”سنڌ ۾ قتلام کانپوءِ توبھہ ڪھڙي؟“: سنڌ ايڪسپريس، جمعي 11 مارچ 2022 تي ڪالم: ليکڪ: محمد خان سيال

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2022۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سنڌ ۾ قتلام کانپوءِ توبھہ ڪھڙي؟: سنڌ ايڪسپريس جمعي 11 مارچ 2022 تي ڇپيل اھم ڪالم: ليکڪ: محمد خان سيال
    https://epaper.sindhexpress.com.pk/...x?newsID=130906936&Issue=NP_HYD&Date=20220311
    ..........................................................................
    تازو ڪوئيٽا ۾ ڏنل اھم بيان ۽ مکيہ قتلام جي معافي واري بيان کي ڏسي، پراڻي دکدائڪ داستان جو حوالو ڏيڻ ضروري ٿي پيو آھي. سنڌ جي گاديءَ واري اھم شھر ڪراچيءَ ۾ اٽڪل 15 ورھيه اڳ، وڏي پيماني تي کليو کلايو عام قتلام ڪيو ويو ھو. ائين لڳندو ھو ته ظلم جو مکيه وايومنڊل اختيار ڪري عام ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال بڻايو ويو. تن ڏينھن ۾ ملڪ جو سربراهه آمر پرويز مشرف ھو ۽ سندس دور ۾ سنڌ جو ٿاڦيل وڏو وزير، ارباب غلام رحيم (09 جون 2004 کان 19 نومبر 2007 تائين) ھو جنھن جا ٻه بيان مون پاڻ ميڊيا ۾ پڙھيا ھئا ته کيس برگيڊيئر ۽ جنرل جي الڳ الڳ سفارشن تي سنڌ جو وڏو وزير ٿاڦيو ويو ھو. تن ڏينھن ۾ ايم ڪيو ايم جي باني ۽ سربراهه الطاف حسين جو لنڊن ۾ رھندي به سندس پارٽيءَ تي يعني خاص ڪري ڪراچيءَ تي ڪنٽرو ل ھو جنھن سنڌ خلاف سخت اعتراض جوڳا بيان ۽ خطرناڪ رويو اختيار ڪري، ڪراچيءَ ۾ ظاھري طور مختلف تاريخن تي کليو کلايو قتلام ڪرايو ھو. ھڪ مکيه حادثو 12 مئي 2007ع تي به ٿيو.
    انھيءَ سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ھاڻوڪي سربراهه يعني ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر خالد مقبول صديقيءَ تازو انوکو بيان جاري ڪيو آھي سو خاص ڪري نوٽ ڪرڻ گهرجي.
    تازو ڪوئيٽا (بلوچستان صوبي جي گاديءَ وارو شھر) ۾ خميس 03 مارچ 2022ع تي پريس ڪانفرنس ڪندي اردو اخبار ايڪسپريس ۾ ڇپيل خبر موجب سندس چوڻ آھي ته 12 مئي واري دکدائڪ واقعي تي شرمندا آھيون ۽ معافي گهرون ٿا. ھن اھو سوال به پڇيو آھي: “حڪومت اسان کي اچي ٻڌائي ته اسان سان ڪيل واعدن کي پوري ڪرڻ کان ڪير روڪي رھيو آھي ۽ ڪھڙا سبب آھن جو وزير اعظم (عمران خان) ھوندي به ڪراچي ان کي ياد نٿي رھي؟ اھا ڳالھه ھن ڪوئيٽا ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻ اختر مينگل جي رھائش گاهه تي صحافين سان ڳالھائيندي ۽ ڪوئيٽا ميٽرو پوليٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي. صحافين سان ڳالھائيندي صديقيءَ جو چوڻ ھو ته مان عطاءُاللہ مينگل (ڪراچيءَ ۾ وفات 02 سيپٽمبر 2021ع بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل گروپ جو سربراهه) جي وفات تي عذرخواھي ڪرڻ لاءِ اختر مينگل جي رھائش گاهه تي فاتحه لاءِ آيل آھيان. ھن اھا به دعوا ڪئي ته اسان جا بلوچ قومپرست عطاءُاللہ مينگل سان پراڻا لاڳاپا ھئا.
    12 مئي 2007ع واري ڪراچيءَ ۾ قتلام جي وڏي دکدائڪ واقعي بابت سوال جي موٽ ۾ خالد مقبول صديقيءَ چواڻي: انھيءَ واقعي جو ايم ڪيو ايم تي داغ لڳو آھي ۽ اسان ان تي معافي گهرون ٿا. اسان شرمسار آھيون، سندس چواڻي اسان پرويز مشرف جو ساٿ ڏيڻ تي معافي گهرون ٿا. هڪ اردو اخبار لکيو ته اٽڪل 15 سالن کانپوءِ پھريون ڀيرو ايم ڪيو ايم جي ڪنھن اعلى عھديدار معافي ورتي آھي. سندس چواڻي 08 آگسٽ 2016ع واري واقعي تي به 56 وڪيل شھيد ڪيا ويا ۽ 100 جي ويجهو ڦٽجي پيا. جنھن جي ھن عذرخواھي ڪئي. بھرحال، مختلف ميڊيا اھا به خبر ڏني ته ڪوئيٽا جي اھم اسپتال ۾ انھيءَ ڏينھن تي بمن سان آپگهاتي حملو ڪري گهٽ ۾ گهٽ 70 ماڻھو ماريا ويا ھئا.
    بھرحال، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اھم بيان ميڊيا موجب ڏنو آھي. سندس چواڻي ايم ڪيو ايم جي مڃتا ۽ معافي وٺڻ کانپوءِ انھن کان حساب ڪتاب ورتو وڃي. ھن سکر پريس ڪلب ۾ رٿيل ڌرڻي دوران تقرير ڪندي اھڙو مطالبو ڪندي ڄاڻايو ته خبر پوي ته اھو قتلام انھن ڪنھن جي اشارن تي ڪيو ھو.
    12 مئي واري واقعي جي ٻئي ڏينھن يعني 13 مئي تي سڀني روزاني اخبارن انھيءَ واقعي جون تفصيل سان اھم خبرون ڇاپيون تنھن جو مختصر حوالو ڏيون ٿا ته جيئن انساني قتلن جي اھم واقعي جي اھميت کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اٽڪل 14 سال اڳ 50 کان مٿي انسان شھيد ڪيا ويا، پاڪستان جي تاريخ ۾ ظلمن جو ڪاروبار ڪندڙن کان سواءِ، مختلف وڪيل ۽ سياسي پارٽين جا ميمبر، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي آجيان ڪرڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي آيل ھئا. بھرحال، سنڌ ھاءِ ڪورٽ پوءِ آرڊر جاري ڪيو ھو ته عوام جي فائدي خاطر، سنڌ سرڪار انڪوائري ٽربيونل ٺاھي جنھن جو ھاڻوڪو يا ريٽائرڊ جج سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو سربراهه ھجي ۽ انڪوائري ڪري پر ان تي عمل ڪونه ٿيو.
    چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻ، ملير ڊسٽرڪٽ وڃڻ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڃڻ جي اجازت ڪونه ڏني وئي. بھرحال، مجموعي طور دکدائڪ واقعي جي ڪري ميڊيا ان کي” 12 مئي ڇنڇر جو ڪارو ڏينھن” سڏيو ھو. ميڊيا اھو به لکيو ته ھڪ گڏيل جاچ ٽيم ٺاھي وئي جنھن کي رڳو ھڪ ڪم ڏنو ويو ته قتل ڪرڻ جي جاچ ڪري پر ان جي پٺيان ڪھڙو بيڪ گرائونڊ ھو تنھنجي اجازت ڪانه ڏني وئي. ظاھري طور اھا سازش جنرل پرويز مشرف سرڪار جي ھئي. بھرحال، اھو سوچڻ گهرجي ته بيڪ گرائونڊ معلوم ڪرڻ جي آخر ڇو نه اجازت ڏني وئي؟ لڳي ٿو ته اصل طاقت، جاچ واري معاملي کي دٻائڻ چاھي پيئي. گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا قتل ٿي ويا ھئا جنھن ۾ خاص طور عوامي نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ،پ) جا ماڻھو شامل ھئا. اھو قتلام، مين شارع فيصل، ويجهو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 12 مئي تي ٿيو. انھيءَ موقعي تي ڪيترا وڪيل يرغمال بڻايا ويا، ڪراچي ونگ عورت کي باهه ڏني وئي ڪراچي پھچڻ تي زوري چيف جسٽس کي گاڏيءَ ۾ ويھارڻ جي ناڪامياب ڪوشش به ڪئي وئي ھئي. ميڊيا اھا به خبر ڏني ته ڪراچيءَ ۾ پوليس کي بي ھٿيار ڪري رڳو لٺيون ڏنيون ويون ھيون، ڪراچي شھر جي ٿاڻن جا ھٿيار، مال خاني ۾ جمع ڪرايا ويا ھئا.
    قتلام جي باوجود صدر جنرل پرويز مشرف چواڻي: ايمرجنسي نه لڳائينداسون، عوامي طاقت آڏو جيڪو به ايندو، تڙجي ويندو. ٻئي طرف، اسلام آباد ۾ (ق) ليگ جو جنرل پرويز مشرف جي فائدي ۾ مظاھرو ۽ جلسو ڪيو ويو. بھرحال، اھو عام تاثر ھو ته انسانن جي تباھيءَ جي سوچ رکندڙ مشرف جي ناجائز ڪاررواين جي جي حمايت ۾ جلسو ڪيو ويو ھو.
    سوچڻ جي اصل ڳالھه اھا آھي ته 12 مئي 2007ع تي کوڙ انسان، ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيا ويا جن جي قتل ۾ جنرل مشرف جي حامي ايم ڪيو ايم جو مکيه ھٿ ھو. قتل کانپوءِ جنرل پرويز مشرف کليوکلايو تقرير ڪئي:”اھا اٿئو اسان جي طاقت.” افسوس سخت افسوس.ٻئي طرف، ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين، صدر پرويز مشرف جي حمايت ڪندي عجيب موقف اختيار ڪيو جنھن جو دليلن سان ڪو خاص واسطو ڪونه ھو. سندس چواڻي: الطاف حسين جي دعوى: “گو مشرف گو جو مقصد ٻيا جنرل آڻڻ چاھين ٿا.”
    ايم ڪيو ايم جي سربراهه خالد مقبول صديقي، ڪوئيٽا کان موٽي سنڌ جي شھر ميرپورخاص پھچي ريلي ڪڍي ۽ انھيءَ ۾ تقرير ڪندي دعوى ڪئي ته اسين سنڌ جو 60 سيڪڙو آھيون. بھرحال، سنڌ جي عوام خلاف سندن نفرت جو ڪاروبار جاري آھي.
    اھو سوچڻو آھي ته تازو ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي چواڻي 12 مئي تي اسان کي استعمال ڪيو ويو، معافي وٺون ٿا. سينيئر ليکڪ طور منھنجو تبصرو آھي تہ ايم ڪيو ايم جي سربراهه ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر خالد مقبول صديقيءَ مڃيو آھي ته وڏي پيماني تي بيگناهه انسان قتل ڪيا ويا،منھنجي خيال ۾ سندن سکڻي معافي نامنظور آھي. انھيءَ سلسلي ۾ انصاف جي ضرورت پوري ڪرڻ گهرجي، پاڻ کي قاتلن جي مڃتا ڪندڙن لاءِ سکڻي معافي قبول نٿي ڪري سگهجي، قاتلن کي معاف ڪرڻ وڏو ظلم ھوندو. تنھنڪري انصاف خاطر قاتلن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قانون موجب سزا ڏني وڃي.
    سنڌ ۾ وڏي پيماني تي قتلام کي اٽڪل 15 سال گذري ويا آھن ۽ انھن پنھنجو اھم ڏوهه تازو بلوچستان ۾ وڃي عوام آڏو مڃي معافي ورتي آھي؟ پر ڇو؟ هي انھن جو ناٽڪ آھي ته معافي وٺي عوام جي ھمدردي حاصل ڪجي. انھيءَ ڪري اھڙو خطرناڪ ناٽڪ رچايو ويو آھي. بھرحال، اھڙن قاتلن کي معاف ڪرڻ وڏو ظلم ھوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو