4 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    4 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    4 مارچ 1193ع تي سلطان صلاح الدين ايوبي جو وڇوڙو ٿيو.
    4 مارچ 1201ع تي مشھور مصنف ۽ ماهر نجوم، فلسفي خواجه نصير الدين طوسي جو جنم ڏينھن آهي.
    4 مارچ 1665ع تي برطانوي بادشاهه چارلس (ٻيو) هالينڊ سان جنگ جو اعلان ڪيو.
    4 مارچ 1789ع تي آمريڪا ۾ جمھوريت جو آغاز ٿيو.
    4 مارچ 1861ع تي ابراهيم لنڪن آمريڪا جو صدر بڻيو.
    4 مارچ 1940ع تي مشھور اديب مختلف ٻولين جو ماهر ۽ شاعر داد محمد ”خادم“ بروهي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
    4 مارچ 1953ع تي ڪينيڊا جو جيٽ جھاز ڪراچي ايئرپوريٽ تي ڪري تباهه ٿيو.
    4 مارچ 1945ع تي فن لينڊ، جرمني سان جنگ جو اعلان ڪيو.
    4 مارچ 1960ع تي ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري انيس انصاري جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    4 مارچ 1960ع تي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ احمد خان شيدا ابڙو لاڏاڻو ڪيو.
    4 مارچ 1975ع تي شاعر اسير اياز اصل نالو اياز حسين چنه راڌڻ اسٽيشن جي ويجهو جنم ورتو.
    4 مارچ 1987ع تي نوجوان شاعر ۽ نثر نويس بسمل - اصل نالو منصور احمد چانڊيو ولد سرمد چانڊيو جي گهر قنبر ۾ جنم ورتو.
    4 مارچ 1998ع تي سنڌ جي برک ڪھاڻيڪاره ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ وفات ڪئي.
    4 مارچ 2013ع تي نامياري سماج سڌارڪ ۽ انسانيت جي شيواڌار ڊاڪٽر هر چند راءِ عمر ڪوٽ ۾ پنھنجي گهر رين بسيرا ۾ وفات ڪئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو