8مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    8مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    8 مارچ 1884ع تي شاهه لطيف جي بيتن جو شارح هوتچند مولچند گربخشاڻي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
    8 مارچ 1897ع تي افغانستان جو رهنما جمال الدين افغاني جو وڇوڙو ٿيو.
    8 مارچ 1908ع تي قومي شاعر، بيباڪ صحافي محمود هالائي ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ نوان هالا ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
    8 مارچ 1921ع تي نامور فلمي نغمه نگار، ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينھن آهي.
    8مارچ 1930ع تي گانڌي، هندستان ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي.
    8 مارچ 1931ع تي پنجابي فلمن جي مشھور اداڪار يوسف خان جو جنم ڏينھن آهي.
    8 مارچ 1942ع تي سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو ڳوٺ ڪاٺيا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾ ڄائو.
    8مارچ 1942ع تي ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان، برما جي رنگون علائقي تي قبضو ڪري ورتو.
    8 مارچ 1945ع تي هند سنڌ جو ناميارو اديب، ڪھاڻيڪار، اخبار نويس ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڪنڊياري ۾ ڄائو.
    8 مارچ 1957ع تي گانا اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
    8 مارچ 1966ع تي شاعر ادل سولنگي ڳوٺ مھرابپور تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
    8 مارچ 1977ع تي مشھور افسانه نگار ڪرشن چندر جو وڇوڙو ٿيو.
    8 مارچ 1977ع تي ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نئين عمارت جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
    8مارچ 1977ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي،قومي اسيمبليءَ جي 200 سيٽن مان 155 سيٽون کٽيون.
    8 مارچ 1979ع تي عورتن جو عالمي ڏينھن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ نوٽيس ورتو 20 ڊسمبر 1999ع تي جنرل اسيمبلي عورتن جي متڀيد جي پڌرنامي تي صحيون ڪيون.
    8 مارچ 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ستار سندر اصل نالو عبدالستار مري ڳوٺ واحد بخش مري، نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
    8 مارچ 1983ع تي جڳ مشھور الغوزي نواز خميسو خان لاڏاڻو ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو