2مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 2 مارچ 1888ع تي سياسي ليڊر سرشاهنواز ڀٽو ولد غلام مرتضيٰ خان ڀٽو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 2 مارچ 1914ع تي مشھور مصور شاڪر علي جو جنم ڏينھن آهي. 2 مارچ 1915ع تي سنڌي صحافت، ادب ۽ سياست جي قابل احترام شخصيت قاضي عبدالمجيد ”عابد“ سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. 2 مارچ 1923ع تي جديد سنڌي شاعريءَ جو مهان ڪوي شيخ اياز، اصل نالو مبارڪ علي ولد غلام حسين شيخ سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ ڄائو. 2 مارچ 1933ع تي شاعر محمد حسن، محسن عباسي جنم ورتو. 2 مارچ 1944ع تي شاعر واسديو ونيسيمل سڌ ناڻي ”موهي“ ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. 2 مارچ 1956ع تي مراڪش، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي. 2 مارچ 1963ع تي ڪي.ٽو تي پاڪستان جو قبضو حڪومت چين تسليم ڪيو. 2 مارچ 1964ع تي ليکڪ ڊاڪٽر گل بليدي جو جنم ڏينھن آهي. 2 مارچ 1970ع تي روڊيسياڪو جمھوري خودمختياري حاصل ڪئي، جيڪو هاڻي زمبابوي جي نالي سان مشھور آهي. 2 مارچ 1981ع تي ڪراچي کان پشاور ويندڙ پي آءِ اي جي جھاز کي هائيجيڪ ڪري ڪابل کڻي ويا. 2 مارچ 1992ع تي ازبڪستان اقوام متحده ۾ شموليت اختيار ڪئي. 2 مارچ 1995ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار واجد لاڏاڻو ڪيو. 2 مارچ 2000ع تي سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس ۽ شاعر انيس انصاري وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.