7 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. 7 مارچ 1844ع تي عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني ڳوٺ همايوني تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. 7 مارچ 1928ع تي محمد علي صديقي جو جنم ڏينھن آهي. 7 مارچ 1931ع تي مشھور شاعر سرجيت سنگهه جو جنم ڏينھن آهي. 7 مارچ 1950ع تي نالي وارو شاعر مير عبدالرسول مير گمبٽ ضلعي، خيرپور ۾ جنم ورتو. 7 مارچ 1952ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر ويوين رچرڊ جو جنم ڏينھن آهي. 7 مارچ 1955ع تي بالي ووڊ اداڪار انوپم کير جو جنم ڏينھن آهي. 7 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 7 مارچ 1981ع تي آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينھن آهي. 7 مارچ 1982ع تي صوبي سرحد جي اڳوڻي گورنر، ارباب سڪندر خان خليل کي قتل ڪيو ويو. 7 مارچ 1998ع تي سنڌ جو مشھور ترقي پسند اديب، شاعر صحافي ۽ بيباڪ سياستدان ڪامريڊ برڪت علي آزاد وفات ڪئي. 7 مارچ 1999ع تي مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو لاڏاڻو ٿيو. 7 مارچ 2000ع تي سياستدان بيگم طاهره آغا جو وڇوڙو ٿيو