• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شل گهوٽ ٿيئين (ٻول)

مھتاب احمد

سينيئر رڪن
شل گهوٽ ٿيئين، اڻموٽ ٿيئين
امڙ اھا آس، جيجلَ اھا آس
شل گهوٽ…
امڙ اھا آس…

شل جوڌو ٿيئين، جهونجهار ٿيئين
ھيڻن لئہ ھٿيار ٿيئين
وَيريءَ مٿي تون وار ٿيئين
امڙ جون تون آڌار ٿيئين
شل گهوٽ ٿيئين…
جيجلَ اھا آس…

شل سالِڪُ ٿيئين، سڄاڻ ٿيئين
امين ٿيئين، اڳواڻ ٿيئين
تون موج ڀريو مھراڻ ٿيئين
سَچو سَنتُ ٿيئين، سرھاڻ ٿيئين
شل گهوٽ ٿيئين…
جيجلَ اھا آس…

شل سوڍو ٿيئين، سرواڻ ٿيئين
جليل ٿيئين، جمال ٿيئين
امن جو تون احوال ٿيئين
لوئيءَ سندو تون لعل ٿيئين
شل گهوٽ ٿيئين…
جيجلَ اھا آس…
 
Back
Top