سهڻا تون نه وڃ لاڙ-4 ( لاڙ جو رڻ )

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سهڻا تون نه وڃ لاڙ-4 ( لاڙ جو رڻ )​




    شوڪت حسين شورو

    1960ع جو ڏهاڪو لاڙ جي لاءِ وڏي بدقسمتي کڻي آيو. لاڙ، جنهن جو دارومدار گهڻو تڻو سارين جي فصل تي هوندو هو، ان تي گڏر جو اهڙو حملو ٿيو، جنهن فصلن پٺيان فصلن جا کنڌا کڻي ڇڏيا. ماڻهن تنگ ٿي زمينون آباد ڪرڻ ڇڏي ڏنيون، اهو لاڙ تي تمام ڏکيو وقت هو، هاري ته اڳي ئي غريب مسڪين، لاڙ جا وڏيرا به ڪنگال ٿي ويا. جنهن زمين جو اگهه پنج سئو رپيا في ايڪڙ هو، اها سئو ڏيڍ ۾ به وٺڻ لاءِ ڪير تيار ڪونه هو. لاڙ جي چانورن جون بهترين جنسون رتڙيا، ججئي، جيرائي، موتيا ۽ گنجا گڏر جي مرض ۾ وٺجي ختم ٿي ويون ۽ انهن جو نالو نشان ڪونه رهيو. نيٺ ٿائلينڊ مان چانورن جي هڪ جنس اري-6 گهرائي وئي، اري-6 تي گڏر جي حملي جو اثر ڪو نه ٿيو ۽ اها ڪامياب وئي. اري چانورن جي کائڻ ۾ اهو مزو ڪونهي، جيڪو لاڙ جي پنهنجين جنسن ۾ هو، پر زميندارن ۽ هارين سک جو ساهه کنيو، ڇو ته خالي تهن جي بدران فصل تيار ٿي لڻجڻ ته لڳو.

    1975ع ۾ سجاول-ٺٽي واري درياءُ جي پل جي ويجهو حڪومت طرفان ٺٽو شگر ملز ٺاهي وئي، ان کان پوءِ لاڙ جي قسمت ڄڻ ٻيهر چمڪي پئي. سڄو لاڙ ڪمند جي پوک ٿي ويو ۽ هڪ نئين خوشحالي جو دور شروع ٿيو، زمينن جا اگهه وڌي ويا. ٺٽي ضلعي ۾ درياءُ جي ٻنهي پاسي ميرپور ساڪري ۽ گهاري توڙي جاتي ۽ چوهڙ جمالي طرف سرڪاري زمينن جي کڻت معمولي اگهه ۾ کڻڻ جي لاءِ پنجابي آبادگار، ڪراچي جا سيٺيون، اتر جا ڀوتار ۽ وڏا ڪامورا ڪڙڪي پيا. مڪاني ماڻهن ۾ اڃا ايتري سگهه پيدا ڪانه ٿي هئي، ان ڪري غير آباد پيل سرڪاري ٻنيون سڀ ٻاهريان ماڻهو کڻي ويا. ڪمند سان گڏ ڪيلو به وڏي پيماني تي پوکجڻ لڳو، اڳتي هلي ڊيلٽا طرف پان ۽ ناريلن جا فارم به لڳي ويا. 1980ع جو ڏهاڪو لاڙ جي شاهوڪاريءَ ۽ اوج جو ڏهاڪو هو. ڪمند جي پوک ايتري وڌي وئي جو رڳو سجاول سب ڊويزن ۾ 3 شگر ملون ٺهي ويون. لاڙ جا وڏيرا، جيڪي اڳ ۾ وڌ ۾ وڌ وليس جيپ وٺڻ جهڙا هئا، سي هاڻي پجيرو جيپن ۾ ٺٺ سان گهمڻ لڳا.

    لاڙ جو اهو اوج 1990ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ گهٽجڻ شروع ٿيو، جڏهن سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿي. انڊس ڊيلٽا جي تباهي سان گڏ لاڙ جي زمينن کي به گهربل مقدار ۾ پاڻي ملڻ گهٽجي ويو. ڪيتريون ٻنيون پاڻي نه پهچڻ سبب غير آباد ٿي ڦٽي ڪلر ٿي ويون. لاڙ جي لاءِ ٻي وڏي مصيبت سم ناليون ثابت ٿيون، سم نالين سم ۽ ڪلر کي روڪڻ بدران مرڳو ان کي وڌائي ڇڏيو. ايل بي او ڊي (ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين) جهڙي ريت بدين ضلعي ۾ سم ۽ ڪلر کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي، ٻنيون تباهه ڪيون آهن، تيئن ٺٽي ضلعي ۽ خاص طور سجاول سب ڊويزن ۾ سم نالين هاڃا ڪري ڇڏيا آهن. سانوڻ جي مند ۾ برسات جو پاڻي سم نالين جي وسيلي نيڪال ته ڪونه ٿو ٿئي، پر سم نالين جي اٿلي پوڻ سبب فصلن سان گڏ زمينون به خراب ٿيو وڃن، نتيجي ۾ سم ۽ ڪلر هيڪاري وڌي ويا آهن، سبب اهو آهي ته سم نالين کي ٺاهڻ کانپوءِ اختياري وارن انهن کي وساري ڇڏيو آهي. کاٽي نه ٿيڻ سبب سم ناليون گپ گاري سان ٿرجي ويون آهن ۽ انهن ۾ پن ۽ ٻيو گاهه ڄمي ويو آهي، نه رڳو نالين جو وهڪرو بند ٿي ويو آهي، پر انهن ۾ پاڻيءَ جي مقدار کڻڻ جي سگهه به ختم ٿي وئي آهي، ان ڪري ٿوري به وڌيڪ پاڻي اچڻ سان اٿليو پون. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهن سم نالين جي کاٽي جي لاءِ هر سال جيڪي پئسا جاري ٿيندا آهن، سي سم نالين جي پيٽن کي صاف ڪرڻ جي بدران انجنيئرن جي پيٽن ۾ هليا ويندا آهن.

    ايل بي او ڊي جيڪا تباهي ڪئي آهي، ان ۾ شايد ڪا ڪسر رهجي وئي آهي، جيڪا هاڻي اربين رپين جي خرچ سان آر بي او ڊي ٺهرائي ڄامشوري ۽ ٺٽي جي ضلعن سان گڏ لاڙ کي آقي باقي تباهه ڪرڻ جي رٿا تي عمل شروع ڪيو ويو آهي.

    لاڙ جي ڪسمپرسي ڏسڻي هجي ته ان جي روڊن کي ڏسجي. روڊن جي حالت ايتري ابتر آهي جو انهن کي روڊ سڏڻ منهن جي پڪائي آهي. ٽنڊو محمد خان-سجاول روڊ شاهه ڪريم بلڙي تائين غنيمت آهي، پر ان کان سجاول تائين روڊ جو رڳو نالو وڃي بچيو آهي. اهو 39 ڪلوميٽر روڊ ڀڳل ٽٽل، اکڙيل، وڏا کڏا پئجي ويل آهي، جنهن تي آئل ٽئنڪر، ڳرا ٽريلر، ڪمند جي سيزن ۾ ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ٽرڪون هلن ٿيون، اهي وڏيون ۽ ٻيون ننڍيون گاڏيون ان نالي ماتر روڊ تي ڪيئن هلن ٿيون، سو ڊرائيورن جو ڪمال آهي، ان کان ته وڌيڪ بهتر ائين ٿيندو ته سڄي روڊ کي اکيڙي ڪچو رستو ٺاهي ڇڏجي. سنڌ حڪومت جي ورڪس کاتي کي ته شايد ياد ئي ڪونهي ته اهو به ڪڏهن ڪو روڊ هو! پر ڳالهه رڳو ان روڊ جي ڪانهي، سجاول کان چوهڙ جمالي ۽ جاتي وارن ٻنهي روڊن جي به اها حالت آهي. لڳي ٿو ڄڻ ورڪس کاتي قسم کڻي ڇڏيو آهي ته لاڙ ۾ روڊن کي هٿ به ناهي لاهڻو. حيرت اتان جي چونڊيل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي آهي ته هنن ڪڏهن دانهن ڪوڪ به ڪانه ڪئي آهي، پر اهي جڏهن لئنڊ ڪروزر گاڏين ۾ ويهي انهن روڊن تي سفر ڪندا هوندا ته کين روڊن جي تباهه حاليءَ جي ڪل ئي ڪا نه پوندي هوندي! هونءَ به سنڌ ۾ عوامي نمائندن کي عوام جي مسئلن کان وڌيڪ پنهنجن ذاتي مفادن جو فڪر هوندو آهي، ان ڪري رڳو لاڙ مان چونڊيل عوامي نمائندن تي ڪهڙي ميار! لاڙ ته هونءَ ئي سڄي ملڪ جي پوڇڙ ۾ هڪ وسريل، نظرانداز ٿيل، نڌڻڪو علائقو آهي. لاڙ جيڪڏهن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ختم ٿي ويو ته ان سان مملڪت خداداد پاڪستان تي ڪهڙو اثر پوندو! تڏهن ته چيو پيو وڃي ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ درياءُ ۾ جيڪو پاڻي وڃي ٿو، سو اجايو زيان آهي. جيڪڏهن اها ئي سوچ رهي ته ڪڇ جي رڻ وانگر ڪڏهن لاڙ جو رڻ به سڏجڻ ۾ ايندو! پوءِ ڪنهن ونيءَ کي اهو چوڻ جي ضرورت ڪانه رهندي ته؛

    ”سهڻا تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جهليندي سانءِ​
     
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سهڻا تون نه وڃ لاڙ-4 ( لاڙ جو رڻ )

    ادا تمام بهترين اسان پڻ لاڙ جا رهواسي آهيون
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سهڻا تون نه وڃ لاڙ-4 ( لاڙ جو رڻ )

    واه ادا واه تمام بهترين زبردست
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سهڻا تون نه وڃ لاڙ-4 ( لاڙ جو رڻ )

    تمام بهترين ونڊ۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو