ڪانگل خط کڻي وڃ جتي ڌوڙ اڏامندي رهي حفيظ ڪنڀر ها! ته سنڌي نوجوان ”سنڌ کي لهر نڪي لوڏو آهي، ڇو ته سنڌ کي ولين جي دعا آهي“ چئي توکي چيڙائي، ڪاوڙائي وڌو!! مون کي ته حيرت آهي جو مطالعو به تنهنجي ڪاوڙ کي ڍرو نه ڪري سگهيو آهي، نه ته تون نوجوان جي انهيءَ سوچ جي پٺيان حالتن ۽ محرڪن تي ضرور غور ڪرين ها. هزارين لکين نوجوانن جي تعليمي ادارن ۾ جيڪا تربيت ٿئي ٿي، سا به تعليم جي نالي تي ۽ پوءِ هو آزاداڻي نموني مختلف سياسي، ادبي، علمي فورمن تي پنهنجي ذهني ۽ علمي اڃ اجهائڻ وڃن ٿا ته انهن کي ڇا ٿو ملي!؟ انهيءَ تي غور ڪيو اٿئي؟ ڳوٺن ۾ ته هو ائين ئي ڀوتار جي ان پڳ جي پاڇي ۾ رهن ٿا، جنهن پٽڪي جي ورن ۾ ڪنهن نه ڪنهن معصوم عورت يا مرد جي رت جا ڇنڊا آهن ئي آهن، ۽ ڄٽ ڀوتار اهڙن نوجوانن جي زندگي، عزت، پيٽ گذر جو ضامن نه پر آقا هجي ٿو. اهڙا هزارين نوجوان ڊگرين جي تلاش ۾ يونيورسٽين ۾ نڪرن ٿا ته تعليم جي نالي ۾ کين اهو پڙهايو ٿو وڃي ته ڪتابن ۽ استادن سان اختلاف نه رکو. ڪتابن ۾ جيڪو لکيل آهي ۽ استاد جيڪو دهرائي پيو، اهو سئو سيڪڙو صحيح آهي. انهن نوجوانن کي تعليم ”اختلاف رکڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ تنقيد ڪرڻ“ نٿي سيکاري. تعليم، جيڪا سماج ۾ موجود علم تائين پهچڻ جو رستو آهي، انهيءَ رستي تي هلڻ جو پهريون شرط اختلاف رکڻ، تجزيو ۽ تنقيد ڪرڻ هئڻ گهرجي، سو ته اسان وٽ آهي ڪو نه، باقي تعليم جو ڪم ناصحاڻو ئي بچي ٿو. ”جوانانِ شاسته و بخت ور، ز گفتار پيران نه پيچندس“. (لائق ۽ نصيبن وارا نوجوان، پوڙهن جي ڳالهه کان ڪنڌ نٿا موڙين) (سعدي). يعني ته تعليم ڪتابن ۾ لکيل ڪوڙ کي رد ڪرڻ جي جرئت پيدا نٿي ڪري، انهيءَ ڪوڙ کي دهرائيندڙ استاد سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي همت نٿي آڻي، ائين هر سال هر بينچ لاءِ دهرايو ويندڙ ڪوڙ، هڪ ڏينهن سچ جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو. توکي خبر هوندي ته انٽرميڊئيٽ ليول تائين جتي انگريزي جي سبجيڪٽ ۾ سٺا رائيٽر به پڙهيا وڃن ٿا، اتي ساڳي نصاب ۾ اهڙا سبق به آهن، جن ۾ تاريخي ڪوڙ ڇپيا پيا آهن. هڪ سابق وزيراعظم جي تقرير کي سبق جو نالو ڏئي ڏهاڪن کان شاگردن جي مٿي ۾ اهو ئي تعصب ڀريو پيو وڃي ته، ”هندو-مسلم“ شروع کان هڪٻئي جا دشمن رهيا آهن. ايڊولف هٽلر ڪوڙ تي ڳالهائيندي چيو هو ته، ”وڏو ڪوڙ ماڻهن جي نفسيات ۾ اهڙو ته گهر ڪري ويهي رهندو آهي، جو انهن جي اڳيان جڏهن سچائي ايندي آهي ته اهي ان تي به يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن“. هٽلر ئي چيو هو ته، ”ڪوڙ کي سچ بنائي پيش ڪرڻ ۾ يهودين جو مٽ ۽ ثاني ناهي“. هٽلر جي Mein Kampf ۾ ڪوڙ بابت لکيل ڳالهين تي سندس هڪ وزير گوئبلز اهو چيو هو ته، ”انگريز انهيءَ اصول تي عمل ڪندا آهن ته جڏهن ڪوڙ ڳالهائجي ته وڏو ڪوڙ ڳالهائجي ۽ پوءِ انهيءَ ڪوڙ تي پير ٻڌي ڄمي بيهي رهڻ گهرجي، تنهن ڪري اهي (انگريز) ڪوڙ تي ڄمي بيهي رهن ٿا، چاهي اهو ڪوڙ ڪيترو ئي کل جوڳو هجي“. انهيءَ ساڳي همراهه چيو هو ته، ”ڪوڙ کي هر هر دهرائڻ سان اهو سچ بنجي وڃي ٿو“. تنهن ڪري ريما! توکي چوان ٿو ته سچ اهو آهي ته اسان جو نوجوان جڏهن تعليمي ادارن ۾ پيش ڪيل ڪوڙ سچ جي، تحقيق تصديق لاءِ ڪنهن سياسي، ادبي، علمي فورم طرف به وڃي ٿو ته ذري گهٽ اهي ئي ڳالهيون ٻڌي ٿو. مون پنهنجي شاگردي واري دور ۾ يونيورسٽي ڪلاسن ۾ ته نه، پر يونيورسٽي کان ٻاهر جي علمي فورمن تي ”عالمن“ واتان اهو ٻڌو هو ته .... ”علامه آءِ آءِ قاضي وڏو فلسفي هو“. نه فقط اهو، پر منهنجي ”عالمن“ مون کي اهو به تقريرن ۾ ٻڌايو ته ”قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي جو باني ۽ پهريون وي سي هو“ وغيره وغيره. پر مون کي اڄ تائين علامه قاضي جو فلسفو ڪنهن به واضح نموني ته ڇا پر مختصر ڪري به نه ٻڌايو آهي، نه ئي مون کي ڪنهن اهو ٻڌايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي ڊپارٽمينٽ ۾ قاضي صاحب جو فلسفو ڇو نٿو پڙهايو وڃي؟ مون کي اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته هي عالم اگر سنڌ يونيورسٽي جو باني جي ايم سيد ٻڌائين ها ته سندن علمي قد ڪاٺ تي ڪهڙو اثر پوي ها!؟ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پهريون وي سي اي بي اي حليم صاحب کي مڃڻ (جيڪو هو به پهريون وي سي) ۾ ڪهڙو هرج هو!؟ اهي سڀ غلط ڳالهيون، سچ کي بگاڙيندڙ ڳالهيون ڊگري هولڊرن، پي ايڇ ڊي پاس ۽ ”حاضر سروس“ پي ايڇ ڊي ماڻهن واتان ٻڌيون ۽ تقريرن جي ”شدت جذبات“ ۾ اهو به چئي ويٺا ته، ”قاضي صاحب جارج برنارڊ شا جي ”مقابلي“ ۾ ڪتاب لکي کيس شڪست فاش ڏئي ڇڏي“ وغيره وغيره. اهو سڀ ڪجهه نه فقط چيو ويو، پر ڀير تي ڏونڪو هڻي اهي ڳالهيون ڪتابي صورتن ۾ ڇپائي، اهي ڪتاب اسان جي انهن نوجوانن جي هٿن ۾ ڏنا ويا، جيڪي هاڻي به انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪن ٿا ۽ ان کي سچ سمجهن ٿا ته، ”دنيا جي وڏي ڍنڍ سنڌ ۾ آهي، دنيا جو وڏو قبرستان سنڌ ۾ آهي، دنيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌ ۾ آهي، ڦيٿو سنڌين ايجاد ڪيو“، اهو ته ذڪر ئي پراڻو ٿي ويو آهي. انهن نوجوانن جي پٺيان اهي ڏڏ ۽ مناظراتي ذهن آهن، جيڪي شين کي وڏو ڪري پيش ڪرڻ لاءِ تحقيق ۽ تجزين بجاءِ ”مناظرن“ تي زور ڏيندا آهن ۽ توکي خبر هئڻ گهرجي ته جتي علم جي اڻاٺ هوندي آهي، اتي ”مناظري بازي“ تفريح جو ذريعو هجي ٿو. پر اهو علم جي دڳ تي لڳائڻ جو رستو نٿو هجي. ته اهڙا نوجوان، جيڪي نيت جي سچائي سان شعور، سچ ۽ حقيقت جي ڳولا ۾ هزارن لکن جي تعداد ۾ نڪتل هئا ۽ نڪتل آهن، انهن جي رستي ۾ مناظري بازي، تقريري جوش، تقليد، شخصيت پرستي، ڊگري پرستي جي دز ۽ مٽي اچي وئي آهي، انهيءَ وانئر ۽ واچ ۾ ڇا نظر ايندو سواءِ ڪوڙ جي مٽيءَ جي. ”نه بيني ڪه جاءِ ڪه برخاست گرد نه بيند نظر ورچه بيناست مرد“. (تو نه ڏٺو ته جتي ڌوڙ اڏامندي رهي، نظر ڏسي نٿي سگهي، چاهي انسان نظر وارو ئي هجي). اميد ته صحت ٺيڪ هوندءِ، ڪتاب پڙهندي رهجان، دوائون کائيندي رهجان. فقط تنهنجو حفيظ ڪنڀر -حيدرآباد