منظور سخيراڻي دل ۾ اڄ رات تنھنجي ياد وري آ شايد

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دل ۾ اڄ رات تُنھنجي ياد ورِي آ شايد!
    اُونداھيءَ رات ۾ ڪا چِڻگ ٻَرِي آ شايد.

    رِيءَ بَرسات سَڄِي رات پُسيو آ دامَن،
    دِل کي اکين مان ڳُجهو دَر يا دَرِي آ شايد.

    تُنھنجي وعدَن جي اڃا اعتبار تي آھي
    دِل مُنھنجي ناھِ ڪا! پَٿرن جِي ڀَرِي آ شايد.

    ڪير اِيندو ڇو ھِتي! ڪير سڏِيندو مونکي!؟
    دل چرِي آھي، خالي گهر کان ڊِڳِي آ شايد.

    تُون پنھنجي شوق سان، ھا شوق سان ڪَر ظلم و ستم،
    ڪا تبسُم ۾ اڃا ساھَ ذَرِي آ شايد.

    ٻول: عبدالغفار تبسم
    آواز: منظور سخيراڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو