبروري 1959ع تي شاعر اختر هالائي جو وڇوڙو ٿيو.
    27 فيبروري 1970ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر رياضت ٻرڙو ولد شوڪت علي ٻرڙو قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
    27 فيبروري 1971ع تي نوجوان ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن اياز مھيسر تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ قاضي محمد عارف ۾ جنم ورتو.
    27 فيبروري 1973ع تي شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جو لاڏاڻو ٿيو.
    27 فيبروري 1985ع تي بين الاقوامي شھرت يافته نيورو سرجن ڊاڪٽر جمعه جو وڇوڙو ٿيو.
    27 فيبروري 1986ع تي مصر ۾ پوليس بغاوت ڪئي.
    27 فيبروري 2011ع تي ترڪي انجنيئر ۽ سياستدان نجم الدين اربڪان، جو وڇوڙو ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو