3مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    3 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    3مارچ 1707ع تي اورنگزيب عالمگير، مغل شهنشاهه جو وڇوڙو ٿيو.
    3 مارچ 1841ع تي مشھور عالمِ دين، صوفي بزرگ احمد يار خان مھر ولد عبدالغفار خان مھر ڳوٺ خان گڙهه ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
    3مارچ 1845ع تي فلوريڊا، آمريڪا جي 27هين رياست بڻجي وئي
    3 مارچ 1903ع تي بھترين شاعر ۽ اديب محمد خان غني ولد محمد دائود ميمڻ ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
    3 مارچ 1939ع تي سنڌ جي نالي واري ليکڪ فتاح ملڪ شھر پنو عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
    3 مارچ 1947ع تي مھتاب اڪبر راشدي، اصل نالو بدرالنساء ولد محمد عيسيٰ چنه نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون؛ محقق، ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ فنِ ثقافت علم ادب سان لاڳاپيل آهي.
    3 مارچ 1951ع تي اديب ڊاڪٽراشرف سمون جو جنم ڏينھن آهي.
    3 مارچ 1957ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عنايت ميمڻ اصل نالو عنايت الله ولد محمد يعقوب ميمڻ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    3 مارچ 1962ع تي سياستدان ۽ گورنر عشرت العباد خان جو جنم ڏينھن آهي.
    3 مارچ 1969ع تي صحافي منور شيخ جو جنم ڏينھن آهي.
    3 مارچ 1972ع تي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جو عھدو ختم ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جو عھدو مقرر ڪيو ويو.
    3مارچ 1974ع تي لوڪ ليکڪ، شاعر ۽ جديد ترڪمان ادب جو باني بردي محمدوف، جو وڇوڙو ٿيو.
    3مارچ 1974ع تي پئرس ۾ ترڪي جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿيو جنھن ۾ 346 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
    3 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر خاڪِي جاني بدين ۾ جنم ورتو.
    3 مارچ 1981ع تي شھزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شاديءَ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.
    3 مارچ 1982ع تي اردو جي نامور شاعر فراق گورکپوري جو وڇوڙو ٿيو.
    3 مارچ 1988ع تي شاعر احمد گل، اصل نالو احمد خان ولد حبيب الله سولنگي جي گهر ڳوٺ رحيم ڏنو سولنگي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
    3مارچ 2009ع تي لاهور ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ميچ کان اڳ لبرٽي اسڪوائر ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽرن کي دهشتگردن ، واقعي ۾ ٻه سريلنڪن مارجي ويا. هڪ رانديگر زخمي ۽ 6 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو