ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: تاريخ جو سرمايو فقير محمد سنڌي ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيين مردانو، پـاڻ بـيـگـانـو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو، و نـفـخـت فـيـھ مـن روحي“ بلڪل ڇڏ بھانو، وهم سچل ڪڍ ٻانھپ وارو، شملو ٻڌ شھانو. (سچل سرمست) سنڌ جي اهم شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي زندگيءَ ۾ قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻن کي دلي داد به ڏنو ۽ ان قومي ڪردار کي تاريخ ۾ نئون موڙ به ڏنو. تاريخ ۾ تمام ٿورا فرد آهن جن قومن جي جاڳرتا کي پنھنجي زندگيءَ جو حصو سمجهي حقيقي رخن کي سماج اندر تبديليءَ، خوشحاليءَ جو پيڪر ڏئي سجاڳي جي دڳ لاٿو آهي. هي سر موڙ انسان جيڪو سدائين سنڌ جي تاريخ جو سرمايو رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 2- آگسٽ 1924ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. بنيادي طور هر انسان پنھنجي علائقي مان تعليم حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو به قنبر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ماحول جي اثر ڪري ڪامريڊ کي سياست طرف قدم وڌائڻو پيو۽ اها دلچسپي وڌندي رهي جنھن جي ڪري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي ديس واسين جي آسانيءَ سان خدمت ڪرڻ جو رستو ڳوليو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 1947ع ۾ لاڙڪاڻي مان وڪالت شروع ڪئي. تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ گهڻي ڀاڱي فوجداري ڪيسن کي اهميت ڏيندو هو، رنگ نسل کان مٿي ڪري آيل هر ماڻهوءَ جي دل کولي مھمان نوازي ڪندو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سيشن جج مقرر ٿيو ۽ اهڙي عھدي هوندي هن مڙس مٿير ڪڏهن به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بنيادي طرح سوشلسٽ ۽ جمھوري خيالن جو حامي رهيو، ان ڪري هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن ڏانھن رخ رکندو هو. ان لاءِ ڪامريڊ جي روح ۾ پنھنجي وطن جي حُب، زبان يعني ٻوليءَ جو اُلڪو مستقل طور تي رهندو هو. ڪلچر، قومي ڪردار تي سدائين سرخرو رهيو، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ڪونه ڪيائين. سماجي زندگيءَ جا طور طريقا قومي ڪردار، آرٽ ادب ۽ فن لطيف ذريعي عام انسانن تائين بھتر نموني سان پھچايا ۽ پاڻ به سماجي زندگيءَ جي ڇانوَ ۾ تربيت حاصل ڪندو رهيو. هي لاڙڪاڻي جو انمول انسان، جديد ادب جي سجاڳي جي دولت، جج، وڪيل ۽ بھترين سياستدان جو تاج پنھنجي سِرَ تي رکي قوم جي خدمت ڪئي. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ لکيل ڪجهه سِٽون اوهان جي نظر ته: ”منھنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀل ڀلمانس وانگر، پنھنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو. ذاتي ۽ گروهي حرص هَوس کان نفرت ۽ وڏائي کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هُو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري محڪمتا سان واڳيل رهيو.“ تنوير عباسيءَ جون سِٽون جيڪي ڪامريڊ لاءِ لکيل آهن، مختصر طور تي: سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏائجي، جنھن ۾ سڀني ادبي سنگتن ۽ سندن شاخن کي گڏ ڪري سنڌ سنگت کي زور وٺائجي ۽ ان جو دستور وغيره منظور ڪرائجي. اهوو روشنيءَ جو پھريون ڪرڻو هو، جيڪو هن يونٽ جي اونداهي دؤر ۾ تاج ابڙي جي اوطاق مان ڦُٽو ۽ سڄي سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. تاج محمد ابڙو وڪيل هو، پر وڪيل کان وڌيڪ دانشور هو. ادب، تاريخ، فلسفو سڀ پڙهندو هو، دوستن سان بحث ڪندو هو، لکيائين هڪ لفظ به ڪونه، پر پڙهيو به گهڻو ته ڪڙهيو به گهڻو. هو نه رڳو پڙهڻ وارو هو، پر ڪڙهڻ وارو به هو. هاري تحريڪ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ ۽ بعد ۾ پي.پي ۾، مطلب ته جيڪا به تحريڪ سنڌ جي پيڙهيل طبقن جي ڀلائيءَ ۽ آجپي جي لاءِ هئي، ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هو سنڌي ڪلچر، جمھوريت جي رستي جو حامي هو، جنھن موجب هرهڪ انسان، قوم، مذهب ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداريءَ جو طرفدار ٿي رهيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي پنھنجي زندگيءَ ۾ سمجهي ورتو هو ته جنھن وٽ طاقت آهي اهو تشدد جو حامي آهي. ان لاءِ ڪامريڊ کي طاقت هوندي به انسان ذات لاءِ گڏيل ڀائپي وارو پيڙهه جو پٿر رهيو. اهو پيڙهه جو پٿر سندس اوطاق هئي جتان سياسي ۽ ادبي دوست پنھنجي راهه هموار ڪري اڳتي وڌندا هئا. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اوطاق شعور جي لاٽ کان گهٽ ڪونه هئي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنھنجي پيءُ ماءُ جو هيڪلو سڪيلڌو پُٽ هو پر پيءُ جي پرورش نه ملي سگهيس. ڀيڻ فاطمھ جي گهر گُذاريو. دنيا جا اُهي ٻارَ عظيم ٿيندا آهن، جن کي پيءُ ماءُ جي پرورش نه ملندي آهي، تمام گهڻا مثال منھنجي نظر ۾ آهن پر مضمون ۾ ڊيگهه گهڻي ٿي ويندي. مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ته، دل جو آئينو صاف ڪراءِ، ۽ ڪامريڊ جي دل جو آئينو بلڪل صاف هو. روميءَ چيو ته، جيڪي ڪنھن به ڪتاب پڙهڻ ۽ هنر سکڻ جا محتاج نه آهن، مگر انساني دلين کي سڏ، لوڀ، ڪنجوسائي ۽ کوٽاين کان پاڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن سِپَ پنھنجي اندر ۾ سچا موتي سمائي چپ چاپ آرام ۾ پيئي رهي ٿي. تيئن اهڙي ڀرپور دل به رحت جي سمنڊ ۾ بي فڪري سان پيئي رهي. سپ کي ٽوٻن جي دست درازيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، پر ان ڀرپور دل تي موت به غالب پئجي نٿو سگهي. واقعي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي تي موت غالب نه رهي سگهيو، جسماني طور تي ڪامريڊ 10- مارچ 1986ع تي لاڏاڻو ڪيو، پر پنھنجن دوستن ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ امر انسان آهي. تاريخ ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌي قوم جو سرچشمو آهي ۽ رهندو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙي لاءِ ڀيٽا طور فقير عبدالله ڪاتيار جون سِٽون ته: ڏسان جاڏي تاڏي، سھڻو يار ميان، اچــي نــظــر نه ٻـاجـهـون يـار جي، بــيــٺــو آهـي صـورت وچ ۾، ســھـڻــو سـڀ ڪنھن پار ميان. (فقير عبدالله ڪاتيار) ***