5 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    5 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    5مارچ1824ع تي پهرين اينگلو، برمي جنگ.برطانيه رسمي طور تي جنگ شروع ڪئي.
    5 مارچ 1909ع تي سيد صبغت الله شاهه ثاني شھيد (پڳ ڌڻي) سورهيه بادشاهه ڇهون (پير پاڳارو) سنڌ جي تاريخ ۽ حُر تحريڪ جو عظيم اڳواڻ پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
    5 مارچ 1913ع تي حاجن شاهه ”هم وطن“ سيتائي ولد سيد فتح محمد شاهه ڳوٺ سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو. پاڻ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
    5 مارچ 1913ع تي هندستاني ڳائڻي، گنگو بائي هنگل جو جنم ٿيو.
    5 مارچ 1930ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي، اصل نالو محمد حسن ”محسن“ ولد فقير محمد چنا ميرانپور ٻرڙو ۾ جنم ورتو.
    5 مارچ 1944ع تي قومي شاعر راشد مورائي اصل نالو سيد راشد علي شاهه ولد سيد علي شاهه ”خادم“ ضلعي نوشھروفيروز ۾ پيدا ٿيو.
    5 مارچ 1951ع تي ايشين گيمز جو آغاز ٿيو.
    5 مارچ 1953ع تي روس جي سابق صدر جوزف اسٽالن جو وڇوڙو ٿيو.
    5 مارچ 1957ع تي زميندار ۽ سياستدان اعجاز جکراڻي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
    5 مارچ 1963ع تي اديب، شاعر، سماجي سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري ڳوٺ ڏيول ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
    5مارچ 1966ع تي روسي شاعره انا اخماتوا جو وڇوڙو ٿيو.
    5 مارچ 1977ع تي نوجوان ٽھيءَ جو شاعر عبدالحميد آس ٻٻر جوهيءَ ۾ جنم ورتو.
    5 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر، صحافي ۽ پبلشر ساجد سنڌي، محمد صادق جاگيراڻي جي گهر ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
    5 مارچ 1983ع تي شاعر مجيب سنڌي اصل نالو مجيب الرحمان ولد محمد حيات دوڙ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو.
    5 مارچ 1987ع تي تحريڪ آزادي جو ممتاز رهنما سينيٽر راحت سعيد چتاري جو وڇوڙو ٿيو.
    5 مارچ 1992ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق جو وڇوڙو ٿيو.
    5 مارچ 2012ع تي سنڌ جو قومي شاعر سرڪش سنڌي، اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي جي علي بحر قبرستان ۾ اٿس.
    5 مارچ 2017ع تي شاعر ۽ استاد عبدالرحمٰن عبد مغيري راهه رباني ورتي آخري آرامگاهه ميان لال ۾ اٿس.
    5 مارچ 2018ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي لاڏاڻو ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو