”نيٺ تہ ڊھندي، دوکي جي ديوار“ سنڌ ايڪسپريس، جمعي 04 مارچ 2022 تي ڇپيل منھنجو ڪالم: محمد خان سيال

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2022۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ”نيٺ تہ ڊھندي، دوکي جي ديوار“ سنڌ ايڪسپريس، جمعي 04 مارچ 2022 تي ڇپيل منھنجو ڪالم: محمد خان سيال
    https://epaper.sindhexpress.com.pk/...x?newsID=130905698&Issue=NP_HYD&Date=20220304

    نيٺ ته ڊھندي، دوکي جي ديوار
    ھڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) طرفان27 فيبروريءَ کان، ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ اڳ ئي شروع ٿيل آھي جيڪو 8 مارچ تي وفاقي گاديءَ واري شھر پھچندو ته ٻئي طرف اچرج وچان وفاقي حڪمران پارٽي يعني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ ۾ لانگ مارچ به شروع ڪيو آھي، جيڪو 26فيبروريءَ کان شروع ٿي 6 مارچ تي ڪراچي پھچندو. اھا سچائي آھي ته پ پ پ جي لانگ مارچ جو سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پھچڻ تي سندن عاليشان آدرڀاءُ ڪيو پيو وڃي پر اھو سوال پنھنجي جاءِ تي اھم آھي ته وفاقي حڪمران پارٽي يعني پي ٽي آءِ سنڌ ۾ مارچ ڇو شروع ڪيو آھي ۽ ان جو اچرج ۾ وجهندڙ نالو “سنڌ حقوق مارچ” ڇو رکيو ويو آھي؟ ڇا پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جنھن کي چوٿون سال ھلندڙ آھي سا سنڌ جي اصل خيرخواه آھي يا سندن اصل مقصد سنڌ تي قبضو ڪرڻ ۽ عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، ڪيترا ڀيرا ڪيل پراڻن اعلانن موجب سنڌ ٽوڙڻ ئي آھي؟
    ھونئن تہ اخلاق جي اندر رھي، مختلف سياسي پارٽين سان اختلاف جو حق ته سڀني کي آھي پر اھا مکيه بدقسمتي آھي ته اسان وٽ وفاقي سرڪار طرفان شروع کان انوکو رويو اختيار ڪيل آھي، يعني نفرت جو ڪاروبار ته ايڏو زورن تي آھي جو ائين لڳي ٿو ته سياسي اختلافن باوجود ڪيترا بردباريءَ بدران مخالفن جي جان جوکي ۾ وجهڻ جو ڪاروبار فخر سان ڪن ٿا ۽ انھيءَ جي خطرناڪ نتيجن تي شرمندا به ڪونھن. ھونئن به پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جو ڪراچيءَ ۾ جناح صاحب جي مزار کان شروع ڪيل اسلام آباد وڃڻ لاءِ لانگ مارچ جاري آھي پر اھا نوٽ ڪرڻ جي ڳالھه آھي ته مختلف پارٽين جي سياسي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) انھيءَ لانگ مارچ جي پٺڀرائي ڪئي آھي ۽ سنڌ اندر پھچي مارچ کي”سنڌ جي حقن جو مارچ”به سڏين ٿا.
    ٻئي طرف، وفاقي وزيرن ۽ خاص ڪري سندن پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف، سنڌ جي عھديدارن جا گهڻو ڪري اختلافي بيان ڇپجندا رھندا آھن جيڪي اخلاق کان نھايت ئي ڪريل گندي ٻولي، سنڌ سرڪار ۽ حڪمران پ پ پ عھديدارن خلاف ڪم آڻيندا رھندا آھن. سندن عام طور بيان سنڌ خلاف نفرت جوڳا ھوندا آھن. اھا سچائي آھي ته پبلڪ ۾ بدتميزيءَ وارا گهڻا بيان عام طور جاري ڪندڙ پي ٽي آءِ سنڌ جو سربراهه علي زيدي ۽ پي ٽي آءِ جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا خاص طور شامل آھن.
    بھرحال، اسان پي ڊي ايم اتحاد جو حوالو ڏنو ته سندن رويو پ پ پ سان اختلافي رھيو ھو پر ٿورو وقت اڳ کين ھوش اچي ويو آھي، تنھنڪري وفاقي سرڪار مان جند ڇڏائڻ لاءِ جدوجھد چڱي ڳالھه آھي. جيڪڏھن ھو پ پ پ جو سچي دل سان ساٿ ڏيندا ۽ ڀلي پاڻ پنھنجي سطح تي به ايمانداريءَ سان جدوجھد ڪندا ته اڳتي ھلي، عوام دشمن وفاقي سرڪار مان ملڪ جي جند ڇٽي ويندي جيڪو پنھنجي لحاظ کان وڏو ڪارنامو ھوندو.
    بھرحال، عمران خان سرڪار ۽ ان جا وزير ۽ عھديدار مختلف بيانن ذريعي پ پ پ کي عام طور اھميت ڪونه ڏيندا ھئا پر ھاڻي پ پ پ جي ملڪ ۾ لانگ مارچ جي جواب ۾ سنڌ اندر جوابي لانگ مارچ ڇو شروع ڪيو اٿن. اھا ڳالھ خاص طور سوچڻ جي آھي. ٻئي طرف، وزيراعظم عمران خان “چوڌري” ڀائرن وٽ ھلي ويو ۽ کين چيائين ته ڏکئي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏيو پر انھن سندس حمايت جاري رکي آھي. اھم سوال آھي ته چوڌري ڀائرن وٽ ڇو ھلي ويو؟ جيڪڏھن عمران خان سرڪار جي اھميت کي خطرو نه ھجي ھا ته ائين ڪونه ڪري ھا. جماعت اسلاميءَ جي سربراهه سراج الحق لاھور ۾ پرڏيھي وزير شاهه محمود قريشيءَ جي پ پ پ کي اجائي ميار ڏيڻ جي جواب ۾ مناسب بيان ڏنو آھي ته “پي ٽي آءِ مھانگائيءَ جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن.” ھاڻي شاهه محمود قريشي پ پ پ خلاف 15 سالن جي مُدي جي شڪايت ڪري ٿو پر سندن يعني عمران سرڪار جا رڳو ٽي ورھيه به مھانگائيءَ جي خيال کان سڀ کان وڌيڪ ھئا يعني پاڪستان ٺھڻ کان حڪومت ۾ اچڻ تائين واري عرصي دوران. منھنجو تبصرو آھي تہ عمران خان سرڪار جي ملازمن جا اختلافي بيان وڏو ظلم ھوندو آھي ۽ وفاقي سرڪار جي وفاقي وزيرن ۾ ڪا به دورانديشي ھجي ھا ته اھڙا بيڪار بيان ڪونه ڏين ھا.
    شاهه محمود قريشيءَ جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ شھيد ڀٽي جي سياست دفن ٿي چڪي آھي. جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته وزيراعظم عمران خان پنھنجن پراڻن اعلانن موجب سنڌ ٽوڙڻ جي ضرور ڪوشش ڪري ھا. شاهه محمود قريشيءَ کي ته پ پ پ جي سربراهه آصف علي زرداريءَ ڪيترا سال پرڏيھي وزير مقرر ڪيو ھو.
    بھرحال، اسان کي به اھو ڏسڻو آھي ته عمران سرڪار جو سنڌ ڏانھن ڪھڙو رويو رھيو آھي تنھن جو ڪاٿو سندن بيانن مان لڳائي سگهجي ٿو. عمران سرڪار طرفان تازو اشتھار ميڊيا ۾ ڇپيو آھي: “بدلتا ڪراچي” شھر قائد لاءِ 625 ارب رپين جو تاريخي پيڪيج. منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته وفاقي سرڪار ساڍن ٽن سالن تائين سکڻا اعلان ڪندي رھي پر ڪراچيءَ لاءِ پيسا جاري ڪونه ڪيائون. ھاڻي تازو اشتھار ڏنو اٿن ته ڪراچيءَ لاءِ 625 ارب رپين جو تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آھي تنھن مان اھا ڳالھ چٽيءَ ريت ظاھر آھي ته “رھيل سنڌ” لاءِ پيڪيج ٽڪو به جاري ڪونه ڪيو ويو آھي جڏھن ته اتان جو ترقياتي ڪم، ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آھي.
    لانگ مارچ جي پھرين ڏينھن تي پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي سربراهه بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو بيان ھڪ لحاظ کان اھميت رکي ٿو ۽ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ سندس مختصر بيان جو حوالو ڏينداسون. بلاول جو چوڻ ھو ته عوامي طاقت سان اسلام آباد پھچي سرڪار تي حملو ڪنداسون. ھاڻي عوام نه پر عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو، ڪاٺ پتليءَ کان ھر ظلم جو حساب وٺنداسون، کيس جمھوري طريقي سان گهر موڪلينداسون. ٻئي طرف، ڪراچيءَ ۾ انھيءَ عوامي نعرن جي شروعات “گو نيازي گو” ۽ “سليڪٽيڊ نامنظور” جي نعرن سان ڪري ڇڏي ھئي. مارچ ۾ ھزارين گاڏيون شروع ٿيون. ٻئي ڏھاڙي بلاول ڀُٽو زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته عمران خان کي ڀڄائينداسون، وقت اچي ويو آھي ته وفاقي سرڪار خلاف، ڀروسي نه ھئڻ واري تحريڪ کڻي اچون. ٺٽي ۾ سندس چوڻ ھو ته عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آھي، اسان عوامي طاقت ذريعي سليڪٽيڊ ۽ نااھل وزيراعظم کي جمھوري طريقي سان گهر موڪلينداسون. پ پ پ چيئرمن لانگ مارچ دوران ھڪ موقعي تي شفاف آزاد چونڊن سميت 38 مطالبا، وفاقي سرڪار جي سامھون رکيا. بھرحال، سجاول ۾ سندس چوڻ ھو ته 3 ورھين کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آھي، عمران خان جمھوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي، ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي ۽ ھاڻي “سليڪٽيڊ” کي وڃڻو پوندو.
    حيدرآباد ۾ پ پ پ طرفان گڏجاڻيءَ۾ تقرير ڪندي سيد مراد علي شاهه جو چوڻ ھو ته نيازي سرڪار عوام کي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن کان ڇوٽڪاري لاءِ پيپلز پارٽيءَ جو عوامي مارچ جاري آھي. اهو نيازي جيڪو پاڻ چوندو هو ته ڪنهن چوڪ يا چوراهي تي 50 ماڻهو گڏجي کانئس استعيفيٰ جو مطالبو ڪندا ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. سندس چواڻي حيدرآباد مارچ ۾ شامل ٿيل هزارين ماڻهو کانئس استعيفيٰ جو مطالبو پيا ڪن، ان لاءِ کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
    ٻئي طرف، تازو عمران خان جي وفاقي وزير علي زيديءَ نوابشاهه ۾ توھين وارو بيان ڏنو. سندس چواڻي: “بلاول بي بي زرداري آھي”. منھنجو تبصرو آھي ته ڇا انھن لفظن جو استعمال بدتميزي ۽ بيشرمي ناھي؟ اختلاف الڳ شيءِ آھي پر بدتميزي الڳ آھي. جيڪڏھن ناھي ته ٻڌائي ته اھي لفظ سندس ۽ سندس پارٽيءَ جي سربراهه عمران خان لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. ڇا کيس اعتراض ته ڪونه ھوندو؟ ان کان اڳ وفاقي وزير علي زيدي سنڌ جي دوري دوران چيو ھو ته سنڌ جا حڪمران ڌاڙيل بڻجي ويا آھن. سندس نظر ۾ وفاقي سرڪار ۽ چئن مان ٽن صوبن ۾ سندن پارٽي پي ٽي آءِ جا حڪمران شايد فرشتا آھن.
    بھرحال، پ پ پ جو اصل لانگ مارچ ملڪ توڙي سنڌ جي فائدي ۾ آھي جنھن جو سڀني کي ساٿ ڏيڻ گهرجي. جڏھن تہ عمران خان سرڪار جو ھلندڙ چئن ورھين کان رويو سنڌ سرڪار خلاف لاڳيتو رھيو آھي. جيئن ته سنڌ ۾ پ پ پ کي عوام وڏي گهڻائيءَ سان چونڊيو آھي سو انھيءَ خلاف سازش سنڌ سان غداري آھي. جڏھن ته عمران خان جي وفاقي سرڪار “سليڪٽيڊ” آھي ۽ “اسٽيبلشمينٽ” جي فرشتن ئي کيس زوري اقتدار ۾ آندو آھي پر سندس ڪردار ملڪ سان وفاداريءَ بدران اسٽيبلشمينٽ جي نمڪ حلالي آھي. اھا صورتحال مجموعي طور ملڪ جي خلاف آھي، جنھنڪري ملڪ کي عام طور ۽ سنڌ جي يڪجهتيءَ کي خاص طور سخت نقصان پھچي سگهي ٿو. بھرحال، ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي فائدي خاطر پ پ پ جي لانگ مارچ جي پٺڀرائي ڪرڻ گھرجي ۽ پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار جي سنڌ خلاف کليو کلايو نفرت جي پاليسين جي، سنڌ جي عظيم مفاد خاطر سخت مخالفت ڪرڻ گهرجي ته جيئن وفاقي سرڪار جي دوکي جي ديوار ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ڊهي پٽ پوي.
     
    آخري ترميم: ‏5 مارچ 2022

هن صفحي کي مشهور ڪريو