6 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    6مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    6 مارچ 1888ع تي فرانسيسي گورنر ليگارڊي، شھر جبوتي جو بنياد رکيو.
    6 مارچ 1933ع تي پھريون اقبال ڏينھن ملهايو ويو.
    6مارچ 1937ع تي روس جي پهرين خلا باز عورت، ويلنٽينا ٽيرشڪووا، جو جنم ڏينهن آهي.
    6 مارچ 1945ع تي ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا جي فوجن نوآبادين تي قبضو ڪيو.
    6 مارچ 1952ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر محمد امين ولد موليڏنو ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
    6مارچ 1957ع تي گانا، برطانيه کان آزادي حاصل ڪرڻ وارو پھريون ڏکڻ آفريڪي ملڪ بڻيو.
    6 مارچ 1959ع تي غزل گو شاعر اياز گل اصل نالو (اياز علي دل) سکر ۾ پيدا ٿيو.
    6 مارچ 1963ع تي شام ۾ فوجي انقلاب آيو.
    6 مارچ 1973ع تي آمريڪي نوبل يافته مصنف پرل بڪ جو وڇوڙو ٿيو.
    6 مارچ 1974ع تي پاڪستان ريڊ ڪراس سوسائٽي جو نالو تبديل ڪري هلال احمر رکيو ويو.
    6 مارچ 1978ع تي نوجوان ليکڪ ۽ ترجمي نگار خالد وسير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
    6 مارچ 1980ع تي آزاد انور ڪانڌڙو اصل نالو انور ڪانڌڙو ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، سڄاڻ صحافي، ليکڪ، مضمون نگار ۽ مقالا نگار اٿس.
    6مارچ 1987ع تي ايڪواڊور ۾ 7.0 جي شدت سان آيل زلزلي سبب 1000 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا، 4000 ماڻھو گم۽20000 هزار بي گهر ٿيا.
    6 مارچ 1990ع تي مشھور گلوڪاره مالا جو وڇوڙو ٿيو.
    6مارچ 1992ع تي مائيڪل اينجلو (ڪمپيوٽر وائرس) دنيا ۾ ڪمپيوٽر کي وائرس متاثر ڪرڻ شروع ڪيو.
    6 مارچ 2001ع تي ليکڪ ۽ شاعر انور ضياءَ عباسي جو وڇوڙو ٿيو.
    6 مارچ 2007ع تي سيد ڪامل شاهه جھانيان هي فاني جھان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. سندن آخري آرام گاهه درگاهه مانڌم سوڀو ديرو جي ويجهو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو