هڪ ماڻهو ۽ هڪ وطن (حشو)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جهانگير ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2022۔

  1. جهانگير ڏاهري

    جهانگير ڏاهري
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2022
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ڪو خاص نه
    ماڳ:
    سڪرنڊ
    اسان جي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٻه ڏاڍا عظيم انسان هئا. هڪ! جھونجھڪڙي ۾ سائي پن تي ماڪ جي ڦڙن جهڙو شفاف سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو سياري جي ٿڌڙي پهر ۾ سج جي سونهري ڪرڻي جهڙو اجرو ۽ پرڪيف شيخ اياز. هي اهي ڪانکي هئا جن جي ڏات سنڌ سان ٿيل ويساهه گھاتين ۾ پاروتي ديويءَ مان ڦري مها ڪاليءَ جو روپ وٺي ٿي. وري جڏهن تاريخ تي جھاتي وجھجي ٿي ته هنن ٻنهي شخصيتن جو پالڻهار حشو ڪيولراماڻي آهي. جنهن قديم دور ۾ غار ۾ ويٺل ڪنهن مهاپرش رشي ور جيان سنڌ جي قومي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي تعمير ڪئي. هن سورائتي سپوت ۽ عظيم ذهن جي مهانتا کان ڏيهه جي ڏاهن به انڪار نه ڪيو.

    جڏهن برصغير کي ٻه قومي نظرئي جي اڏيءَ تي ڪٺو پئي ويو ته سياسي فصاحت رکندڙ، سنڌ جي سور ڌڻي، مخدوم بلاول جي فڪري وارث سائين جي ايم سيد پڻ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هو. پاڻ ان ڳالهه جو اقرار جنب گذاريم جن سين ۾ ڪن ٿا ته ” ٻنهي گروهن (يعني مسلم ليگ ۽ ڪانگريس) جي نظرين کان ٻاهر، مون کي ڪو حل نظر نه ٿي آيو. جيتوڻيڪ سياسي علم ۽ مسئلن تي منهنجو ڪافي مطالعو هو، پر بنيادي طرح هندو يا مسلم قوميت جي نظرين کان ٻاهر مون کي ڪا راهه نه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. تجربي بعد انهن ٻنهي گروهن جي پاليسيءَ کي سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار سمجھڻ لڳو هئس. ان وقت حشو جي صحبت ۽ گفتگو منهنجي لاءِ روشنيءَ جي تروري جو ڪم ڏنو هو. هن مسئله قوميت جي بنيادي متن کان مونکي واقف ڪيو. جن جي روشنيءَ ۾ آئون ساريءَ صورتحال کي نئين نقطاءِ نگاهه سان ڏسڻ لڳس”. سائين جي ايم سيد حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجو سياسي اُستاد ڪري سڏيو آهي.

    جڏهن ته ٻئي پاسي ڪارونجھر جي قد جهڙي انا رکندڙ، صدين جي صدا جهڙو شاعر شيخ اياز ان ڳالهه جو علل اعلان اقرار ڪري ٿو ته طالب علمي جي دور ۾ مون سان ٽي اهڙا ڪاڙي مليا جن ٽنهي جي باري ۾ مون کي ڀٽائيءَ جي هيٺين سٽ ياد ايندي آهي:

    جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌي مامري،

    اهي ئي ٽي شخص آهن جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي ۽ جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان مان نه هجان ها. ۽ اهي آهن حشو، سوڀو ۽ ابراهيم. انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيون جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب سانجھي سمنڊ سپون جو انتساب پڻ سنڌ جي عظيم انسان حشو ڪيولراماڻي جي نالي ڪيو آهي. شيخ اياز مدد علي سنڌيءَ کي لکي ٿو ته مونکي ياد آهي ته ڪو وقت هو جو منهنجون حشوءَ سان راتين جون راتيون گذرنديون هيون. هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته اسين پنڊ پهڻ ٿيو پيا هن جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين. هو وڌيڪ لکي ٿو: پر هاڻ هن جون ڳالهيون ڪو ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هندوستان جا اديب واقعي هن کي ڪجهه به نه سمجهندا هئا... مدد، سچ پڇين ته حشو ڪيولراماڻيءَ جهڙو ذهين سنڌي مون سموري زندگي ۾ نه ڏٺو آهي.“

    حشو جي شخصيت ۾ ڪيتري نه پراسراريت ۽ بي چيني هئي. هو سفر ۾ پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻلي کڻندو هو، جنهن جو خيال پاڻ کان به وڌيڪ رکندو هو، نوجوانن جي ذهن سازي ڪرڻ ۾ جادوگر هيو. هن جي سحرانگيز گفتگو سياسي ذهن فتح ڪري وجھندي هئي. هو پنهنجي ذات ۾ بي ترتيب. هر وقت حڪمت عمليءَ ۾ رهندڙ، سنڌ جو يگانو عاشق ۽ هڪ ماڻهوءَ تي مشتمل تحريڪ هو. هُو جڏهن جلاوطن ٿي رهيو هو ته ويندي ويندي پاڻ سان کنيو هئائين هالا جو ٺهيل هڪ گلدستو ۽ ان سان گڏ پنهنجي وطن جي وڇوڙي جو عظيم درد.

    هن جو سنڌ کان وڇوڙو، هن جي سرفروش ساٿين کي رت جا ڳوڙها روئاري ٿو. هن جي جلا وطني تي سنڌ جي وڏي عالم، اديب، مفڪر محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته:”حشو جي وڃڻ کانپوءِ اسين سڀ دوست خاص طور تي سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ آءٌ ڏاڍو اداس ٿي پيا هئاسين. حشو نه فقط اسانجو دوست هو پر اسانجي آدرشي ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جو حصو به هو. هن جو وڃڻ اسان جو ۽ سڄي سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو وڏو نقصان هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حشو سنڌ جو جينيس هو. هن وٽ ڪمال جو مطالعو هو. هنجي سوچ ترقي پسند ۽ انقلابي هئي. سنڌ ڌرتيءَ سان هن جو لازوال عشق هو.“

    حشو ڄڻ ته ڪو بيچين روح هو، ڪو بڙ جو قديم وڻ هيو، جنهن کي پنهنجي وطن جي رسيلي ۽ وارياسي سر زمين مان اهڙو ته اکيڙيو ويو جو هن کي ڪنهن اڄاڻ سرزمين سائو ئي نه ڪيو. هن جي فڪر جو سرسبز ٽاريون هوريان هوريان ڌيرج سان سڪي ٺوٺ ٿي زمين دوز ٿي ويون. هن جي ڏاهپ ۽ مهانتا کي ڪيرت ٻاٻاڻي جي آتم ڪٿا “ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم” مان ئي ڪَٿي سگھجي ٿو. هو لکي ٿو ته “حشو سياست جو ڄاڻو ۽ علم جو ڀنڊار هو. انگريزي ٻوليءَ تي ايڏو عبور هيس، جو خود انگريز به وائڙا ٿي ويندا هئا، مان اڪثر وٽس ويندو هئس، کيس فليٽ مان ڪڍي، ٻئي ڄڻا ايراني ريسٽارنٽ تي ويهندا هئاسين، کارن بسڪوٽن جي پليٽ ۽ چاءِ تي حشو دنيا جي سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي ويندو هو. مان سندس ڳالهين کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هئس”.

    هن جو هيڏو وڏو رهبرانه دماغ اچانڪ سانتيڪو ٿيندي نظر اچي ٿو. ڇا حشوءَ جي جيءَ کي پنهنجن ساٿين جي بيقدري ڀتر وانگر ڀوري وڌو هو؟ هن بيقدري جي ڪٿا الڳ سان سهيڙجي سگھجي ٿي. سمنڊ ۽ ڪانءُ جهڙو ناول لکندڙ موهن ڪلپنا مدد عليءَ کي هڪ خط ۾ حشوءَ بابت ائين ڇو ٿو لکي ته: ”مدد! واقعي تون حشوءَ جو قدر ٿو ڪرين ته اها تنهنجي چڱائي آهي. حشو هن صديءَ جو وڏو انسان آهي. اڄڪلهه هو سيلاني زندگي پيو گذاري. مون وٽ ايندو آهي. اڪثر ويران هنڌن تي نظر ايندو آهي. پر هيڏو ذهين ماڻهو مون سڄي هندوستان ۾ ڪو نه ڏٺو آهي. حشوءَ سان ٻن ڪلاڪن جي ڪچهري ڪنهن لائبريريءَ ۾ سوين ڪتاب پڙهڻ جي مقابلي برابر هوندي آهي.“ پوئين دور ۾ سائين مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر پارس نواز ۽ علي نواز آريسر جا حشو ڪيولراماڻي تي لکيل ڪتاب جديد دور جو ڪيڏارو لڳن ٿا.

    ورهاڱي جي وڍ ۾ وڍجندڙ حشو ڪيولراماڻي جي زندگي جي اذيتن ۽ ذلتن جو اخذ علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي لکيل خط جي هن ٽڪري مان ڪري سگھجي ٿو ته “هتي اهو ماڻهو رکيل آهي، جن کيس پيار ڪيو ٿي انهن کان ڀڄي ويو، ان ڳالهه جي ڳولها لاءِ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو”

    جهانگير ڏاهري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو